قصو پاڪستان ۽ افغانستان جي بجلي يونٽن ۾ فرق جو؟

تحرير: سڪندر چنو

پاڪستان ۾ بجلي جي شعبي کي آءِ پي پيز يعني آزاد پاور پرچيزنگ جي اداري ۾ ايندڙ بجلي ٺاهيندڙ ڪارخانن تباهه ڪري ڇڏيو آهي. آءِ پي پيز ڪيترن ئي سالن کان وٺي ملڪ کي ڦريو ۽ لٽيو آهي. آئي پي پيز ۾ اهڙا به بجلي ٺاهيندڙ ڪارخانا آهن جن ڪيترن ئي سالن کان وٺي بجلي جو هڪ يونٽ به نه ٺاهيو آهي پر پوءِ به انهن کي اجايو ۽ خوامخواهه ڪروڙين روپيا ماهوار ڏنا پيا وڃن. افسوس جهڙي ڳالهه اها به آهي ته اهي ڪارخانا شهباز شريف ۽ نواز شريف جا آهن. ٻڌايو پيو وڃي ته راز فاش ٿيڻ کان پوءِ ۽ سياسي دٻاءُ کان پوءِ انهن ڪارخانن کي بند ڪيو ويو آهي.

اهوئي سبب آهي جو اڳوڻو وزيراعظم نواز شريف تازو بيان ڏيندي پنهنجي ڀاءُ وزيراعظم شهباز شريف کي مشورو ڏنو آهي ته بند ٿيل بجلي ٺاهيندڙ ڪارخانن کي ٻيهر هلائي انهن مان ٺهندڙ بجلي سستي ڀارت کي ڏني وڃي.

ملڪ ۾ بجلي آهي ڪونه. آءُ ڳالهه ڪندس سنڌ جي. سنڌ جي ٻهراڙين جي ڳوٺن لاءِ بجلي اڻ لڀ آهي. ملڪ جي عوام کي بجلي ميسر ناهي هوڏانهن ڀارت کي سستي بجلي کي ڏيڻ لاءِ نواز شريف بي قرار آهي ملڪ جي عوام کي سستي بجلي ڇو ڪونه ڏني وڃي ٿي؟ سياستدانن ملڪ کي لٽي ٻاهر ڀڄي وڃڻ جو پڪو پهه ڪيو آهي. ڳالهه ڪيان ٿو هن وقت پاڪستان ۾ بجلي في يونٽ 65 روپيا ڏني وڃي ٿي. بجلي في يونٽ مهانگي هجڻ سبب بجلي چوريءَ ۾ به اضافو ٿي رهيو آهي. پرويز مشرف دور ۾ بجلي يونٽ سستي هئي ان ڪري بجلي چوري ڪونه پئي ٿئي.

هن وقت افغانستان، ڀارت ۽ بنگلاديش ۾ في يونٽ بجلي جيڪا عوام کي ڏني وڃي ٿي ان جي ڀيٽ پياري پاڪستان سان ڪئي ويندي ته پاڪستان ۾ بجلي سڀ کان وڌيڪ مهانگي ڏني وڃي ٿي. ۽ ايشيا جي ملڪن ۾ پاڪستان کان بجلي في يونٽ سستي آهي. اليڪشن ۾ ن ليگ عوام کي بيوقوف بنائڻ لاءِ جيڪي نعرو ويو ته هو اقتدار ۾ اچي عوام کي سستي بجلي ڏيندي پر اهو نعرو هوا ۾ اڏري ويو سڀ ڪوڙ. ن ليگ حڪومت اليڪشن کان پوءِ مهانگائي ڪندي عوام جي منهن تي وڏي چماٽ وهائي ڪڍي آهي. هن وقت پاڪستان جي عوام کي 65 روپيا في يونٽ بجلي ملي رهي آهي.

تازي ڄاڻ موجب هن وقت افغانستان جيڪو ڪيترن ئي سالن کان وٺي جنگين ۾ رهندي تباهه ٿيو اهو به دنيا جي سپر طاقتور ملڪن جن ۾ روس ۽ آمريڪا سان وڙهندو رهيو اسان کي سوچڻ گهرجي ته افغانستان جي معاشي حالتون ڪيتريون ته خراب هونديون هيون ان افغاستان ۾ هن وقت بجلي جي 200 يونٽن تائين قيمت 2.5 افغاني ريال يعني پاڪستاني روپين ۾ 3.92 روپيا في يونٽ ٿئي ٿي. بنگلاديش ۾ 7.20 روپيا في يونٽ بنگلاديشي عوام کي ملي رهي آهي. ڀارت ۾ بجلي 6.29 في يونٽ عوام کي ڏني وڃي ٿي پاڪستان ۾ في يونٽ 7.12 آهي. ٽيڪسن سميت پاڪستان جي عوام کي 65 روپين ۾ في يونٽ ملي رهي آهي. ٽيڪسن سميت ڀارت ۾ 21 روپيا في يونٽ آهي. پاڪستان ۾ آمريڪي ڊالر 278 روپين ۾ ملي ٿو. بنگلاديش ۾ آمريڪي ڊالر 118 روپين ۾ ملي ٿو. ڀارت ۾ آمريڪي ڊالر 84 روپين ۾ ملي ٿو. ايشيا جي ملڪن ۾ پاڪستان ۾ آمريڪي ڊالر سڀ کان وڌيڪ مهانگو آهي. ڇاڪاڻ ته پاڪستان جا حڪمران رشوت کان پاڪ آهن ۽ پاڪستان هڪ خودمختيار ايٽمي ملڪ جو آهي. افغانستان ۾ ٽيڪسن سميت بجلي 15 روپيا في يونٽ ملي ٿي. پاڪستان جي پاور سيڪٽر ۾ 335 ارب روپيا بجلي ورهائيندڙ ڪمپنين کي جمع ڪرائڻا هئا جيڪي نه ٿي سگهيا. پاور سيڪٽر تي ٽوٽل قرض 2.6 ٽريلين روپيا آهي. نام نهاد آءِ پي پيز جي ڪارخانن سبب بجلي جي بلن ۾ نام نهاد ۽ غير قانوني ٽيڪسون لڳايون وڃن ٿيون.

وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه پاور ڊويزن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته سيپڪو ۽ حيسڪو بجلي چوري جو سبب ڄاڻائيندي سموري علائقي جي فيڊرن کي مڪمل طور بند ڪيو وڃي ٿو جيڪو غير قانوني عمل آهي. مرڪزي حڪومت سنڌ جي عوام سان امتيازي سلوڪ ڪري پيو جيڪو بند ٿيڻ گهرجي.

سنڌ ۾ لوڊشيڊنگ جو وڏو آزار آهي ۽ تجارتي طبقو توڙي عام ماڻهو ڏاڍو پريشان آهي. جڏهن لوڊشيڊنگ خلاف آواز اٿاريو وڃي ٿو ته بجلي جون پاور ورهائيندڙ ڪمپنيون ڊسڪوز عوام کي سزا ڏيندي علائقن جي بجلي بند ڪئي وڃي ٿي. وفاقي حڪومت کي گهرجي ته لوڊ مئنيجيميٽ کي بهتر ڪيو وڃي. بلن جي عدم ادائيگن يا لائن لاسز جو بهانو بڻائي سموري علائقي جي بجلي بند ڪري عوام کي سزا ڏيڻ ڀلا ڪٿان جو انصاف آهي؟ پاور ڊويزن لائن لاسز کي گهٽ ڪرڻ لاءِ پراڻين لائينن يا فيڊرن جي مرمت نه ڪرڻ آهي. هن وقت سيپڪو ۽ حيسڪو ۾ 40 سالن جو پراڻيون لائينون لڳل آهن. جنهن جي ڪري لائين لاسز وڌن پيا. صارف بجلي چوري ڪونه پيو ڪري ان کي بجلي چوري ڪرڻ تي راضي ڪيو پيو وڃي. اهو ڪير ٿو ڪري؟ ان بابت وڌيڪ ڳالهائڻ جي ڪابه ضرورت ناهي. بجلي تقسيم ڪار ڪمپنيون روينيو گڏ ڪرڻ ۾ به نااهل ڏسڻ ۾ اچن ٿيون. طريقيڪار بهتر ۽ مضبوط ناهي. هاڻي سوال آهي ته چڱائي لاءِ اڳرائي ڪير ڪري؟ عوام يا بجلي ڏيندڙ ادارا؟ بجلي ورهائيندڙ ڪمپنيون پنهنجي ڪوتاهين جو پلاند عوام کان وٺي رهيون آهن. نواز شريف جي تازي بيان مان جنهن ۾ هن چيو آهي ته سستي بجلي ڀارت کي وڪرو ڪرڻ گهرجي؟ سائين کان سوال آهي ته توهان کي ڀارت جو عوام ووٽ ڏيندو آهي يا پاڪستاني عوام؟ سستي بجلي ڀارت کي ڏيڻ بجاءِ ملڪ جي عوام کي ڇو نه ڏني پئي وڃي؟ يا بجلي في يونٽ سستو ڇو نه ڪيو پيو وڃي ته جيئن بجلي ورهائيندڙ ڪمپنين مان چوريءَ جو آزار ختم ٿي وڃي. جڏهن بجلي في يونٽ سستو هوندو ته ماڻهو بجلي چوري کان به لنوائيندا ۽ ماڻهو ڌڙا ڌڙ نوان ميٽر به لڳرائيندو. لائن لاسز به گهٽ ٿيندا ۽ لوڊشيڊنگ به نه ٿيندي. جڏهن بجلي جو روينيو بهتر ٿيندو ته ظاهر آهي بجلي به بهتر ملندي. ن ليگ هر اليڪشن ۾ ڪوڙن جا ڪٽا ڀري گهمندي آهي. عوام کي بيوقوف بڻايو ويندو آهي. ماڻهن کي جنت جا تصوراتي خواب ڏيکاريا ويندا آهن. افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته فغانستان جيڪو جنگين جو ڏتڙيل ملڪ آهي ۽ مدرسي مان فارغ التحصيل ٿيندڙ طالبن جي هٿ ۾ اچي ويو آهي. اهي طالبان افغانستان کي ترقي طرف تيزي سان وٺي وڃي رهيا آهن. پاڪستان جا حڪمران تيزيءَ سان ملڪ ۾ ڪرپشن ڪندي ملڪ کي پوئتي ڌڪي رهيا آهن. پاڪستان کي اُکاڙو بڻايو ويو آهي.

افغاني ڪمپني برشنا جي اڳواڻ چيو آهي ته افغانستان ۾ پاڻي مان 23 هزار ميگاواٽ بجلي پيدا ڪئي پئي وڃي. افغانستان جي شهر بغلان کان ڪابل تائين 500 ڪي وي اي پاور پروجيڪٽ 20 سيڪڙو مڪمل ڪيو ويو آهي. طالبان افغانستان جي تاريخ ۾ وڏا وڏا معاشي منصوبا شروع ڪيا آهن. افغانستان ترڪمانستان کان 1000 هزار ميگاواٽ بجلي خريد ڪري رهيو آهي. صوبي بغلان کان دشت خواجا علوان کان ڪابل جي علائقي ارغندي تائين 500 ڪي وي اي تي ڀارت، چين جا انجنيئر ڪم ڪري رهيا آهن. اڄ تائين انهن چيني انجنيئرن جي موت جي ڪابه خبر آئي آهي؟ بلڪل نه. انهن کي مڪمل تحفظ فراهم ڪيو پيو وڃي. پر پاڪستان ۾ ڪوبه چيني انجنيئر اڪيلي سر ڪنهن شاپنگ مال تي به وڃي ڪونه ٿو سگهي. پاڪستان کان وڌيڪ بهتر بجلي نظام افغانستان ۾ آهي. عام ماڻهوءَ کي بهتر سستي بجلي ملي رهي آهي. مون کي ته لڳي ٿو ته ڪجهه سالن اندر پاڪستان جو سيڙپڪار پاڪستان مان جان ڇڏائي افغانستان سيڙپ ڪاري ڪرڻ لاءِ نڪري ويندو. پوءِ باقي پاڪستان وٽ صرف ڪهوٽا ۾ پوريل ايٽم بم وڃي بچندا. اسان جي ڄاڻ ۾ اضافو ڪندي وزارت پاڻي ۽ بجلي جي وزير عبد اللطيف منصور ٻڌايو ته عوام کي بهتر کان بهتر بجلي ڏيندي پاڪستان کان اڳڀرا هونداسين ۽ ترڪمانستان کان 500 ڪي وي اي لائن تي ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي. هن جو چوڻ هو ته بجلي بهتر هوندي ته سيڙپڪار افغانستان ۾ سيڙپ ڪاري ڪندو ۽ وڏي ڳالهه ته اسين سيڙپڪار کي سستي ۽ 24 ڪلاڪ بجلي ڏينداسين ته جيئن افغانستان معاشي طور سينٽرل ايشيا ۾ ٽائيگر طور سامهون اچي. پاڪستان جو عوام هاڻي پاڻ فيصلو ڪري ته انگريزي زبان نه ڄاڻيندڙ ۽ سائنسدان نه هجڻ جي باوجود به ملڪ لاءِ ڇا ٿا سوچين؟ پاڪستان جا حڪمران ملڪ کي لٽي ڦري عوام کي بي يارو مددگار ڇڏي دنيا ۾ پئسو سيڙپ ڪن ٿا. افغانستان ۾ هن وقت بجلي بحران 30 سيڪڙو وڃي بچيو آهي. اهو به جلد پورو ٿي ويندو ڇاڪاڻ ته باقي علائقن ۾ نيون گرڊ اسٽيشنيون لڳي رهيون آهن ۽ ظاهر آهي انهن مان فيڊر به نڪرندا جنهن کان پوءِ افغانستان بجلي شعبي ۾ پاڻ ڀرو ٿي ويندو ۽ هڪ ڏينهن پاڪستان افغانستان آڏو ڪستو کڻي پنڻ لاءِ بيٺل ڏسڻ ۾ ايندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.