اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته 2 جون کان ملڪ جي اترين علائقن ۾ آنڌاري، گجگوڙ ۽ کنوڻ برساتن جو سلسلو شروع ٿيڻ جو امڪان آهي، جيڪو 5 جون تائين جاري رهي سگهي ٿو.
موسميات کاتي موجب، اولهندي هوائن جو هڪ سلسلو ملڪ جي مٿانهين علائقن ۾ داخل ٿيڻ جو امڪان آهي.
موسميات کاتي موجب، پنجاب ۽ اسلام آباد ۾ مختلف هنڌن تي طوفان ۽ گجگوڙ سان گڏ برسات ٿي سگهي ٿي.
موسميات کاتي آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ به برسات، طوفان ۽ گجگوڙ سان گڏ ڪجهه هنڌن تي تيز مينهن ۽ ڳڙي جي اڳڪٿي ڪئي آهي.
آزاد ڪشمير ۾ 2 جون کان 5 جون تائين نيلم، مظفرآباد، راولاڪوٽ، پونڇ، هٽيان بالا، باغ، حويلي، سڌنوتي، ڪوٽلي، ڀمبر ۽ ميرپور ۾ گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي.
گلگت بلتستان ۾ 4 جون کان 6 جون جي دوران ديامر، استور، غذر، اسڪردو، هنزه، گلگت، گانڇي ۽ شگر ۾ وقفي وقفي سان برسات ۽ گجگوڙ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي.
موسميات کاتي موجب، خيبر پختونخواهه جي ضلعن دير، چترال، سوات، ڪوهستان، ملاڪنڊ، باجوڙ، شانگلا، بٽگرام، بونير، ڪوهاٽ، بنون، ڊيرا اسماعيل خان، مهمند، خيبر، وزيرستان، اورڪزئي، مانسهرا، ايبٽ آباد، هريپور، پشاور، مردان، هنگو ۽ ڪرم ۾ 2 جون کان 5 جون تائين وقفي وقفي سان برسات جو امڪان آهي.
موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته سنڌ جي اترين ضلعن سکر، لاڙڪاڻو، جيڪب آباد، خيرپور، دادو، گهوٽڪي، ڪشمور، شڪارپور ۽ شهيد بينظير آباد ۾ 2 جون کان 4 جون تائين آنڌاري ۽ گجگوڙ ۽ کنوڻ سان گڏ برسات جو امڪان آهي.
ان کانسواءِ بلوچستان جي اترين وارن علائقن ڪوئيٽا، زوب، شيراني، زيارت، چمن، قلعه عبدالله، قلعه سيف الله، بارکان ۽ ڊيرا بگٽي ۾ پڻ 2 جون کان 4 جون تائين طوفاني برسات متوقع آهي.
موسميات کاتي خبردار ڪيو آهي ته هي موسمي سسٽم ڪمزور ۽ زبون حال عمارتن کي نقصان پهچائي سگهي ٿو، جڏهن ته 3 جون کان 6 جون جي دوران خيبرپختونخواهه، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير جي حساس علائقن ۾ لينڊ سلائيڊنگ جو به خطرو موجود آهي.
موسميات کاتي آبادگارن کي مشورو ڏنو آهي ته هو موسمي صورتحال موجب پنهنجي فصلن جا انتظام ڪن، جڏهن ته سياحن کي به محتاط رهڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.
ايڊوائزري ۾ لاڳاپيل ادارن کي به الرٽ رهڻ ۽ ڪنهن به هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ ضروري حفاظتي قدم يقيني بنائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.