سنڌي ادب ۾ هميشه وانگي محمد علي پٺاڻ جو هي جدت سان ڀرپور نمايان ڪتاب آهي. جنهن جي هر سٽ ڪهاڻيءَ ۾ پنهنجي ڌرتيءَ جي ماڻهن سان پيار ۽ اٿاهه جذبي جو عڪس نظر اچي ٿو. جيڪا اڄوڪي فڪشن جي هر ڄاتل سڃاتل ڪردار جي دلچسپ ۽ طلسماتي ڪهاڻي آهي. سندس نرالو اسلوب خوبصورت آهي، جنهن وسيلي هو پنهنجي فڪري آزاديءَ سان زندگي ۽ ادب کي عيان ڪري ٿو. يقينن هن کي پنهنجي فن تي عبور ۽ ڪمال حاصل آهي.
جيتوڻيڪ کيس ڪجهه تنقيد سان به مُنهن ڏيڻو پيو آهي، پر اهو ورتاءُ سدائين تخليقي اديبن سان تڏهن ٿيندو آهي، جڏهن حقيقي جدت پسند ليکڪ ثقافتي ۽ نسلي تفاوت اندر پنهنجي وجود جي بقا لاءِ منفرد واٽ وٺندا آهن.
هي ڪتاب سندس ڪردار ۽ سڃاڻپ جو چٽو ثبوت آهي ته هو ٻين جي خواهشن تي روايتن جا قيد نٿو قبولي. ۽ مصلحتن کان آجو آهي. هي ڪتاب بغاوت جي قيمتي روايت جو تسلسل آهي. جنهن ۾ هن جذباتي انداز سان پنهنجي ذات ۽ پنهنجي جذبن کي اظهاريو آهي. خاص ڪري سنڌ جي ماڻهن لاءِ جيڪي سندس تخليقي الهام جو سرچشمو آهن. سندس پُر اسرار قلم هڪ سٽ وارين سچين ڪهاڻين وسيلي انهن جي حقيقي تصوير جوڙي ٿو.
مان دل سان ليکڪ کي ۽ انهن همعصر اسڪالرن کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو، جن هن ڪتاب کي فني ۽ جمالياتي انداز ۾ انگريزي ۽ اردو ٻولين ۾ ترجمو ڪيو آهي.
(مترجم: علي بخش پٺاڻ)