ڪويت پاران ايراني حملن جي مذمت، سخت ڪارروائي جو اعلان

ڪويت سٽي (ويب ڊيسڪ) ڪويت ايراني حملن جي سخت مذمت ڪندي انهن کي سنگين، خطرناڪ ۽ بار بار ٿيندڙ جارحيت قرار ڏنو آهي.
ڪويتي پرڏيهي وزارت ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته ايراني حملا ملڪ جي سلامتي ۽ استحڪام تي سڌو سنئون حملو آهن.
بيان موجب، ايراني ڪارروائيون بين الاقوامي قانونن، گڏيل قومن جي چارٽر ۽ سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن جي کلي ڀڃڪڙي آهن.
ڪويت جو چوڻ آهي ته انهن حملن سان نه رڳو ملڪي سلامتي خطري ۾ پئجي وئي آهي، پر شهرين ۽ اهم ٿاڪن جي حفاظت به داءُ تي لڳي وئي آهي.
بيان ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ايران جا اهي قدم خطي ۾ ڇڪتاڻ وڌائڻ جو سبب بڻجي سگهن ٿا ۽ ان جا سنگين نتيجا نڪري سگهن ٿا.
ڪويتي پرڏيهي وزارت واضح ڪيو ته رياست کي پنهنجي خودمختياري، سلامتي ۽ سرحدن جي دفاع لاءِ ضروري قدم کڻڻ جو مڪمل حق حاصل آهي.
ڪويت ايراني حملن جي سموري ذميواري تهران تي لاڳو ڪندي چيو ته هو انهن جارحاڻي ڪارروائين جو جواب ڏيڻ لاءِ مناسب فيصلا محفوظ رکي ٿو.
هي بيان اهڙي وقت ۾ سامهون آيو آهي جڏهن ايران جي پاسدارانِ انقلاب دعويٰ ڪئي آهي ته هن هڪ اهڙي فوجي اڏي کي نشانو بڻايو آهي، جيڪو مبينا طور تي ايران جي ”سيرڪ“ ٻيٽ تي حملي لاءِ استعمال ڪيو ويو هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.