ڪرڪيٽ قانونن ۾ وڏي تبديلي، آءِ سي سي منظوري ڏئي ڇڏي
احمد آباد (ويب ڊيسڪ) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) ڪرڪيٽ قانونن ۾ وڏين تبديلين جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ڀارت ۾ ٿيل آءِ سي سي بورڊ جي اجلاس ۾ ڪرڪيٽ جا قانون، وومينز ڪرڪيٽ ۽ ڪرڪيٽ ڪئناڊا بابت اهم فيصلا ڪيا ويا.
اجلاس ۾ ڪيترن ئي اهم فيصلن جي منظوري ڏني وئي.
جاري ڪيل پڌرائيءَ موجب، آءِ سي سي جي نئين قانون موجب، ٽيسٽ ميچن ۾ گڏيل رضامندي سان گلابي بال (پِنڪ بال) استعمال ڪري سگهجي ٿي.
شڪي بالنگ ايڪشن جي جائزي دوران امپائرن کي ”هاڪ آءِ“ڊيٽا تائين رسائي جي منظوري ڏني وئي آهي.
اجلاس ۾ ليگ سائيڊ وائيڊ جي آزمائشي قانون کي مستقل طور تي لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، جڏهن ته وومينز چيمپئنز ٽرافي 2027 جون-جولاءِ جي بدران 14 کان 28 فيبروري تي ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
آءِ سي سي بي ضابطگين تي ڪرڪيٽ ڪئناڊا جي رڪنيت معطل ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته ڪئناڊا جون قومي ٽيمون معطلي دوران به آءِ سي سي ايونٽس ۾ شرڪت ڪرڻ جي اهل رهنديون.
اجلاس دوران آءِ سي سي بورڊ فرنچائز ڪرڪيٽ جي وڌندڙ پکيڙ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو.
پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته آءِ سي سي بورڊ جا ٻه نمائندا بنگلاديش جو دورو ڪندا، جتي اهي بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ جي چونڊ عمل سميت اتان جي صورتحال بابت اسٽيڪ هولڊرز سان ڳالهه ٻول ڪندا.