عالمي توڙي ڏيھي ميڊيا جي زينت بڻيل ايس سي او جو اجلاس پنھنجي پڄاڻي تي پهتو.شنگھائي تعاون تنظيم جي اجلاس کان اڳ، سياسي منظرنامي ۾ ڪافي تجزيا ۽ قياس آرايون ٿي رھيون هيون ته پاڪستان ۽ ڀارت لاڳاپا ڪهڙو رخ اختيار ڪندا؟ ڇا اهي ڏهاڪن جي ڇڪتاڻ کي پوئتي ڇڏي، امن ۽ همواري جي نئين دور جي شروعات ڪندا، يا ڪشيدگي جي قديم روايت کي برقرار رکندا؟
ڏھن سالن کانپوءِ ھندوستاني سربراهه، جي شنڪر ، پاڪستاني سرزمين تي پير پاتو. انکان اڳ آخري ڀيرو 2015 جي پڇاڙيءِ ۾ ڀارتي پرڏيهي وزير، سشما سوراج، پاڪستان جو دورو ڪيو هو.
تنھن کانپوءِ، ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي لاهور جو اوچتو دورو ڪري پنهنجي هم منصب نواز شريف سان ملاقات ڪئي ھئي، جنهن سان پاڪستان سان لاڳاپن ۾ گرمجوشي جي اميد پيدا ٿي ھئي. ڪجھ سالن کانپوءِ تعلقات پست ٿي ويا. 2019 ۾ لاڳاپا تمام گهڻو خراب تڏھن ٿيا، جڏهن مودي سرڪار، ڀارت طرفان ولاريل ڪشمير جي مخصوص خودمختياري واري حيثيت ختم ڪئي. رد عمل ۾ پاڪستان نئين دهلي سان ٻه طرفي واپار ۽ سفارتي لاڳاپا معطل ڪري ڇڏيا ھئا. ڪافي عرصو گذرڻ کانپوءِاڳوڻي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري، 2023 ۾، ڀارتي رياست گووا ۾ رٿيل ايس سي او جي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي، جتي سندس جئه شنڪر سان سخت لفظن جي ڏي وٺ ٿي ھئي.
شنگھائي تعاون تنظيم جي اجلاس کان اڳ پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ روايتي طور تي ڪشمير جي مسئلي تي تڪراڙ ھلندڙ آھي، جنهن ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن سان گڏوگڏ خطي جي صورتحال کي متاثر ڪيو آھي. تنھن ڪري عالمي فورمن تي الزام تراشي ۽ سياسي بيانبازي سلسلو جاري رهندو آيو آھي. عالمي ناماچاري ۾ ٻنھي ملڪن جي تڪرار ڪيترن ئي فورمن ۽ تنظيمن جي واڌ ويجهه لاءِ رنڊڪن جو سبب بڻيو آهي. حاليه SAARC جو مثال سامھون آھي. تنھن سبب 2017 ۾ ٻنھي ملڪن کي اھا ضمانت وٺي ھن تنظيم ۾ شامل ڪيو ويو ھيو ته ٻئي ملڪ پنھنجن گڏيل مسئلن کي ھن فورم جو حصو نه بڻائندا. تنھن باوجود، منھن، منھن سان ضرور لڳندو آيو آھي.
شنگھائي تعاون تنظيم جي ڪانفرنس کان اڳ پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ صورتحال بابت تجزيه نگارن ۽ سياستدانن جا مختلف اندازا ۽ توقعات ٻڌڻ وٽان مليا. ڪجهه تجزيه نگارن جو خيال هو ته ايس سي او جي فورم ٻنهي ملڪن کي معمولي سازيءِ لاءِ هڪ مناسب ميدان فراهم ڪري سگهي ٿو. خطي جي امن ۽ استحڪام ۽ درپيش ماحولياتي مسئلن لاءِ تعاون جي ضرورت آهي. نشر و اطلاعات جي وفاقي وزير عطاءِ الله تارڙ جئہ شنڪر جي دوري کي نئين سر راھ هموار ڪندڙ بيان ڪيو.
دؤري کان اڳ، جئه شنڪر پاڪستان سان ڪنھن به قسم جي باھمي ملاقات جي انديشن کي رد ڪيو ھو. ھي دورو مهيني کانپوءِ ٿيو، جڏهن هن اعلان ڪيو ھو ته پاڪستان سان بي ترتيب ڳالهين جو دور ختم ٿي ويو آهي. گھڻي عرصي کان نئين دهلي جو مضبوط موقف آهي ته جيستائين اسلام آباد پنهنجي سرزمين تي دهشتگرد گروھن سان معاملا طئي نه ڪندو، ڪا به ڳالهه ٻولهه نه ٿي سگهي. اجلاس ۾ انھيءَ موقف کي ورجاءِ ڏسڻ ۾ آيو. سندس چوڻ ھيو تہ ترقي ۽ استحڪام جو دارومدار امن تي آهي، امن جو مطلب دهشتگردي، انتها پسندي ۽ عليحدگي پسندي خلاف سخت رويو اختيار ڪرڻ آهي، سرحد پار دهشتگردي، انتهاپسندي، عليحدگي پسندي جهڙيون سرگرميون جاري رهنديون ته واپار، عوامي سطح تي رابطن جي بحالي مشڪل ٿي ويندي.
شنگھائي تعاون تنظيم جي اجلاس ۾ شريڪ ٿيڻ جا ڀارت جا ٽي مکيه مقصد ھئا. ايس سي او خاص طور تي هندستان لاءِ تمام وڏي اھميت جو حامل آهي ڇاڪاڻ ته سندس تنظيم ۾ رڪنيت ۽ توجھ وچ ايشيا تي نظر رکڻ آھي. وچ ايشيا، ڀارت جي خارجہ پاليسي لاءِ اھم خطو آھي، جتي نئين دهلي لاڳاپن کي وڌائڻ جو خواهشمند آهي. پر کيس رسائي ۾ هڪ موروثي رڪاوٽ کي منهن ڏيڻو پئجي رھيو آھي. هندوستان کي وچ ايشيا تائين سڌي زميني رسائي نه آهي ڇاڪاڻ ته پاڪستان پاڻ اتي لاڳاپن کي وڌائڻ جي ڪوشش ڪري رھيو آھي. تنھن ڪري، هندستان، هن خطي سان اعليٰ سطحي ھر ممڪن موقعي جي تلاش ۾ آھي.
ٻيو، ايران جي چابهار بندرگاهه تائين رسائي لاءِ کيس ھڪ باءِ پاس جي اشد ضرورت آھي، جيڪو وچ ايشيائي رياستن ذريعي ئي حاصل ٿي سگھي ٿو.
ٽيون اھم مقصد چيني اثر رسوخ جي روڪٿام ڪرڻ آھي.
ھن وقت روس ۽ چين ھڪ متبادل بين الاقوامي سسٽم لاءِ ڪوشان آھن. چين گلوبل ساؤٿ يعني ڏکڻ دنيا جو ترجمان ٿيڻ لاءِ سڀني کان اڳرو آھي، جيڪو ڀارت جي مفادن سان ٽڪراءِ ۾ آھي. آمريڪا چين جي رستا روڪ ڪرڻ جو بار ڀارت کي سونپيو آھي ۽ کيس پنھنجو حليف سمجھي ٿو. ڀارت پنھنجي پرڏيهي پاليسي کي غير جانبدار طور پيش ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪري ٿو. تنھن باوجود، هندستان ۾ توازن نه آهي ۽ ھر طرح سان مڪمل طور تي اولهه سان جڙيل آهي.
پ اڪستان طرفان گڏيل تعلقات جي بھتريءِ لاءِ ڪا خاص اڳرائيءِ ڏسڻ ۾ نه آئي. جئه شنڪر کي پرڏيهي وزارت جي آفيسرن طرفان استقبال ڪيو ويو. ان مان اھو واضح ٿئي ٿو ته پاڪستان، هندوستان سان ٻه طرفي ڳالهيون ڪرڻ لاءِ بيتاب نه ھيو. تنھن کان علاوہ، ڀارتي وزير پاران ڍڪ ۾ پاڪستان کي نشانو بڻائندي پنھنجي پراڻي روايت جو ورجاءِ ڪيو ۽ پنھجي سالميت يعني ڪمشير واري مسئلي تي ڪنھن به قسم جو سمجھوتو ڪرڻ کان نابري واري. جئه شنڪر زور ڏنو ته دهشتگردي، انتهاپسندي ۽ عليحدگي پسند ايس سي او لاءِ اهم چئلينج آهن. گڏيل احترام ۽ خودمختياري کانسواءِ واپار ۽ راهداري ممڪن ڪونهي.
ان مان اھو صاف ظاھر آھي ته ھندستان ڪشمير واري مسئلي کان علاوہ ڪنھن به قسم جي باھمي تعاون تي سمجھوتو ڪرڻ نٿو چاهي، جيڪو پاڪستان لاءِ حساس معاملو پڻ آھي.تنھن باوجود تازو شنگھائي تعاون تنظيم اجلاس علائقائي سفارتڪاري ۾ هڪ اهم سنگ ميل ثابت ٿيو. خاص طور تي، گذريل سال گوا ۾ ايس سي او جي دوران هندستان ۽ پاڪستاني پرڏيهي وزيرن سخت جملن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ سندن وچ ۾ هٿ ملائڻ جي رسم به ادا نه ڪئي وئي. پر، هن ڀيري هڪ خوشگوار ملاقات ٿي گذري. رات جي ماني وقت ٻنھي ملڪن جا وزير گڏ ويٺل نظر آيا. هندستاني پرڏيهي وزير ايس جي شنڪر ۽ پاڪستان جي گهرو وزير محسن نقوي جي وچ ۾ غير رسمي ملاقات ٿي، جنھن ۾ ڪرڪيٽ لاڳاپن سميت ٻه طرفي معاملن تي مشغول ٿيڻ جي خواهش ظاهر ڪئي. جئه شنڪر ڀارتي ھاءِ ڪمشنر ۾ وڻڪاري ڪئي ۽
دؤري جي اختتام تي پاڪستان جا شڪرانا بجا آڻيندي اجلاس کي ڪامياب بڻائڻ جو ذڪر پڻ ڪيو. هي ترقي، ٻين مثبت نشانين سان گڏ، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻه طرفي لاڳاپن ۾ هڪ امڪاني تبديلي جو اشارو آھي. نه صرف اھو پر اجلاس سبب شهرين جي وچ ۾ رابطي کي وڌائڻ ۾ ھٿي ملي، ڪيترائي صحافي تقريب کي ڪوريج ڪرڻ لاءِ سرحد پار ڪري پاڪستان آيا. هي ماڻهن جو رابطو نيڪ نيتي کي هٿي ڏئي سگهي ٿو، جيڪو ٻنھي ملڪن لاءِ سٺو سنوڻ آهي.
شنگھائي تعاون تنظيم جو اجلاس دوران خاص طور تي هندستان ۽ پاڪستان جي وچ ۾ هڪ امڪاني نئين دور جي هڪ جھلڪ پيش ڪئي وئي. جڏهن ته پرڏيهي وزيرن جي وچ ۾ غير رسمي ملاقات هڪ مثبت قدم هو، اهو ضروري آهي ته مستقبل جي اڳڀرائي جي نگراني ڪرڻ جو اندازو لڳايو وڃي ته ڇا اهو ٻه طرفي لاڳاپن ۾ حقيقي تبديلي جي نمائندگي ڪري ٿو يا ڇڪتاڻ جاري رهندي.