لبرل ازم، جنهن کي عصرِ جديد جي سياسي، سماجي ۽ فڪري بناوت جو هڪ مؤثر سرچشمو شمار ڪيو وڃي ٿو، سو فقط ڪنهن اصطلاح، نعري يا عارضي سياسي رجحان جو نالو ڪونهي، بلڪه اها هڪ طويل فڪري روايت آهي، جيڪا انساني ضمير جي بيداري، جبري نظامن سان مزاحمت، فڪري آزاديءَ جي طلب ۽ سياسي شعور جي ارتقا مان وجود ۾ آئي. جڏهن دنيا جا گهڻا معاشرا استبدادي سلطنتن، مذهبي اجاراداريءَ، جاگيردارانه استحصال ۽ عام رعيت جي بي اختياريءَ جي گهيري ۾ قيد هئا، تڏهن انساني شعور جي افق تي هي سوال نمودار ٿيڻ لڳو ته ڇا انسان محض فرمانبرداريءَ لاءِ خلقيو ويو آهي يا کيس فڪر، اظهار، انتخاب ۽ پنهنجي تقدير بابت راءِ قائم ڪرڻ جو پڻ استحقاق حاصل آهي؟ انهيءَ فڪري جستجوءَ جي تسلسل ۾، جيڪو نظريو آهستي آهستي جلوه گر ٿيو، تنهن کي بعد جي زمانن ۾ ”لبرل ازم“ جي نالي سان منسوب ڪيو ويو.
لفظ ”لبرل“ جي اصل نسبت لاطيني لفظ Liber سان آهي، جنهن جي معنوي روح ”آزادي“ سان وابسته آهي. انهيءَ بنياد تي لبرل ازم جو بنيادي محور انساني آزاديءَ جو تصور آهي، پر اها آزادي محض جسماني پابندين کان ڇوٽڪاري تائين محدود ڪانهي، بلڪه فڪر، عقيدي، سياست، معيشت، تعليم، اظهارِ خيال ۽ معاشرتي رويي جي ميدانن تائين وسيع آهي. هن فڪر موجب هر انسان کي پنهنجي ضمير مطابق سوچڻ، پنهنجي عقيدي تي قائم رهڻ، علم حاصل ڪرڻ، معاشي جدوجهد اختيار ڪرڻ ۽ زندگيءَ جي راهن بابت آزادانه فيصلو ڪرڻ جو حق حاصل هجڻ گهرجي، بشرطيڪ سندس عمل سان ڪنهن ٻئي جي حقن جي پامالي نه ٿئي.
جيڪڏهن لبرل ازم جي فڪري نسب نامي کي تاريخ جي آئيني ۾ پرکيو وڃي ته يورپ جي وچئين دور ڏانهن رجوع ڪرڻ لازم ٿيندو، جتي بادشاهن کي تقريباً الاھي اختيار حاصل هئا. حڪمرانن جي ارادي کي تقدير جي حڪم وانگر تسليم ڪيو ويندو هو، ۽ رعيت لاءِ حڪم عدولي بغاوت جي مترادف سمجهي ويندي هئي. عام ماڻهن کي نه سياسي اظهار جو اختيار حاصل هو، نه حڪومتي پاليسين بابت سوال ڪرڻ جي مجال. ان کان علاوه مذهبي ادارا، بالخصوص چرچ، عوامي زندگيءَ جي تقريباً هر پهلوءَ تي حاوي هئا. ماڻهو ڇا پڙهن، ڇا لکن، ڪهڙي راءِ قائم ڪن يا ڪهڙي فڪر کي اختيار ڪن، تنهن بابت سخت ضابطا مروج هئا. اختلافِ راءِ کي گمراهيءَ ۽ علمي آزاديءَ کي بغاوت جي اک سان ڏٺو ويندو هو.
پر تاريخ جي وهڪري ۾ جمود کي دوام نصيب ناهي ٿيندو. چوڏهين صديءَ جي لڳ ڀڳ يورپ ۾ هڪ فڪري ۽ علمي بيداريءَ جو آغاز ٿيو، جنهن کي “نشاةِ ثانيه” يا Renaissance جي عنوان سان ياد ڪيو وڃي ٿو. انهيءَ دور ۾ علم، فلسفي، سائنس ۽ عقل جي اهميت کي ازسرِنو تسليم ڪيو ويو. قديم يوناني فلاسافرن جي فڪر کي ٻيهر پڙهيو ويو، تحقيق ۽ استدلال جي راهه هموار ٿي، ۽ انساني ذهن روايتي پابندين کان مٿانهون ٿي سوال ڪرڻ لڳو. ماڻهو اهو سوچڻ تي مائل ٿيا ته ڇا حڪمرانن ۽ مذهبي ادارن جي هر راءِ کي بغير تدبر جي قبول ڪرڻ لازمي آهي؟ انهيءَ فڪري تحرڪ عقل جي بالادستي، دليل جي وقعت ۽ علمي آزاديءَ جي راهه کي هموار ڪيو.
انهيءَ کان پوءِ مذهبي اصلاحات جو زمانو آيو، جنهن دوران ڪيترن مفڪرن مذهبي اختيار جي غير محدود اجاراداريءَ بابت سوال اٿاريا. ماڻهن ۾ اهو شعور وڌڻ لڳو ته مذهب جو اصل مقصد روحاني رهنمائي ۽ اخلاقي تربيت آهي، نه انساني عقل کي پابندين جي زنجيرن ۾ جڪڙڻ. انهيءَ فڪري تحريڪ فرد جي ضمير، مذهبي برداشت ۽ فڪري آزاديءَ بابت نون مباحثن کي جنم ڏنو، جيڪي پوءِ لبرل فڪر جي تشڪيل ۾ اهم ڪردار ادا ڪرڻ لڳا.
سترهين ۽ ارڙهين صديءَ ۾ ”روشن خيالي (Enlightenment)“ جي فڪري لهر اڀري، جنهن لبرل ازم کي باقاعده نظرياتي بنياد عطا ڪيو. ڪيترن دانشورن اهو موقف اختيار ڪيو ته انسان کي فطري طور ڪجهه اهڙا بنيادي حق عطا ٿيل آهن، جن کي ڪو حڪمران، ادارو يا قوت سلب نٿي ڪري سگهي. انهن حقن ۾ جان، وقار، آزادي، ملڪيت ۽ اظهارِ خيال جا حق نمايان هئا. انهيءَ فڪر موجب حڪومت جو وجود رعيت جي خدمت ۽ تحفظ لاءِ آهي، نه جبر، استحصال يا خوف جي فضا قائم ڪرڻ لاءِ. جيڪڏهن حڪمران پنهنجي اختيارن جي حدن کان تجاوز ڪن ته عوام کي اخلاقي ۽ سياسي طور مزاحمت جو جواز حاصل رهي ٿو.
اهو فڪر جلد ئي سياسي دنيا تي گہرو اثرات مرتب ڪرڻ لڳو. جڏهن آمريڪي آبادگارن برطانوي تسلط خلاف آزاديءَ جي جدوجهد جو آغاز ڪيو، تڏهن فردي آزادي، نمائندگي ۽ بنيادي حقن جا نعرا سندن سياسي فڪر جو محور بڻيا. ان کان پوءِ فرانس ۾ به استبدادي بادشاهت جي خلاف انقلاب برپا ٿيو، جتي “آزادي، مساوات ۽ اخوت” جا نعرا بلند ٿيا. انهن سياسي تحريڪن دنيا کي اهو سبق ڏنو ته حڪومت عوامي رضامنديءَ جي بنياد تي قائم هئڻ گهرجي، قانون سڀني لاءِ يڪساں هجڻ گهرجي ۽ حڪمرانن کي احتساب جي دائري ۾ رهڻ لازم آهي. ائين لبرل ازم فقط فلسفياتي بحثن تائين محدود نه رهيو، پر عملي سياست ۽ رياستي نظامن جو پڻ جزو بڻجڻ لڳو.
لبرل فڪر جو هڪ بنيادي اصول ”فرد“ جي وقعت آهي. هن نظريي مطابق سماج جي تعمير جو مرڪزي محور فرد آهي، ۽ رياست جو فرض فرد جي حقن جي نگهباني ڪرڻ آهي، نه سندس ذاتي زندگيءَ ۾ بي جا مداخلت اختيار ڪرڻ. انهيءَ سبب لبرل سوچ اظهارِ راءِ جي آزادي، صحافت جي خودمختياري، مذهبي آزادي، تعليمي حقن ۽ سياسي شموليت کي بنيادي اهميت عطا ڪري ٿي. اهڙي معاشري ۾ شهري حڪومت تي تنقيد ڪرڻ، پنهنجا خيال ظاهر ڪرڻ ۽ آئيني ۽ قانوني طريقن سان تبديلي آڻڻ جو حق رکن ٿا.
اقتصادي ميدان ۾ پڻ لبرل ازم اهم تبديليون متعارف ڪرايون. ابتدائي دور ۾ هن فڪر واپار جي آزادي، خانگي ملڪيت جي تحفظ ۽ محدود حڪومتي مداخلت تي زور ڏنو. خيال اهو هو ته جيڪڏهن ماڻهن کي معاشي سرگرمين ۾ آزادي ڏني وڃي ته ترقيءَ جا دروازا کلي سگهن ٿا. البته صنعتي انقلاب کان پوءِ جڏهن سرمائي جي ارتڪا سبب معاشرتي تفاوت وڌيو، تڏهن جديد لبرل مفڪر انهيءَ ڳالهه جا قائل ٿيا ته رياست کي تعليم، صحت، مزدورن جي حقن ۽ سماجي تحفظ جي ذميواري به سنڀالڻي پوندي، جيئن آزاديءَ سان گڏ سماجي انصاف پڻ برقرار رهي.
بهرحال، لبرل ازم هميشه فڪري بحثن جو مرڪز رهيو آهي. ڪي حلقا ان کي انساني وقار، جمهوريت، رواداري ۽ ترقيءَ جو ضامن تصور ڪن ٿا، جڏهن ته ڪي ناقدين اهو موقف اختيار ڪن ٿا ته جيڪڏهن فردي آزاديءَ کي بي مهار وسعت ڏني وڃي ته معاشرتي قدر، اخلاقي ضابطا ۽ مذهبي روايتون ڪمزور ٿي سگهن ٿيون. بالخصوص مشرقي ۽ مذهبي معاشرن ۾ اهو بحث اڪثر جاري رهيو آهي ته لبرل ازم جا ڪهڙا اصول مقامي ثقافت ۽ روايتن سان هم آهنگ آهن، ۽ ڪهڙا پهلو فڪري يا سماجي تصادم جو سبب بڻجن ٿا.
جيڪڏهن تاريخ جي وسيع تناظر ۾ لبرل ازم جو جائزو ورتو وڃي ته اهو فڪر دراصل جبر، فڪري غلامي ۽ سماجي نابرابريءَ جي خلاف انساني شعور جي هڪ طويل جدوجهد جي علامت نظر اچي ٿو. ان جو بنيادي مقصد انسان کي عزت، آزادي، مساوات ۽ وقار سان زندگي گذارڻ جا موقعا فراهم ڪرڻ آهي. ساڳئي وقت اها حقيقت پڻ نظرانداز نٿي ڪري سگهجي ته هر سماج پنهنجي مذهبي ورثي، ثقافتي روايتن ۽ تاريخي تجربن جي روشنيءَ ۾ هن فڪر کي مختلف انداز سان سمجهندو رهيو آهي. تنهن ڪري لبرل ازم کي محض حمايت يا مخالفت جي جذباتي نگاهه سان نه، پر علم، تدبر، تاريخي شعور ۽ فڪري توازن جي ميز تي پرکڻ گهرجي، ڇو ته ڪنهن به نظريي جي صحيح سڃاڻپ تڏهن ممڪن ٿيندي آهي، جڏهن ان کي تعصب کان بالاتر ٿي عقل ۽ حقيقت جي روشنيءَ ۾ ڏٺو وڃي.