ڪير پنهنجن حقن جي ڳالهه ٿو ڪري ته اها ڳالهه اسٽيبلشمينٽ جي ڪنن تائين پڄي ٿي وڃي پر هاڻي ته اڳواڻ پاڻ ان ڳالهه جي شاهدي ٿا ڏين ته بلوچستان ۽ ڪي پي ۾ علحدگي جا نعرا ٿا لڳن ۽ ماڻهو اسٽيبلشمينٽ جي روين مان باغي ٿي ويا آهن، اسٽيبلشمينٽ جي فيصلن مان قومون اهو ٿيون سمجهن ته اهي نيب جا قانون، اهي ارڙهين ترميم پهرين به پنجاب جي فائدي جي هئي جنهن ۾ انهن کي آبادي جي ورڇ تي حصيداري ملندي هئي ۽ هاڻي به هٿ وٺي صوبن جي آبادي گهٽ ٿا ڄاڻائن ان ڪري جو اهي سمجهن ٿا ته آبادي هي وڌڻ سان اين ايف سي ايوارڊ جا پيسا ڏيڻا پوندا ان ڪري صوبائي آبادي گهٽ ڪري لکي وڃي ۽ اها ئي ڄاڻائي وڃي جيڪا انهن جي ڪتابن ۾ پهرين ئي لکيل آهي.
ڳالهه اها به منجهائي ٿي ته 1951 ۾ رٿيل راولپنڊي ڪنسپائريسي ڪيس ۾ ملوث فوجي عملدارن جي 18 ميهنن تائين هلندڙ فوجي ٽرايل جنهن ۾ ميجر جرنل اڪبر خان (برگيڊيئر ۽ ڪرنل) سميت فيض احمد فيض کي به ڇا ٿيو، انهن جي ڳجهين گڏجاڻين ۾ سيد سجاد ظهير (جيڪو هنن جي باغي پارٽي جو جنرل سيڪٽري هيو) محمد حسن عطا، ليفٽيننٽ ڪرنل صديق راجا ۽ ميجر جرنل محمد يوسف سيٺي به شامل هيو، ان کان پوءِ آڪٽوبر 1955 ۾ اعليٰ عدالتن ۾ هلندڙ قانوني جنگ کانپوءِ سمورن 14 سازشين کي آزاد ڪيو ويو. ميجر جنرل اڪبر خان جلد ئي پاڪستاني سياسي رنگ ۾ تبديل ٿي ويو ۽ ذوالفقار علي ڀٽي جو صلاحڪار بڻجي ويو. 1971 ۾ اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ ڀٽو صاحب اڪبر خان کي قومي سلامتي جو سربراه مقرر ڪيو. فيض جي شاعري جا ڪيترائي ڪم شايع ٿيندا رهيا ۽ کيس ڀٽو حڪومت پاران نيشنل ڪائونسل فار آرٽس جو ميمبر به مقرر ڪيو، ۽ ان کانپوءِ رياست ڪهڙا سبق سکيا ۽ عوام تائين ڪهڙي هڙحاصل پهتي؟
ڀٽي صاحب جي دور ۾ مذهبي شدت پسندي ايتري ته گهڻي هئي جو اسٽيبلشمينٽ جي اندر ئي اسلامي انقلاب جوڳالهيون عام جام هونديون هيون، جو جنرل ضياءَ انهن سڀني کي پوئتي ڇڏي ڏنو ۽ ڀٽي صاحب جي حڪومت ڪيرائڻ لاءِ پاڻ ورَ کني بيهي رهيو ۽ پوءِ بهانا هزار. هاڻي اهو سمجهون ته ملڪ جا ڪجهه وڏي حيثيت وارا صحافي جي ايجنسين جي زبان ڳالهائي اهو چئي ٿو وجهي ته جنرل فيض حميد انڊرولرڊ جو ڊان هيو ته ان وقت جا فوجي عملدار ۽ اسٽبلشمينٽ اکين تي پوش پايون ويٺي هئي جن جي نڪ جي هيٺان اهي شيون پئي ٿيون ۽ انهن کي ڪَل ڪا نه پئي ته ٿئي ڇا ٿو؟ ۽ ڪير ٿو ڪري يا جيڪي به آءِ ايس آءِ يا آءِ ايس پي آر جا مهندار هوندا آهن اهي آل ان آل هوندا آهن ته پوءِ جنرل فيض حميد تي ڳالهه ڇو بيٺي يا جڏهن باجوا پاڻ پي ٽي آءِ تي ڪلما پيو ڀري ته ان مهل اهي جنرل فيض حميد جي انڊرولرڊ واريون ڳالهيون ڪٿي هيون يا هاڻي ادارن جي مٿان آئي آهي ته اهي پنهنجي مرضي هلائي شيون آجيون ڪندا ان ڪري ته سياست ائين پئي هلندي ۽ چور درواز اڃان تائين کليل آهن، ڀلا جي اسٽيبلشمينٽ کي ان ڳالهه جي ڳڻتي آهي ته ملڪ جي قانون ۽ ادارن سان ڪير کيل نه رچائي ته پوءِ مشرف پاڻ آرٽيڪل 6 جي ڀڃڪڙي ڪري هليو ويو ۽ 11 سال ڪڍي ويو اتي قانون، ادارا ۽ نيب سميت جيڪي به عدليا جا اڳواڻ هيا انهن ڇا ڪيو ۽ جڏهن مشرف مئو ته 6 ميهنن گذرڻ کانپوءِ اها ڳالهه ڪورٽن به چئي ڏني ته مشرف ڏوهي هيو يا ذوالفقار علي ڀٽي صاحب جي لاءِ ڪورٽن جيڪو ڪيو ان تي ڪورٽن کي هاڻي جاڳ ٿي ته شيون غلط ٿي ويون ان ڪري ادارن کي هاڻي ان طرح نه ٿو هلائي سگهجي جنهن طرح اهي ماضي ۾ هلي يا هلايا ويا پر هاڻي به ان ڳالهه کان ڪير آجو آهي ته جيڪي به فيصلا ۽ ڳالهيون ٿين ٿيون اهي سڀ قانون جي پاسداري ۾ ٿين ٿيو يا سڀاڻي اهي فيصلا ۽ ڳالهيون سڀ صحيح آهن ان ڪري هاڻي جي ڪورٽن جي فيصلن کي ڪير چيلينج يا غلط نه ٿو ڪري سگهي پر سڀاڻي تي اهي غلط ثابت ٿيندا يا جيڪي ”رجيم“ چينج ٿيندي ان کي اڳيان قانون ۽ ترميمون سڀ غلط لڳندا ۽ جيڪي اهي دورِ حاضر ۾ ڪندا رهندا اهي سڀ صحيح آهن.
حقيقت ۾ اسٽيبلشمينٽ ايترين بحرانن ۾ گهيريل آهي جنهن مان جان نه ٿي ڇڏائي سگهي ۽ ائين چئجي ته رياست پاڻ ڌٻڻ ۾ ڦاٿل آهي ۽ وڃي ٿي آهستي آهستي غرق ٿيندي يا پنهنجي ڪئي اٿن جو ڊڀ نه دارون. آءِ ايم ايف سان اسٽاف ليول ايگرمينٽ جا معاملا ڪنهن صورت خطرناڪ به آهن ان ڪري هن ايگريمينٽ تحت ملڪ جا سڀ ادارا خانگائجي ويندا ۽ ڪو به ادارو باقي نه رهندو. پر رڳو اسٽبلشمينٽ جا پنهنجا ادارا هوندا جيڪي ان ايگريمينٽ کان آجا هوندا، باقي تعليم صحت ۽ سيڪيورٽيءَ جا ڪجهه ادارا لڳي ٿو آهستي آهستي خانگائجي ويندا ۽ رياست انهن جي کٽي ڪمائي تي هلندي رهندي، حيرت اها به آهي ته اسٽيبلشمينٽ جي فيصلن ۾ ۽ انهن جي آئيني ڪم ڪارين ۾ استحڪام ناهي، هر ماڻهو ۽ ادارو پاڻ ان تاڙ ۾ آهي ته رڳو هي جيڪي هاڻي ڪرسيءَ تي ويٺا آهن اهي لهي وڃن ته اهي پنهنجي مرضي جا ڪم ڪن ۽ رياست جي لاءِ انهن جا ڪيل فيصلا خراب ثابت ٿيا آهن پر ائين ناهي ڇو ته رياست جا ڪيل فيصلا سڀ جا سڀ سياسي آهن ڇو ته هر حڪمران جيڪي به فيصلا ڪري ٿو اهي ان جي پنهنجي مفاد ۾ ثابت ٿين ٿا جيڪي ان جي پنهنجي ذات ۽ پنهنجي فائدي جا هجن ٿا يا جيڪي سياسي پارٽيون قومي فيصلن ۽ قومي مفادن کي نظر ۾ رکي اهي فيصلا يا ته ٿڏن ٿا يا نه ٿا مڃن ته پوءِ اسٽبلشمينٽ به ان ڳالهه تي بيهي ٿي رهي ته جيڪي 2600 نيب جا فيصلا ۽ ڪيس رهجي ويا آهن يا دٻجي انهن تي ڌوڙ ٿي وسي سي اٿلايا وڃن ته جيئن انهن سياسي پارٽين کي سوگهو ڪري سگهجي ۽ حڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ پنهنجي مرضي جا فيصلا ڪرائي پاڻ سرخرو ٿي سگهي.
اسٽيبلشمينٽ صلا يا ڪجهه پاليسيون عوامي ناهن هونديون اهي سڀ اداراتي ۽ رياست جي پنهنجي مفاد ۾ هونديون آهن جن مان عوام کي ڪجهه هڙحاصل ناهي هوندو، مثال طالبان ۽ بلوچن جي آپريشن عزم استحڪام به ڪا معني نه ٿو رکي ۽ نه ئي ٿي سگهي ٿو ان ڪري ته قومون هاڻي پاڻي ڪچي ويون آهن اهي سمجهن ٿيون گولي ڪنهن به طرح مسئلي جو حل ناهي، قومن ۾ اهو جذبو به اڀري آيو آهي ته ”آ مرڻو هر هڪ ماڻهو کي پر ائين نه مرنداسين ساٿي ڪا باھ لڳائي وينداسين ڪو ٻارڻ ٻاري وينداسين“ يا طبعي موت پنهنجي جاءِ تي قومن جي خاطر جان ڏيڻ هاڻي انهن سڀني قومن جي ان عزم ۾ اچي چڪو آهي ان ڪري سياست جي لاءِ ضروري آهي ته اهي پنهنجي استحڪام جي لاءِ قومن کي اهي سڀ حق ۽ سڀ واسطا ڀلي آڏو رکن پر قومن جي بنيادي حقن جي پاسداري به ڪن، حيرت اها به آهي ته اسٽبلشمينٽ وٽ اهڙا مهرا به آهن جن سان اهي راند چينج ڪري سگهن ٿا يا ”چيئرگيم“ بدلائي سگهن ٿا جنهن ۾ جميعت علماءِ الاسلام جو مولانا فضل الرحمٰن به هڪ زبردست ڳوٽ آهي ان ڪري ته اسٽيبلشمينٽ کي هاڻي اهي فيصلا به ڪرڻا آهن جيڪي اهي گذريل 76 سالن ۾ ناهن ڪري سگهيا ان ڪري ته ايوان ۽ عدالتون انهن جي انٽي تي نه هيون اهي سڀ ايوان ۽ عدالتون پنهنجي پنهنجي مرضي جا ڪم ڪري هليون وينديون هيون.