نشاط ثانيه (Renaissance) دوران يورپي دانشورن قديم يوناني ۽ رومن مفڪرن جي ڪمن/ تصنيفن جي نئين سر تشريح ڪرڻ شروع ڪئي.
ڪاپرنيڪس خود انهن خيالن ۽ تصورن تي ڀاڙيو جيڪي ثمرقند ۽ استنبول جھڙن هنڌن تان درآمد ڪيل عربي ۽ فارسي مسودن / نسخن (Manuscripts) ۾ موجود هئا. ساڳئي زماني ۾ چيني، هندستاني ۽ آفريڪي فلڪياتي ماهرن پنھنجن خيالن کي يورپ ۽ اسلامي دنيا ۾ ڦٽندڙ خيالن سان ضم ڪري ڇڏيو. بقول جيمس پوسڪيٽ جي هي رڳو يورپي ”نئين جاڳرتا“ (Renaissance)نه هئي پر اها ”عالمي نئين جاڳرتا“ (Global Renaissance) هئي، جيڪا روم کان وٺي بيجنگ تائين ڦھليل هئي. ان ڪري جديد سائنس جي تاريخ کي عالمي تاريخ جي مکيه منزلن جي تناظر ۾ ڏسڻ گهرجي. جيمس پوسڪيٽ (هاريزنس: اَي گلوبل هسٽري آف سائنس) سائنس جي حوالي سان انساني تاريخ جا چار دور ٻڌائي ٿو.
پندرهين صديءَ کان شروع ڪندي آمريڪا جي بيٺڪيت، سورهين ۽ سترهين صدي: ايشيا ۽ آفريڪا تائين واپار ۽ مذهبي ڄارن جو ڦھلجڻ. ارڙهين صدي؛ يورپين سلطنتن جو ڦھلجڻ ۽ ٽرانس ائٽلانٽڪ غلامن جو ڪاروبار.اوڻويھين صدي؛ سرمائيداري نظام، قوم پرستي ۽ صنعتي جنگين جو دور. ويھين صدي؛ نظرياتي تنازعن جي دنيا، سامراج دشمن قوم پرستن ۽ ڪميونسٽ انقلابين جو دور. هنن چئني دورن، جديد سائنس جي اوسر کي تشڪيل ڪيو آهي. عالمي لاڳاپن مختلف ماڻهن ۽ سائنسي ثقافتن کي هڪ ٻئي جي ويجهو آندو، ڪڏهن پنھنجي مرضيءَ سان ته وري ڪڏهن ڏنڊي جي زور تي.
جديد سائنس جي بڻ بڻياد جي ڪھاڻيءَ ۾ غلامي، سلطنت، جنگ ۽ نظرياتي تنازعا به شامل آهن. سترهين صديءَ جي فلڪياتي ماهرن غلامن جي ٻيڙن ۾ ٻاهر سفر ڪيو، ارڙهين صديءَ جي فطرت دانن بيٺڪيتي واپاري ڪمپنين لاءِ ڪم ڪيو، اوڻويھين صديءَ جا ارتقائي مفڪر صنعتي جنگيون وڙهيا ۽ ويھين صديءَ جي جينياتي ماهرن، سموري سرد جنگ دوران نسلي سائنس کي اڳتي وڌايو. ايڪويھين صديءَ جا سائنسدان مصنوعي ذهانت ۽ الگوردمس ذريعي، بقول يووال نوح هراري جي، انسانن جون مختلف ذاتيون پئدا ڪرڻ وڃي رهيا آهن.
2000ع کان پوءِ دنيا ڦڏن ۽ تنازعن جي هڪ نئين مرحلي ۾ داخل ٿي چڪي آهي. جنھن کي ڪي دانشور ”نئين سرد جنگ“ (New Cold War) جو نالو ڏئي رهيا آهن. هيءَ جنگ چين ۽ آمريڪا وچ ۾ اقتصادي، سياسي ۽ فوجي بالادستي حاصل ڪرڻ جي جنگ آهي. هونئن ٻي عالمي جنگ کان پوءِ دنيا ۾ ٻه سپر پاور – آمريڪا ۽ سوويت يونين، هڪ ٻئي سان ”سرد جنگ“ ۾ رهيا پر 1990 ۾ سوويت يونين جي ٽُٽِي وڃڻ کان پوءِ آمريڪا دنيا جو اڪلوتو سپر پاور بڻجي ويو. هاڻي چين، آمريڪا کي تقريباً هر ميدان ۾ چئلينج ڪري رهيو آهي. سائنس جي دنيا به ان ڇڪتاڻ کان بچيل نه آهي، جيتوڻيڪ گهڻا دانشور هن ”نئين سرد جنگ“ کي رڳو آمريڪا ۽ چين تائين محدود سمجهن ٿا پر حقيقت ۾ اها هڪ ”عالمي سرد جنگ“ آهي.
هتي اسان سائنسي تحقيق جي چئن اهم شعبن جي ترقيءَ جو جائزو وٺون ٿا، جيڪا ايڪويھين صديءَ ۾ جاري رهندي.
مصنوعي ذهانت (AI)
خلائي تحقيق
موسمياتي تبديليون ۽ تحقيق
بايوٽيڪنالاجي (Biotechnology) ۾ اڳڀرايون
سائنس جو مستقبل ۽ دنيا جو مستقبل هڪ ٻئي سان اٽوٽ نموني ڳنڍيل آهن.
(1) مصنوعي ذهانت:
جولاءِ 2017 ۾ چين جي ڪميونسٽ پارٽي ”مصنوعي ذهانت جي نئين جنريشن جي اوسر جو منصوبو“ پڌرو ڪيو. ان منصوبي مطابق 2030 تائين چين کي مصنوعي ذهانت جي تحقيق ۾ عالمي ليڊر بڻائڻو آهي ۽ چين ان رستي تي گامزن آهي. چين، مصنوعي ذهانت تي دنيا جي ڪنھن به ملڪ کان وڌيڪ تحقيقي مقالا ڇپائي رهيو آهي، آمريڪا کان به وڌيڪ. ڪميونسٽ پارٽي هن نئين مهانگي تحقيق ۾ تمام گهڻن پئسن جي سيڙپ ڪري رهي آهي. بيجنگ ۾ مصنوعي ذهانت جي نئين اڪيڊمي قائم ڪئي وئي آهي. اندازو لڳايو ويو آهي ته 2030 تائين مصنوعي ذهانت جون صنعتون چيني معيشت ۾ 146 ارب ڊالرن جو اضافو ڪنديون.
مصنوعي ذهانت کي اڄڪلهه فوجي ٺڪاڻن کي سڃاڻڻ، ڌارين ٻولين جا ترجما ڪرڻ، بيمارين جي تشخيص ڪرڻ، سيڙپ ڪرڻ جا فيصلا ڪرڻ ۽ ماڻهن جا چھرا سڃاڻڻ لاءِ استعمال ڪيو وڃي ٿو. چھرو سڃاڻڻ، مصنوعي ذهانت جي تحقيق جو هڪ تمام وڏو شعبو آهي.
استعمال جي ايڏي گهڻي مختلفپڻي سان اڳتي وڌيل مصنوعي ذهانت جي تحقيق جا معاشي ۽ جيوپوليٽيڪل فائدا ممڪنه طور تمام بيشمار آهن.
مصنوعي ذهانت ۾ چين، آمريڪا ۽ ٻين يورپي ملڪن جي دلچسپيءَ جو تازو ڌماڪو، اها ڳالهه صاف نموني ڏيکاري رهيو آهي ته ڪيئن نئين سرد جنگ (New Cold War) اڄ سائنس جي اوسر کي تشڪيل ڪري رهي آهي. چين جي ڪميونسٽ پارٽي خود مصنوعي ذهانت جي تحقيق کي بطور بين الاقوامي مقابلي جو هڪ نئون مرڪز بيان ڪري رهي آهي. گوگل چائنا جي اڳوڻي سربراهه ڪائي-فو-لِي (Kai-Fu-Lee) اهو به چيو ته ”چين ۽ آمريڪا، هٿيارن جي هڪ ڊوڙ ۾ ورتل آهن ڇو ته هرڪو مصنوعي ذهانت جو ايندڙ سپرپاور ٿيڻ ٿو چاهي“. چين ۽ آمريڪا لاءِ مصنوعي ذهانت معيشت کي بدلائڻ جي سگهه رکي ٿي، روزگار جي موجود ذريعن کي تباهه ڪري سگهي ٿي ۽ ڪم جا نوان شعبا پئدا ڪري سگهي ٿي. ساڳئي وقت مصنوعي ذهانت کي قومي بچاءَ (National Security) جي ڪنجي به سمجهيو وڃي ٿو.
آمريڪا ۾ 28 جنوري 2020 تي چارلس ليبر (Charles Lieber) هارورڊ يونيورسٽيءَ جي ڊپارٽمينٽ آف ڪيمسٽري اينڊ ڪيميڪل بايولاجي جي چيئر کي FBI جي عملدارن گرفتار ڪيو، ان ڏوهه ۾ ته هو ”چين“ جي مدد ڪري رهيو آهي. چارلس ليبر نينوسائنس ۾ دنيا جو مڃيل ماهر آهي. FBI هن مٿان اهو الزام هنيو ته هو چين جي ٿائوزينڊ ٽيلنٽس پلان (Thousand Talents Plan) ۾ ٺيڪي تي رکيل شرڪتدار آهي. FBI مطابق ليبر کي ووهان يونيورسٽي 2011 ۾ 50 هزار ڊالر مھيني جي پگهار تي ڀرتي ڪيو آهي ته جيئن هو چين جي ٻاهرين ملڪن ۾ موجود ماهرن ۽ غير ملڪي ماهرن کي ان ڳالهه لاءِ لالچائي ته هو چين ۾ پنھنجي ڄاڻ ۽ تجربو کڻي اچن. اهڙي طرح FBI، ٻن ٻين چيني باشندن يي يينگقنگ (Ye Yang Qing) ۽ زهينگ زائوسونگ تي به ساڳيا الزام هڻي انھن کي گرفتار ڪيو.
چھرو سڃاڻڻ (Facial Recognition)، مصنوعي ذهانت جي تحقيق جو هڪ وڏو شعبو آهي جنھن کي 1960 ۾ حاصل ڪيو ويو. پر ان وقت ماڻهن بابت ڄاڻ ڪٺي ٿيل نه هئي، ان ڪري ڪمپيوٽر الگوردم نه ٺھي سگهيا پر اڄڪلهه فيس بوڪ ۽ چين جھڙين رياستن وٽ ماڻهن متعلق وڏي ڄاڻ (Data) ڪٺي ٿيل آهي، جنھن مان الگوردم ٺاهي سگهجن ٿا. ان ڪري ئي چين کي مصنوعي ذهانت جي ميدان ۾ مقابلي بازيءَ جي سرسي حاصل آهي، ڇو ته جيتري معلومات، چين وٽ پنھنجن شھرين جي آهي، اوتري آمريڪي ڪمپنين وٽ به ڪانهي. چيني حڪومت وٽ پنھنجن شھرين جو ميڊيڪل رڪارڊ، سندن توانائيءَ جي کپت ۽ آن لائين سرگرميءَ جو رڪارڊ موجود آهي. چين وٽ چھري سڃاڻڻ جو وڌ ۾ وڌ ترقي ڪيل سافٽ ويئر موجود آهي، جنھن کي هو چيني شھرين جي نقل و حرڪت تي نظر رکڻ لاءِ استعمال ڪري رهي آهي. هواوئي (Huawei) ڪمپني طرفان چھري سڃاڻڻ لاءِ استعمال ڪيل سافٽ ويئر هڪ ماڻهوءَ جي قوميت / نسل (Ethnicity) جي به سڃاڻپ ڪري سگهي ٿو.
اهو سافٽ ويئر چين ۾ موجود ائيگهر (Uyghur) اقليت جي ماڻهن کي سڃاڻي، چيني اختيارين کي خبر ڏئي ٿو، جيڪي انھن ماڻهن مٿان نظرداري رکن ٿا ۽ کين گرفتار به ڪن ٿا. مصنوعي ذهانت تي تحقيق، چين جي ”بيلٽ اينڊ روڊ انيشيئيٽو“ جو به حصو آهي، اهو ئي سبب آهي جو چيني ڪمپني ”ڪلائوڊ واڪ“ 2018 ۾ ”چھرا سڃاڻڻ جو سافٽ ويئر“ زمبابوين حڪومت کي ڏيڻ جو معاهدو ڪيو.
”ڪلائوڊ واڪ“ زمبابوي ۾ هڪ ”قومي فيشل ڊيٽا بيس“ ٺاهڻ جو واعدو ڪيو. هڪ غريب ملڪ کي، جنھن جو انساني حقن جو رڪارڊ ايڏو سٺو نه آهي، اهڙو سافٽ ويئر ڏيڻ خطري کان خالي نه آهي، ڇو ته ان ڳالهه جو امڪان موجود آهي ته زمبابوي حڪومت ان کي سياسي مخالفن خلاف استعمال ڪري سگهي ٿي. فيس بوڪ به تازو ئي آفريڪا ۾ پاڻ کي تمام گهڻو ڦھلائي ڇڏيو آهي، ان جو سبب هي به آهي ته آفريڪا ۾ ڊيٽا پروٽيڪشن قانون ۽ انھن جو نفاذ انتھائي ڪمزور حالت ۾ آهن. ڪلائوڊ واڪ ۽ زمبابوي حڪومت وچ ۾ طئي ٿيل ٺاهه مطابق چيني محقق پري ويھي آفريڪن چھرن جي ڊيٽا تائين رسائي حاصل ڪري سگهن ٿا.
مصنوعي ذهانت، مشرق وسطه ۾ پڻ وڏي ترقي ڪري رهي آهي. سيپٽمبر 2020 ۾ اسرائيل ۽ متحده عرب امارات هڪ امن معاهدو صحيح ڪيو. هن معاهدي تحت اسرائيل ۽ متحده عرب امارات، مصنوعي ذهانت تي به تحقيق ۾ هڪ ٻئي سان سھڪار ڪندا. ابو ظھبي جي محمد بن زيد يونيورسٽي آف آرٽيفيشل انٽيليجنس جا سائنسدان اسرائيل جي ويزمين انسٽيٽيوٽ آف سائنس جي سائنسدانن سان گڏ ورڪشاپن جي هڪ سلسلي ۾ حصو وٺندا. آخر اسرائيل ۽ متحده عرب امارت – ٻئي رياستون، مصنوعي ذهانت جي تحقيق ۾ ايتري دلچسپي ۽ سيڙپ ڇو ڪري رهيون آهن؟ ان ڪري ته ٻنهي جو اهم مسئلو قومي بچاءُ آهي. اسرائيل جي فوج، مصنوعي ذهانت کي اڳ ئي فلسطين ۾ ممڪنه فوجي نشانن کي سڃاڻڻ لاءِ استعمال ڪري رهي آهي. متحده عرب امارات، چھرا سڃاڻڻ وارو سافٽ ويئر استعمال ڪري رهي آهي ته جيئن اها پنھنجي آباديءَ کي سڃاڻي سگهي ۽ سياسي اختلاف کي ٻنجو ڏئي سگهي. ڪووڊ-19 وبا جي ڏينھن ۾ دبئي جي پوليس ساڳئي سافٽ ويئر کي استعمال ڪيو، اها پڪ ڪرڻ لاءِ ته ماڻهو سماجي دوريءَ جي هدايتن تي عمل ڪن ٿا يا نه.