سياست ۾ گارگند، بدتميزي، تذليل ۽ حملن جو وڌندڙ خوفناڪ لاڙو

ڪجهه سالن کان سياسي ڪارڪنن بدتميزي، تذليل، ڌمڪين ۽ حملن جو جيڪو سلسلو شروع ڪيو آهي سو نه رڳو مذمت جوڳو آهي پر سياسي جماعتن جي اڳواڻن کي سختي سان ان بد معاشي واري لاڙي کي روڪڻ جي پڻ ضرورت آهي. اهڙين بدتميزين ۽ حملن جا تازا ترين واقعا لنڊن ۾ اڳوڻي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ تي ٿيل حملو ۽ ٽيون ڏينهن لنڊن ۾ ئي هڪ ماڻهوءَ پاران مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ خواجه آصف سان رستي ويندي بدتميزي ڪرڻ ۽ کيس چاقو سان مارڻ جي ڌمڪي ڏيڻ آهي.ان کان اڳ خانه ڪعبه جهڙي انتهائي مقدس جڳهه تي  عمري جي ادائيگي دوران به ماڻهن مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻن خلاف نعري بازي ڪرڻ وارو واقعا ٿيندي ڏٺا ويا هيا. اهو بدتميزي ۽ تذليل وارو لاڙو خاص ڪري پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن ۾ وڌيڪ نظر ايندو آهي جنهن جو ان پارٽي جي اڳواڻن کي خاص ڪري نوٽيس وٺڻ گهرجي جو ان سان سندن پارٽي ۽ قيادت جي ساک کي وڌيڪ ڇيهو رسي رهيو آهي.

اها به افسوس جي ڳالهه آهي ته بدتميزي ۽ تذليل جو اهو لاڙو هاڻي عدالتن جي رٽائرڊ ججن تائين به وڌي ويو آهي. اهي به هاڻي انتقامي سياسي روين کان محفوظ ناهن رهيا جيڪا ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي. جيڪڏهن بدتميزي ۽ تذليل جو اهو لاڙو ايئن ئي برقرار رهيو  ته پوءِ ڪو به معزز شخص پنهنجي فيملي سان ٻاهر نه نڪري سگهندو. جيئن  تازو سپر يم ڪورٽ جي اڳوڻي چيف جسٽس فائز  عيسيٰ قاضي سان سندس گهر واري جي موجودگي ۾ ٿي چُڪو آهي. مطلب ته هاڻي عورتن جي عزت جو به خيال نه ٿو ڪيو وڃي.

اها به حقيقت آهي ته اهڙو بدتميزي وارو لاڙو خود پي ٽي آءِ  جي اڳواڻن کلي عام سياسي جلسن ۾ متعارف ڪرايو  جڏهن ته انهن جلسن ۾ مولانا فضل الرحمٰن کي فضلو ۽ ڊيزل چئي ان خلاف نعرا  لڳرايا ويندا هيا  ايئن مخالف سياسي ليڊرن کي چور ۽ ڊاڪو طور مخاطب ٿيڻ جو سلسلو شروع ٿيو  پوءِ ٿيو  ايئن ته سياسي ڪارڪنن کي به ڄڻ ته هُشي ملي وئي جو اهي به پوءِ ملڪي سياستدانن کي جتي ڏسن پوءِ ڀلي اها جڳهه خانه ڪعبه جي هجي اتي به کين چور ۽ ڊاڪو طور پڪارڻ لڳا ۽ پوءِ نه ڪنهن جي ماءُ ڌيءُ ۽ ڀيڻ جو خيال پيا ڪن.

ان کان اڳ ڪنهن حڪومتي تقريب يا پريس ڪانفرنس ۾ شخصيتن تي جوتا اڇلائڻ جو به هڪ خوفناڪ سلسلو شروع ٿيو هو جنهن ۾ آمريڪا جو صدر جارج بش، پاڪستاني صدر جنرل مشرف، سنڌ جو اڳوڻو  وڏو وزير ارباب غلام رحيم نشانو بڻيا هيا. ان کان پوءِ بدتميزي ۽ تذليل  وارو لاڙو  پي ٽي آءِ جي سياسي جماعت اندر  نمايان طور نظر آيو.

اسان جو خيال اهو به آهي ته سياست کي هر قسم جي بدتميزي ۽ تذليل کان پاڪ ڪرڻ گهرجي ۽ سياست ۾ اخلاقيات کي اتم رکڻ جي تعليم ۽ تربيت ڏيڻ گهرجي. اهو ڪم ان احساس وچان ڪرڻ گهرجي ته اسان وٽ سياست جو  اميج عوامي سطح تي گهڻو سٺو ناهي رهيو. هتي ڪنهن سان ڪا هيرا ڦيري ٿيندي آهي ته چيو ويندو آهي ته سياست ٿي رهي آهي جڏهن ته سياست جو مقصد انتهائي عظيم آهي. سياست جو تصور خراب ڪرڻ ۾ پاڪستان اندر اسٽيبلشمينٽ جو به ڪردار رهيو آهي جنهن سياست ۽ جمهوريت کي بدنام ڪرڻ جي ڪوشش پئي ڪئي آهي ۽ عوام تي اهو تاثر وجهڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي آهي ته اهي سياست دان ۽ جمهوري اڳواڻ ڪرپٽ ۽ چور آهن. انهن اقتدار ۾ اچي عوام جو  پيسو کاڌو آهي جڏهن ته ڪرپشن ۾ هر  ادارو ملوث آهي پر ٻين ادارن ڏانهن آڱر کڻڻ جي همت ڪنهن ۾ به ناهي انهن ادارن کي مقدس ڪرڻ جي ذميوار  به اسٽيبلشمينٽ ئي آهي.

سو  هڪ پاسي عوام کي سياست ۽ جمهوريت کان بيزار ڪرڻ جون ڪوششون ٿي رهيون آهن ته ٻئي پاسي وري ملڪ جي اقتداري سياست ۾ اهڙين سياسي جماعتن ۽ حڪمرانن کي اڳتي آندو ويندو آهي جيڪي سياست ۽ جمهوريت  کي خراب ڪرڻ جو ڪم ڪن. چوڻ جو مقصد اهو آهي ته سياست، جمهوريت ۽ سياستدانن خلاف جيڪو خراب تاثر  قائم ڪرايو  پيو وڃي تنهن ۾ خود اقتداري  جماعتون ۽ سياستدان به اسٽيبلشمينٽ جي ونگار وهي رهيا آهن. ۽ هڪ ٻئي جي تذليل ۽ بدتميزي جو ماحول ٺاهي اصل ۾ سياست ۽جمهوريت کي خراب ۽ بدنام ڪرڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي.

جڏهن ته ٻئي پاسي اصولي ۽ نظرياتي سياسي جماعتن ۽ سياستدانن يقينن سياست جي عزت وڌائڻ جو ڪم پئي ڪيو آهي. اهي سياسي ورڪرن جي تذليل ۽ بدتميزي وارين اهڙين حرڪتن کي بلڪل پسند ناهن ڪنديون جن جو مٿي  ذڪر  ڪيو ويو آهي.  بهر حال  هن وقت سياسي جماعتن لاءِ اهو چئلنج آهي ته اهي سياست کي خراب ۽ بدنام ڪندڙ طاقتن جي سازشن کي سمجهن ۽ انهن جو مقابلو ڪري سگهن. ٻي صورت ۾ سياست ۾ گار گند، ٽوڪن، طنزن، ۽ نازيبه قسم جي حرڪتن جو سلسلو پوءِ ايئن ئي هلندو رهندو. هونئن ته بنيادي طور  اها اقتداري ۽ پارلياماني سياسي جماعتن جي سربراهن جي ذميواري آهي ته اهي سياست ۽ جمهوريت کي بدنام ڪندڙ حرڪتن کان پنهنجن ڪارڪنن کي روڪين جيڪڏهن رد عمل ۾ ٻين جماعتن جي سياسي ڪارڪنن به ايئن ئي  پي ٽي آءِ جي اڳواڻن جي ٻاهر سندن  فيمليز سان بدتميزي ۽ تذليل ڪرڻ شروع ڪئي ته پوءِ ڪير به نه بچندو. تنهن ڪري اقتداري ۽ پارلياماني جماعتن جو  پنهنجو به فرض آهي ته اهي سياست جي عزت ڪرائين ۽ عوام اندر انهن جي ساک کي بهتر ڪري سياست ۽ جمهوريت خلاف ٿيندڙ سازش کي ٻنجو ڏين پر اهو تڏهن ممڪن آهي جڏهن اقتداري ۽ پارلياماني جماعتون پنهنجن سياسي ڪارڪنن کي بدتميزي ۽ تذليل جي حرڪتن کان سختي سان روڪينديون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.