ايران-آمريڪا لڳاتار ڇڪتاڻ، آبنائي هرمز ۽ بدلجندڙ عالمي سياسي منظرنامو

خدابخش بروھي

وچ اوڀر هڪ ڀيرو ٻيهر عالمي سياست جي مرڪز ۾ اچي ويو آهي، جتي ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ نه رڳو علائقائي سلامتي پر عالمي معيشت ۽ واپار لاءِ پڻ ڳڻتي جو سبب بڻجي رهي آهي. تازين ڏينهن ۾ ٻنهي ملڪن جي بيانن، فوجي سرگرمين ۽ سفارتي رابطن مان ظاهر ٿئي ٿو ته هڪ پاسي ڳالهين جا دروازا کليل آهن ته ٻئي پاسي تڪرار جا امڪان به برقرار آهن.

ايران جي سپريم ليڊر جي صلاحڪار محسن رضائي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ تي سخت تنقيد ڪندي الزام هنيو آهي ته هو ٽئين ڀيري به ايران سان واعدي خلافي ڪري رهيو آهي. سندس چوڻ آھي ته آمريڪا هڪ طرف ايران تي سامونڊي دٻاءُ برقرار رکيو ويٺو آهي ۽ ٻي طرف ڳالهين دوران اهڙا شرط مڙهي رهيو آهي جيڪي سفارتڪاري جي اصولن جي ابتڙ آهن. ايراني قيادت جو موقف آهي ته واشنگٽن جي پاليسي ڳالهين بدران دٻاءُ ۽ سياسي فائدي حاصل ڪرڻ تي ٻڌل آهي.

ٻئي طرف آمريڪي وزير دفاع پيٽ هيگسيٿ واضح ڪيو آهي ته جيڪڏهن ايران سان ڪو قابل قبول معاهدو نه ٿيو ته آمريڪا فوجي ڪارروائي لاءِ مڪمل تياري رکي ٿو.جيڪو ٻه ٽي ڏينھن اڳ امريڪي صدر جي ڏنل  بيان جي برعڪس آھي سندس بيان مان اهو تاثر ملي ٿو ته واشنگٽن سفارتڪاري کي ترجيح ڏيڻ جي ڳالهھ ڪري رھيو آھي ٻئي پاسي    طاقت جي استعمال جو اختيار به پنهنجي هٿ ۾ رکڻ چاهي ٿو. آمريڪا جو بنيادي مطالبو اهو آهي ته ايران ڪنهن به صورت ۾ جوهري هٿيار حاصل نه ڪري.

هن تڪرار جو سڀ کان اهم پاسو آبنائي هرمز آهي، جيڪو دنيا جي اهم ترين سامونڊي واپاري گذرگاهن مان هڪ آهي. ايران جي سرڪاري ذريعن موجب مجوزه معاهدي سان تهران کي هن گذرگاه مان ٿيندڙ سامونڊي آمدرفت تي وڌيڪ اختيار حاصل ٿي سگهي ٿو. ايراني فوجي قيادت به آبنائي هرمز تي پنهنجي اثر رسوخ جو عزم  ڪندي واپاري ۽ فوجي جهازن کي مقرر ضابطن جي پابندي ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.

آبنائي هرمز جي اهميت رڳو ايران يا خليجي ملڪن تائين محدود ناهي، پر عالمي توانائي جي فراهمي جو وڏو حصو به هن رستي سان ڳنڍيل آهي. انهيءَ ڪري جيڪڏهن هتي ڪنهن به قسم جي رڪاوٽ پيدا ٿئي ٿي ته ان جا اثر تيل جي قيمتن، عالمي واپار ۽ بين الاقوامي معيشت تي سڌي ريت پوندا. قطر پاران آبنائي هرمز تي مستقل لنگھه فيس لاڳو ڪرڻ واري تجويز کي رد ڪرڻ به ان ڳالهھ جو ثبوت آهي ته علائقائي ملڪ هن رستي کي عالمي واپار لاءِ کليل رکڻ جا خواهشمند آهن.

ساڳئي وقت فوجي ميدان ۾ به صورتحال ڇڪتاڻ واري نظر اچي رهي آهي. ايران دعويٰ ڪئي آهي ته سندس فضائي دفاعي نظام هڪ اهڙو بنا پائلٽ جهاز تباه ڪيو آهي جيڪو آمريڪا ۽ اسرائيل سان لاڳاپيل هو. ٻئي طرف آمريڪي مرڪزي فوجي ڪمانڊ جو چوڻ آهي ته هن هڪ اهڙي بحري جهاز کي نشانو بڻايو آھي جيڪو ايران ڏانهن وڌي رهيو هو ۽ آمريڪي پابندين کي ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو.

بلومبرگ جي رپورٽ موجب ڪويت جي هڪ هوائي اڏي تي ايراني ميزائل حملي کانپوءِ ڪيترائي آمريڪي فوجي معمولي زخمي ٿيا ۽ ٻه حملا آور بنا پائلٽ جهاز به متاثر ٿيا. جيڪڏهن اهي رپورٽون صحيح ثابت ٿين ٿيون ته اهو واضح اشارو هوندو ته علائقو اڻ سڌي فوجي مقابلي جي نئين مرحلي ۾ داخل ٿي رهيو آهي.

انهيءَ سموري صورتحال ۾ پاڪستان جو نالو به وڏي اهميت سان سامهون آيو آهي. آمريڪي وزير دفاع پيٽ هيگسيٿ پاڪستان کي آمريڪا جو مخلص دوست قرار ڏيندي وزيراعظم شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل عاصم منير جي ڪردار کي ساراهيو آهي. سندس مطابق پاڪستان ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ امن ڳالهين کي اڳتي وڌائڻ لاءِ مثبت ڪوششون ڪري رهيو آهي. جيڪڏهن پاڪستان واقعي ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ اعتماد سازي ۾ ڪامياب ٿئي ٿو ته اهو نه رڳو علائقائي امن لاءِ اهم هوندو، پر پاڪستان جي سفارتي حيثيت کي به وڌيڪ مضبوط بڻائيندو.

ان دوران آمريڪا جي نظر رڳو ايران تائين محدود ناهي. پيٽ هيگسيٿ چين جي فوجي توسيع بابت به ڳڻتي ظاهر ڪندي ايشيائي اتحادي ملڪن تي زور ڏنو آهي ته هو پنهنجي دفاعي صلاحيتن ۾ اضافو ڪن. سندس چوڻ هو ته "مفت تحفظ جو دور ختم ٿي چڪو آهي” ۽ هاڻي هر ملڪ کي پنهنجي سلامتي لاءِ وڌيڪ ذميواري کڻڻي پوندي.

مجموعي طور تي موجوده صورتحال اهو ظاهر ڪري ٿو ته دنيا هڪ نازڪ مرحلي مان گذري رهي آهي. ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ معاهدو ٿي وڃي ته وچ اوڀر ۾ ڇڪتاڻ گهٽجي سگهي ٿي ۽ عالمي معيشت کي به استحڪام ملي سگهي ٿو. پر جيڪڏهن ڳالهين ناڪام ٿيون ته آبنائي هرمز، خليج عمان ۽ سڄو وچ اوڀر هڪ نئين بحران جي ور چڙهي سگهي ٿو. اهڙي صورتحال ۾ سفارتڪاري، بردباري ۽ سياسي تدبر ئي اهي ذريعا آهن جيڪي دنيا کي هڪ وڏي تڪرار کان بچائي سگهن ٿا.جنھن لاء پاڪستان ھرممڪن ڪوشش ڪري رھيو آھي جيئن انساني جانيون بچائي دنيا کي معاشي بحران مان ھمڪنار ڪري سگھجي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.