آءِ سي سي پاران بي سي سي آءِ کان چيمپيئنز ٽرافي لاءِ پاڪستان نه اچڻ بابت لکت ۾ جواب طلب

دبئي (ويب ڊيسڪ) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل( آءِ سي سي ) ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ ( بي سي سي آءِ ) کان چيمپيئنز ٽرافي لاءِ پاڪستان نه اچڻ بابت لکت ۾ جواب طلب ڪري ورتو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ، آءِ سي سي کان ڀارتي خط جي لکت ۾ ڪاپي گهري هئي، جڏهن ته ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل کي پاڪستان نه وڃڻ بابت زباني آگاهه ڪيو هو.
ذريعن موجب، هاڻي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ کي سبب بيان ڪرڻ جو چيو آهي، پاڪستان لکت ۾ سبب ملڻ تي ان جي حق ۾ جوڳا ثبوت گهري سگهي ٿو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته قانون تحت ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ کي پاڪستان جو دورو نه ڪرڻ بابت لکت ۾ آگاهه ڪرڻو پوندو.
ذريعن موجب، آءِ سي سي کي سببن جو جائزو وٺي ڀارت بابت حتمي فيصلو ڪرڻو پوندو، پاڪستان نه اچڻ جا سبب جائز نه هوندا ته ڀارتي ٽيم کي اچڻ لاءِ چيو ويندو، ڀارت انڪار ڪيو ته چيمپيئنز ٽرافي ۾ نئين ٽيم کي شامل ڪيو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.