قسمت جو دروازو سڀ لاءِ کلندو، پر!

سڪندر چنو

دنيا جي تاريخ تلوارن، لشڪرن، جنگين ۽ خزانن بابت نه لکي ويندي آهي. ڪڏهن ڪڏهن قسمت به تاريخ کي عجيب موڙ ڏيئي وجهندي آهي. قسمت جي راڻي هر ماڻهوءَ تي مهربان نه هوندي آهي. قسمت جا دروازا سڀني لاءِ کلندا آهن پر انهن دروازن اندر اهي داخل ٿيندا آهن جنهن ۾ همٿ، چالاڪي، هنر، ڏاهپ ۽ وقت اندر فيصلا ڪرڻ جي صلاحيت موجود هوندي آهي. قسمت هر ماڻهوءَ کي زندگي ۾ موقعا ڏيندي آهي. پر ان مان فائدو يا لاڀ قسمت وارا ماڻهو حاصل ڪندا آهن. اهوئي سبب آهي جو دنيا هزارن بادشاهن ۽ حڪمرانن ۽ ظالمن کي ڏسي ورتو آهي

سو يقين هجڻ گهرجي ته وقت ۽ قسمت جي راڻي هر ماڻهو کي زندگي ۾ موقعو ڏيندي آهي پوءِ هڪڙا فائدو حاصل ڪندا آهن ۽ هڪڙا زندگيءَ ۾ رهجي ويندا آهن. قائد اعظم جو مثال اسان جي سامهون آهي هو هڪ چمڙا وڪرو ڪندڙ واپاري جو پٽ هو. جيڪو جهرڪن ۾ پيدا ٿيو. قسمت جو باز سندس ڪلهي تي ويٺل رهيو جيڪڏهن ٻئي عالمي جنگ نه لڳي ها ۽ برطانيا سامراج ڪمزور نه ٿئي ها ۽ هندو مسلم اختلاف پيدا نه ٿين ها ته پوءِ شايد پاڪستان جو وجود ۾ اچڻ به جلد ڪونه ٿئي ها. مگر قائداعظم وقت جي نبض ڏسي ورتي، سياسي حڪمت عملي جوڙي ورتي ۽ هڪ نئي مملڪت دنيا جي نقشي تي کڻي آيو. ان مان ظاهر ٿيو ته قسمت سندس جو ساٿ ڏنو. قيادت ان کي تاريخ ڪري ڇڏيو هاڻي جيستائين پاڪستان ملڪ آهي تيستائين قائد اعظم جي تصوير وارو نوٽ زنده رهندو. بنگلاديش جيان نه ٿيندو. جيئن شيخ مجيب الرحمٰن جي تصويرن جي بي حرمتي ڪئي وئي. شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت کان پوءِ جيڪڏهن صدر آصف زرداري پاڪستان کپي جو نعرو بلند نه ڪري ها ته اڄ پاڪستان ۽ سنڌ الائجي ڪٿي بيٺل هجي ها. قسمت جي راڻي زرداري جو پاسو جهلي بيهي رهي. جيڪڏهن زرداري پارٽي مان هٿ ڪڍي وڃي ها ته اڄ زرداري جو نالو به نه هجي ها.

بحرالحال اڄ پاڪستان جي سياست ۽ عالمي سفارتڪاري ۾ هڪ نئون بحث ڇڙيل آهي. فيلڊ مارشل حافظ سيد عاصم منير تي به قسمت جي راڻي مهرباني آهي. فيلڊ مارشل صرف پنهنجي رٽائرمينٽ کان هڪ ڏينهن اڳ آرمي چيف مقرر ٿيو. ۽ اهو موقعو اهڙو هو جو قسمت ڪنهن ٻئي تي به مهربان ٿي سگهي پئي پر وقت سر قسمت سندس دروازي تي حاضري ڀري ۽ ان کي قبول ڪيو ويو. ۽ ائين سيد عاصم منير آرمي چيف به ٿي ويو. فيلڊ مارشل به ٿي ويو ۽ چيف آف ڊفينس فورس به ٿي ويو. هڪ ڌڪ ۾ ٽي عهدا سندس جهولي ۾ قسمت وجهي ڇڏيا ورنه DG آئي ايس آئي طور رٽائر ٿي رهيو هو. جيڪو هڪ گمنام عهدو آهي. جڏهن سيد عاصم منير ڪمان سنڀالي ته ان وقت پاڪستان سياسي، معاشي، دهشت گردي جي خلفشارن ۾ مبتلا هو. سرحدن تي وڏو دٻاءُ موجود هو ۽ پاڪستان معاشي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل جيڪو اڄ به آهي. اڪيلائپ جو شڪار ۽ ملڪ اندروني ڪمزورين جي ور چڙهيل هو.

تازو صدر آصف علي زرداري فيلڊ مارشل جي ويزن جي تسلسل کي اڳتي وڌائيندي چيو آهي ته پي پي اسٽيبلشمينٽ سان گڏجي ملڪ کي هلائيندي ۽ هلائي رهي آهي. ۽ پيپلز پارٽي 1973 واري آئين مطابق ڪم ڪري رهي آهي. ۽ اڄ به فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جارحاڻي حڪمت عملي سان مگر خاموش جوڙي رهيو آهي. دهشت گردي سان مقابلو ٿي رهيو آهي. فيلڊ مارشل سيد عاصم منير پاڪستان جي عسڪري ساک کي بحال ڪندي ان هر ميدان ۾ پنهنجي موجودگي مڃائي ورتي آهي. اڄ صورتحال اهيا آهي جو دنيا جي ميڊيا پاڪستان کي خطي ۾ اهم رانديگر طور ڏسي رهي آهي. اڄ سڄي ڪردار ۾ فيلڊ مارشل سيد عاصم جي شخصيت نمايان طور نظر اچي ٿي. دنيا جون وڏيون فوجي طاقتون جيڪڏهن ڪنهن فوجي قيادت تي اعتماد جو اظهار ڪن ته ان جي پويان صرف طاقت نه ٿي هجي پر اعتماد، استحڪام ۽ بهترين حڪمت عملي هجي ٿي ۽ دنيا جا حلقا فيلڊ مارشل سيد عاصم منير کي اسٽرٽيجڪ مائينڊ جي نظرن ڏٺو وڃي ٿو. قسمت جي راڻي صرف ماڻهن يا شخصيتن تي مهربان نه ٿيندي آهي بلڪه پارٽين ۽ حڪومتن تي به مهربان ٿيندي آهي. اڄ ن ليگ تي به قسمت جي راڻي مهربان آهي. ن ليگ کي اقتدار مليو طاقتور مقتدرن پاران حمايت ملي.

پر سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ن ليگ حڪومت عوام کي ڪهڙو رليف ڏنو آهي؟ جنگ ايران ۾ تيل پاڪستان ۾ مهانگو ڪيو ويو آهي. ڇا پاڪستان ۾ مهانگائي گهٽ ٿي آهي؟ ڇا پاڪستان جي نوجوانن مان مايوسي گهٽ ٿي آهي؟ ڇا عام ماڻهوءَ جي زندگي آسان ٿي آهي؟ اڄ پاڪستان جو عوام مهنگائي، بيروزگاري، مهانگي بجلي، گئس ۽ وڌندڙ ٽيڪسن جي ڳري پٿر هيٺيان دٻجي ويو آهي. جڏهن ته ٿيڻ ته ائين گهربو هو ته ن ليگ حڪومت عوام لاءِ آسانيون پيدا ڪري ها مگر ن ليگ حڪومت عوام کي تڪليفن جي ڌٻڻ ۾ ڦاسائي ڇڏيو آهي ۽ نا اهل ۽ نڀاڳي حڪومت ڏينهون ڏينهن ثابت ٿي رهي آهي. پاڪستان لاءِ قسمت پنهنجا دروازا ته کوليا مگر حڪومت جي گدلي حڪمراني ۽ نا اهل سوچ ۽ حڪومت جي ڪمزورين ان موقعي کي عوامي مايوسي ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي. جيترو پاڪستان جو عوام موجوده حڪومت مان مايوس آهي شايد آفريڪا جي ڪرپٽ ۽ غريب ملڪ ايٿوپيا جو عوام به ناهي. پاڪستان جي عسڪري قيادت پنهنجي ڪاميابين مٿان پاڻي ڦيري ڇڏيو آهي. هن وقت عوام بدترين معاشي دٻاءَ ۾ زندگي گذاري رهيو آهي. جيستائين بجلي ۽ گئس جون قيمتون گهٽ سطح تي نه آنديون وينديون تيستائين گئس ۽ بجلي جي چوري گهٽ ڪونه ٿيندي. آخرڪار ڪيترو ۽ ڪيستائين رياست استحڪام کي ڪمزور حڪمراني جي سهاري هلايو ويندو؟ ڇا تاريخ جو اصول وڏو ۽ واضح ناهي ته قسمت هميشه به ساٿ ناهي ڏيندي. وقت باربار دروازو ناهي کلندو. جيڪي قومون ۽ قيادتون موقع کي وڃائي ويهنديون آهن. اهي صرف تاريخ جي ڪتابن افسوس جا باب بڻجندي رهجي ويندا آهن. اڄ پاڪستان به هڪ ڀيرو ٻيهر تاريخ جي نازڪ موڙ تي بيٺل آهي.

هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته قسمت جو دروازو سڀني لاءِ کلي ٿو يا صرف چند ماڻهن لاءِ. ڪاش! اڄ قسمت جي راڻي پي پي تي مهربان هجي ها جيترو ن ليگ تي آهي. وزيراعظم بلاول ڀٽو زرداري هجي ها ۽ فيلڊ مارشل پي پي جو سهڪاري هجي ها ته اڄ پاڪستان جو پس منظر ڪجهه ٻيو هجي ها. اڄ ملڪ معاشي طور خوشحال هجي ها ۽ پاڪستان ايران کان گئس ۽ بجلي خريد ڪري ملڪ جي عوام کي مهنگائي جي ڌٻڻ مان ڪڍي وڃي ها. سو بحرالحال دير آيد درست آيد. اڃان به وقت هٿن مان ويو ناهي. تازو صدر زرداري وري به وزير داخله سنڌ ضياء لنجار پاران ڏنل دعوت ۾ شرڪت ڪئي ۽ اڻ سڌيءَ طرح ضياء لنجار کي عيد مبارڪ ڏيڻ جو هڪ بهانو هيو. ڪجهه دوست صحافين جو خيال آهي ته ڪجهه مهينا اڳ وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه ۽ ضيا لنجار وچ ۾ جيڪا تون مان تون ڇا ٿي هئي زرداري جو مورو اچڻ ان ڳالهه جو تسلسل آهي ۽ وزيراعليٰ سنڌ کي پيغام ڏنو ويو ته هو صدر زرداري کي عيد مبارڪ ڏيڻ نواب شاهه ياترا ڪري ٿو جڏهن ته صدر زرداري ضياء لنجار کي سنڌ حڪومت کي پيغام ڏنو ويو ته لنجار جو پلڙو وزندار آهي پر آءُ ان ڳالهه کي مڃڻ کان انڪاري آهيان. صدر زرداري مورو جي ياترا اهو مقصد لنجار مخالفن کي پيغام ڏنو ويو ته لنجار سان وڙهڻ لاءِ پهريون سوچيو وڃي. هي پيغام خاص ڪري جتوئي خاندان لاءِ هو سو قسمت جو دروازو لنجار لاءِ بدستور کليل آهي. ساڳيو دروازو لاڙڪاڻي جي ڪجهه سياسي خاندانن لاءِ به کليل آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.