ٻڌبو آيو آهي ته 1947ع کان اڄ تائين شايد ئي ڪا حڪومت اقتدار ۾ آئي هجي جنهن پاڪستان جي آئين سان کلواڙ نه ڪيو هجي. يعني آئين ۾ ترميم نه ڪئي هجي! پر ترسو،رڪجو. ٻڌو آهي ته چوويهن سالن تائين پاڪستان وٽ پنهنجو ڪو آئين نه هو ۽ ملڪ انگريزن جي قانوني ڪتابن، انڊين پينل ڪوڊ ۽ انڊين ڪرمنل پروسيجر ڪوڊ تي هلي رهيو هو.اقتدار ۾ آيل شروعاتي حڪمرانن انهن ٻنهي ڪتابن کي نئون نالوڏئي اپنائي ورتو ھو.انڊين پينل ڪوڊ جو نئون نالو پاڪستان پينل ڪوڊ ۽ انڊين ڪرمنل پروسيجر ڪوڊ کي پاڪستان ڪرمنل پروسيجر ڪوڊ سڏيو ويو. ٻڌو آهي ته ھندوستان ۾ قتل جي ڪيس ۾ قاتل کي قلم 302 تحت پڪڙو ويندو آهي ۽ پاڪستان ۾ به، قتل جي ڪيس ۾، قاتل کي سيڪشن 302 تحت پڪڙيو وڃي ٿو. و الله عالم بالصواب. ٻڌل ٻڌايل ڳالھيون آهن. ٻڌل ڳالھين جو ڀلا ڪھڙو اعتبار. ٻڌو آھي تھ وقت جا حاڪم آيئن ۾ (ڦيرڦار) ڪرڻ جي موڊ ۾ آھن،ٻڌو آھي تھ وقت جا حاڪم دوستن سان گڏ هن ڀيري پنهنجي حريف ،ويري ۽ دشمنن کي ھن آئيني ڪارنامي ۾ برابر جو شريڪ ڏيڻ جا خواھشمند آھن.ٻڌو آھي تھ ڪئين ڪرتا ڌرتا آئيني ترميمن ۾ پنھنجو حصو داخل ڪرڻ ۾ رڌل رھيا آهن .ڊرافٽ بڻايا ويا.ڊرافٽ تي ڄاتل سڃاتل دانشورن پاران تجويزن جو ڍڳ لڳايو ويو آهي. مون کي لڳي ٿو تھ آئيني ترميمن جون ايندڙ تجويزون ايتريون ته گھڻيون آهن جو انهن تجويز ڪيل ترميمن آڏو آئين جي پنھنجي حيثيت هڪ ننڍڙي ڪتابڙي جھڙي رهجي وڃي ٿي.
پاڪستان تي وقفي وقفي سان طرح طرح جي ماڻهن حڪمراني ڪئي آهي، ڪافي عرصي تائين ڊڪٽيٽرن به واري واري سان موج مستي ڪري ڏٺي آھي.هڪ ڊڪٽيٽر صاحب ماڻهن کي ڪوڙا هڻائيندو هو ۽ چوندو ھو، هاڻي پاڪستاني سڌي رستي تي ايندا. ڊڪٽيٽر مري ويو. ڊڪٽيٽر جي حڪم تي ڪوڙا ھڻندڙ مري ويا، پر ڪوڙا کائيندڙ اڄ بھ زندھ آهن. هڪ ڊڪٽيٽر کي آئين تي ڏاڍي ڪاوڙ ايندي هئي. جيڪڏهن ڪو مت جو موڙھو آئين جو حوالو ڏئي ڇڏي، ته ڊڪٽيٽر تپي باھ ٿي ويندو ھو. مُٺيون ڀڪوڙي چوندو هو ”آئين ڪو آسماني صحيفو نھ آھي. جڏهن به چاهيان مان آئين کي ڦاڙي ردي جي ٽوڪري ۾ اڇلائي سگهان ٿو. منھنجو ڪو بھ ڪجھ نھ ٿو بگاڙي سگهي“. بگاڙيندڙ ھن جو سڀ ڪجهھ بگاڙي ڇڏيو. اهو پاڻ تھ نه آھي رھيو، پر آئين رهيو ۽ رهندو پيو اچي. اهي جج صاحبان بھ نھ رھيا جيڪي نظريھ ضرورت جي تحت هڪ ڊڪٽيٽر کي پاڪستان جي جائز حڪمران ھجڻ جو فرمان صادر ڪري ڇڏيندا ھئا.ورق اٿلائيندي فقيرن کي پتو پئجي ويو ته هر ملڪ وٽ ملڪ کي هلائڻ لاءِ هڪ ننڍڙو ڪتاب هوندو آهي. ان ۾ بنيادي حقن کان وٺي بنيادي حق ڦٻائڻ جا سبب ۽ ڪيفيتون لکيل ھونديون آهن. گچيءَ ۾ ڦاھو وجھڻ جي لاءِ توهان کي آگاھ ڪيو ويندو آھي ته ڇو توهان جي ڳچي ۾ ڦاھو وجھبو آھي.ننڍڙو ڪتاب جنھن کي آئين چيو ويندو آھي، ان بابت هڪڙي ڳالهه مونکي موھي وڌو آھي.ان ڪري جو آئين آسماني صحيفو نه آهي،ان ۾جڏھن چاھيو توهان ترميم ڪري سگهو ٿا.ڊاھ ڊوھ ڪري سگھو ٿا.
اهڙي ڳالهه پڙهڻ کان پوءِ اسان فقيرن آئين ۾ لکيل ڪيترن ئي راين کي تبديل ڪرڻ جون تجويزون ڏنيون آھن.جواب نھ مليو. اسان کي آگاھ ڪيو ويو ته آئين ۾ ترميم رڳو چونڊيل ماڻهن جو حق آهي. يعني اسين جن ماڻهن کي پنھنجو قيمتي ڏئي چونڊيندا آھيون، يعني ايم اين اي، ايم پي اي ۽ سينيٽر، اهو انهن جو حق آهي ته اھي آئين ۾ ترميمون متعارف ڪرائين. اهو حق ووٽ ڏيندڙن جي لاءِ نھ آھي.
ڪنهن به اداري ۾ سڀ ماڻهون سٺا نھ ھوندا آھن.ڪنهن به اداري ۾ ڪم ڪندڙ سڀئي ماڻهو خراب نه هوندا آهن. اسان جون تجويزون جيئن تھ ووٽ وٺي اقتدار جي ايوانن تائين پهچندڙن جي باري ۾ آھن، اسين اميد ڪريون ٿا تھ معتبر ميمبر، اسان جي لاءِ رستي جي رڪاوٽ نه بڻجندا ۽ اسان جي تجويزن تي غور ڪندا. تجويز نمبر هڪ: توهان ھائر hire ۽ فائر fire جا لفظ ضرور ٻڌا هوندا. مطلب آھي ته جيڪو ماڻهو ڪنهن کي ملازمت ڏئي سگهي ٿو، يعني ملازمت تي رکي سگهي ٿو، اهو شخص ناقص ڪم جي سبب ان کي برطرف به ڪري سگهي ٿو. هاڻ توھان مدو بھ ٻڌي وٺو.چوندجي وڃڻ کانپوءِ ايم اين اي ۽ ايم پي اي .وري ڪڏھن ايندڙ پنجن سالن تائين پنھنجي تڪن جو رخ نھ ڪندا آھن. اسين ووٽ ڏيندڙ چاهيون ٿا ته اسين ووٽ واپس وٺي چونڊيل ميمبر کي ڪارڪردگي جي بنياد تي ميمبر شپ کان محروم ڪري ڇڏيون.جھري طرح ووٽ ڏيڻ اسان جو حق آهي، اھري طرح with draw ڪرڻ يعني ووٽ واپس وٺن پڻ اسان جو آئيني حق هجڻ گهرجي.ووٽ ڏئي جيڪڏهن اسين ڪنهن شخص کي اسيمبلي جو ميمبر بڻائي سگهون ٿا ته پوءِ اسين ان ميمبر جي ناقص ڪارڪردگيءَ کي ڏسي، اسين پنهنجي ووٽ ذريعي ان کي اسيمبليءَ مان خارج ڪرڻ جو حق به رکڻ چاھيون ٿا. جيڪڏهن اسان ڪنهن کي hire ڪري سگھون ٿا ته پوءِ اسان ان کي fire ڪرڻ جو حق بھ رکون ٿا.
اسان ڪروڙين ووٽ ڏيندڙ حڪومت کان مطالبو ڪريون ٿا ووٽ جي ذريعي ڪنھن ناقص ۽ ناڪارھ ميمبر کي اسيمبلي مان ٻاھر ڪڍڻ جي اسان جي حق کي آئين جو لازمي حصو بڻايو وڃي. اسيمبلي ميمبر حڪومتن جو خام مال ھوندا آهن. سٺن ميمبر سان سٺي ۽ خراب ميمبر سان خراب ۽ ڪمزور حڪومت ٺهندي آھي. اسان جو بنيادي حق هڪ روشن پاڪستان کي جنم ڏئي سگهي ٿو. اسان ووٽ ڏيندڙن کي رڳوfire جو حق ڏيو.
(روزاني جنگ جي ٿورن سان)
اسان ڪروڙين ووٽ ڏيندڙ حڪومت کان مطالبو ڪريون ٿا ووٽ جي ذريعي ڪنھن ناقص ۽ ناڪارھ ميمبر کي اسيمبلي مان ٻاھر ڪڍڻ جي اسان جي حق کي آئين جو لازمي حصو بڻايو وڃي. اسيمبلي ميمبر حڪومتن جو خام مال ھوندا آهن. سٺن ميمبر سان سٺي ۽ خراب ميمبر سان خراب ۽ ڪمزور حڪومت ٺهندي آھي. اسان جو بنيادي حق هڪ روشن پاڪستان کي جنم ڏئي سگهي ٿو. اسان ووٽ ڏيندڙن کي رڳوfire جو حق ڏيو.