لاڙ ۾ ٿيل لطيفي رهاڻ جو احوال

تحرير: حاڪم منگي

مُلان! ڪوهُ مارِيِن؟ کارِين کُٿابِيَنِ کي،

وَرَقَ جي وِصال جا، سي پَنا نه پارِين،

سا سِٽَ نه سيکارِين، جِنهِن ۾ پَسَڻُ پِرِينءَ جو.

لطيف

تازو 8 نومبر 2024 ع تي لاڙ جي مختلف، مشهور ۽ تاريخي ماڳن جو درشن ڪرڻ لاءِ 13 دوست، عبدالستار منگي ، عزيز بروهي،  لياقت ڪلهوڙو ، مسعود منگي، انور ڏنگڙائي، تاج علي جوڻيجو، زبير جتوئي، صابر زهراڻي، الهڏتو عرف اي ڊي ٽاٽڙي، امام دين ٽاٽڙي، خادم جکرو، سائين ڌڻي بخش بروهي ۽ مير محمد ٽاٽڙي، لاڙڪاڻو، باڊھ، ڏوڪري، ڏنگڙو، جکرا ۽ ٽاٽڙي کان ويگن ذريعي صبح جو سويل اٺين وڳي اتان سنبري نڪتا هئا. منجهند جو حيدر آباد پهتا، جتان رفيق آزاد منگي ۽ مان (حاڪم منگي) سنڌي لئنگوينج  اٿارٽي تي هنن سان جڙيا سين. سان. سج لڙيي  تعلقو فاضل راهو ضلعو بدين جي کور واھ لڳ ڳوٺ صالح محمد درس، لطيف سائين جي عاشقن وٽ پهتاسين. پوڙهي فقير (جنهن جو اصل نالو پير ڏنو آهي)، جي دعوت تي سندس اوطاق تي پهتا هياسين. مانائتي انداز سان اسان جو استقبال ڪيو ويو. اوطاق جي ويڪري اڱڻ تي مٿان شاميانو ۽ پاسن کان وڻندڙ ڪناتون کڙيون ڪري، اسٽيج واري پاسي سامهون ڪناتن تي خوبصورت ٽُڪَ جون رليون سجائي تقريب کي ثقافتي ويس ڍڪايو ويو هو. بينر جي کوٽ پوري ڪرڻ لاءِ وڏن ڊرائنگ پيپرس تي مارڪر پين سان ” لطيفي رهاڻ” "اسين سنڌوءَ جا وارث آهيون” ۽ "انتهاپسنديءَ کان آجي سنڌ” لکي ڪري سامهون اسٽيج تي سجايا ويا هئا. رهاڻ لاءِ پهتل سئو کان وڌيڪ ماڻهن اڳتي وڌي اسان کي  ڀليڪار ڪيو ۽ اچي هر هڪ سان محبت ڀرئي انداز سان مليا. هن پروقار محفل ۾ سڀني جي ويهڻ کان پوءِ تعارف ڪرايو ويو، ڪجهھ ڳوٺ جا ته ڪي وري آسپاس جي ڳوٺن ۽ شهرن کان پروگرام جو ٻڌي ڪهي آيا هئا، ته ڪن کي ڪوٺ ڏئي گهرايو ويو هو.

پوءِ لطيفي رهاڻ جي باضابطه شروعات ٿي، اسٽيج سيڪريٽري جا فرض ميزبان دوست خليل احمد درس سنڀاليندي پنڊال ۾ شريڪ ماڻهن کي ڀليڪار ڪيو ۽ پوءِ لطيف سائينءَ جا بيت ۽ وايون پيش ڪرڻ جي دعوت ڏني. اسان کي تمام گهڻي خوشگوار حيرت ۽ خوشي ٿي ته هن رهاڻ ۾ بظاهر سادڙو نظر ايندڙ دوستن لطيف سائين جا سوين بيت ڏاڍي محبت، صحيح تلفظ ۽ اُچار جي پڙهيا، ته ڪن وايون ڳائي ٻڌايون. لطيف سائينءَ شاعريءَ ۾ جن ڪردارن جي چونڊ ڪئي آهي تن مان اڪثريت لاڙ جي علائقي سان واسطو رکندڙ آهن. لطيف سائينءَ جو ڪمال اهو آهي ته جنهن علائقي جا ڪردار آهن ته ٻولي ۽ ٻوليءَ جو لهجو  به اتان جو نهايت خوبصورت انداز سان استعمال ڪيو اٿس. لطيفي رهاڻ ۾ هن علائقي (لاڙ) سان تعلق رکندڙ دوست جڏهن لطيف سائين جي شاعري پيش ڪن پيا ته سندن ٻوليءَ جو لهجو حقيقي، وڻندڙ ۽ شاعريءَ جي حسن کي خوبصورت بڻائي رهيو هو.

رهاڻ ۾ لطيف سائينءَ کان علاوه ابراهيم منشي، آڪاش انصاري ۽ ٻين شاعرن کي به پڙهيو ويو ته سندن قومي گيت پڻ ڳائي محفل کي مچايو ويو. وڏن سان گڏ ننڍن ٻارڙن پڻ ڪيترائي لطيف سائين جا بيت پڙهيا، جنهن تي محفل ۾ موجود ماڻهن کين زبردست داد ڏنو. رهاڻ ۾ نامياري شاعر ۽ ڪلاڪار ابراهيم منشي جو ڀاڻج غلام محمد آزاد به موجود هو جنهن پنهنجي مامي جا ڪيترائي قومي گيت پيش ڪيا. غلام محمد آزاد بابت چيائون پئي پاڻ به شاعر آهي، پر گهڻي اصرار  ۽ فرمائش جي باوجود هو پنهنجي شاعري اهو چئي پڙهڻ کان نٽائي ته کيس پنهنجي شاعري ياد ناهي. جن دوستن رهاڻ ۾ لطيف رنگ پيش ڪيو انهن ۾ ميان مير چانڊيو (هي دوست پاڻ به ناميارو شاعر آهي) نظير احمد لنڊاڻ، سراج لطيف درس، دوست عبدالشڪور، خليل احمد درس، غلام شبير، حاجي خان، ضامن علي لغاري، پوڙهو فقير (ميزبان دوست) ۽ هڪ ننڍڙي نياڻي عروج خليل درس جا نالا ياد اچن ٿا.

ان موقعي تي اسانجي سفر ۾ ساٿي نامياري لطيف جي پارکو انور ڏنگڙائيءَ لطيف سائين جا ڪيترائي بيت معنيٰ ۽ تشريح سان پيش ڪيا، جنهن تي رهاڻ ۾ موجود ماڻهن ان انداز کي تمام گهڻو پسند ڪيو. رهاڻ ۾ نه رڳو بيت پڙهيا ويا، پر بيتن جي معنيٰ تي پڻ گرما گرم بحث پڻ ٿيو. لطيف سائينءَ جي بيتن جي معنيٰ وقت هر بيت کي عقيدي پرستيءَ ۽ مذهبي عينڪ سان ڏسڻ واري  رجحان، يا اهو چوڻ ته” شاھ جو رسالو” قرآن شريف جو ترجمو آهي، تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ٿي. لطيف سائينءَ جو پارکو اسان جي سفر جو ساٿي انور ڏنگڙائي هن لطيفي ڪچهريءَ ۾ ان بحث دوران ڪيترائي بيت دليل طور پيش ڪري اهڙي رجحان ۽ خيال کي رد ڪيو.

ڪچهري ۾ سنڌ جي ٻرندڙ سياسي سماجي معاشي مسئلن، ڪارپوريٽ فارمنگ، سنڌو درياهه مان نوان ڪئنال ڪڍڻ ،سنڌ جا تعليمي مسئلا ، امن امان ۽ مذهبي انتهاپسندي جي مسئلن تي به تمام سٺي ماحول ۾ خيالن جو اظهار ڪيو ويو. مختلف سنڌي ٽي وي چيئنلن پاران رهاڻ جون رپورٽون ٺاهيون پئي ويون، ۽ مک ماڻهن جو موقف رڪارڊ پڻ ڪيو پئي ويو. رات دير تائين لطيفي رهاڻ جاري رهي. سمنڊ ويجهو هجڻ ڪري رات جو گِهم تمام گهڻي وڌيل هئي، ۽ هلڪي سيءَ جو احساس پئي ٿيو. مٿان شامياني مان مِينهَن وانگر ڪنهن ڪنهن وقت پاڻي ٽميو پئي. پيئي جا پرڀات سا ماڪ م ڀانئيو ماڙهئا روئي ڇُڙي رات، ڏسي ڏکوين کي. (مخدوم نوح سرور )

۽ پوءِ صبح جو جاڳ کان پوءِ نيرن تائين لطيف سائين جي شاعري تي وري شروع ٿي وئي، ڪيترائي بيت پڙهي، انهن تي ڳالهھ ٻولهه ڪئي وئي. ۽ نيرن ڪري سموري سنگت کان موڪلائي اڳئي ماڳ شاھ بندر جا درشن ڪرڻ نڪري پياسين.

. اسان کي تمام گهڻي خوشگوار حيرت ۽ خوشي ٿي ته هن رهاڻ ۾ بظاهر سادڙو نظر ايندڙ دوستن لطيف سائين جا سوين بيت ڏاڍي محبت، صحيح تلفظ ۽ اُچار جي پڙهيا، ته ڪن وايون ڳائي ٻڌايون. لطيف سائينءَ شاعريءَ ۾ جن ڪردارن جي چونڊ ڪئي آهي تن مان اڪثريت لاڙ جي علائقي سان واسطو رکندڙ آهن. لطيف سائينءَ جو ڪمال اهو آهي ته جنهن علائقي جا ڪردار آهن ته ٻولي ۽ ٻوليءَ جو لهجو  به اتان جو نهايت خوبصورت انداز سان استعمال ڪيو اٿس. لطيفي رهاڻ ۾ هن علائقي (لاڙ) سان تعلق رکندڙ دوست جڏهن لطيف سائين جي شاعري پيش ڪن پيا ته سندن ٻوليءَ جو لهجو حقيقي، وڻندڙ ۽ شاعريءَ جي حسن کي خوبصورت بڻائي رهيو هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.