پوليس اهلڪارن کي اخلاقيات به سيکاري وڃي

گذريل 13آڪٽوبر تي سنڌ رواداري مارچ تي پريس ڪلب جي آڏو جيڪا پوليس گردي ڪئي وئي تنهن تي سنڌ جي شعور جو غصو اڃان چوٽ چڙهيل آهي. ايئن به ناهي ته اهو غصو ان ڪري آهي جو سنڌ جي ساڃاهه وندن جي پوليس اهلڪارن تذليل ڪئي آهي پر حقيقت ۾ ڏسجي ته اها تذليل جي انتها هئي جنهن ڪري سخت رد عمل سامهون اچي رهيو آهي. اها پوليس جي سنئين سڌي ڏاڍائي هئي. احتجاج ڪندڙ نه وڳوڙي هيا نه ئي ڏوهاري يا دهشتگرد. اهي سنڌ جون ڄاتل سڃاتل مشهور ۽ احترام لائق شخصيتون هيون جن تي عقل کان انڌن پوليس اهلڪارن لٺ بازي ڪئي، تشدد ڪيو، کين ڳچين کان پڪڙيو،  ڪپڙا ڦاڙيا،ڌڪا ڏنا ويا، ٽنگوٽالي ڪيو ويو ٻيو ته ڇڏيو نياڻين جي تقدس کي به پائمال ڪيو ويو  ڇاڪاڻ ته پوليس اهلڪارن  جو اهو دلچسپ ترين مشغلو  رهيو آهي. ٻين جي تذليل ڪرڻ ۽ بي عزتو ڪرڻ، پوليس اختيارن جي ناجائز استعمال ۾ کين مزو ملندو آهي. بس رڳو موقعو ملين ته ڏنڊن جو وسڪارو ڪندا وتندا ۽ پوءِ اهو نه ڏسندا ته سندن آڏو ڪير آهي. حيرت آهي ته پوليس اهلڪارن ۾ ڏهارين ۽ شريف ماڻهن سان ورتاءُ ۾ ڪو فرق نظر ناهي ايندو. انهن کي بس مارڻو هوندو آهي، لٺ بازي ڪرڻي هوندي آهي ۽ تشدد ڪرڻ ايندو آهي. ايئن به ناهي ته ڪو اسان صرف رواداري مارچ  تي ٿيل پوليس گردي جي نندا ڪري رهيا آهيون پر اسان ماضي ۾ به پوليس گردي تي ايڊيٽوريل لکيا آهن ۽ ان موضوع تي لکيل  ايڊيٽوريل سهيڙجن ته جيڪر ڪيترائي ڪتاب ڇپجي وڃن. اسان استادن، نرسن، ڊاڪٽرن، معذورن، عورتن جي احتجاجن تي ٿيندڙ پوليس گردي جي شديد ترين مذمت ڪندا رهياآهيون پر هاڻي وقت اچي ويو آهي ته پوليس گردي کي ٻنجو ڏيارڻ لاءِ فيصلائتو آواز اٿارجي. اسان جو خيال آهي ته وقت اچي ويو آهي ته لٺ بازي ۽تذليل ڪندڙ پوليس اهڪارن جي ڪردار تي ڪم ڪيو وڃي ۽ کين اخلاقيات جا ڪورس ڪرايا وڃن پوليس کاتن جي سربراهن کي اهو ٻڌائڻ گهرجي ته پوليس جو مجموعي اخلاقي ڪردار پست آهي. سندن ڪردار عوام دوستي بدران عوام دشمني وارو رهيو آهي. پر جيئن ته پوليس جو ڪم عوام جي جان، مال ۽ عزت  جو تحفظ ڪرڻ آهي ته ان ڪم جي اولين تقاضا اخلاقيات آهي.

اسان هتي عام ۽ شريف شهرين جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه رکون ٿا. پوليس اهلڪارن  جو عام شهرين کي تنگ ڪرڻ جي هڪ بڇڙي روايت رهي آهي جنهن کان نه رڳو هر ڪو بيزار آهي پر ان ڪري پوليس بدنام به رهي آهي. شريف ماڻهن کي جائز ناجائز طور گهيري  ۾ آڻي رشوت وٺي ڇڏڻ  پوليس اهڪارن جو نصب العين رهيو آهي جنهن ڪري عوام وٽ پوليس جي عزت ناهي جيتوڻيڪ اها حقيقت  آهي ته هر شعبي ۽ هر کاتي ۾ يا هر جڳهه تي خراب ماڻهو به هوندا آهن ته سٺا ماڻهو به هوندا آهن.  پوليس کاتي ۾ به يقينن تمام شريف ايماندار ۽ فرض شناس آفيسر  رهيا آهن جن پنهنجي تاريخ به ٺاهي آهي ۽ عوام انهن بهترين پوليس آفيسرن کي ياد به ڪندو رهيو آهي پر اڪثريتي يا مجموعي طور پوليس جو ڪردار عوام دوست  ناهي هوندو.  تنهن ڪري حڪومت کي ان پاسي ڌيان ڏيڻ گهرجي اڃان به ان معاملي کي چئلينج ڪري وٺڻ گهرجي.

سو سنڌ کي اهڙن پوليس سربراهن جي ضرورت آهي جيڪي پوليس جي ڪردار کي عوام دوست بڻائي ڏيکارين جو عوام جيڪر کين ڏسي سلوٽ پيش ڪري. پوليس اهلڪارن کي ته اصولي  طور تي عوام جو هڏ ڏوکي هئڻ گهرجي. پر سندس ڪردار  ان جي ابتڙ، عوام کي ستائڻ ۽ پريشان ڪرڻ وارو رهيو آهي.

اصولي طور تي آئين ۽ قانون  تي عمل ڪرائڻ جو مطلب انساني زندگي کي آسان بڻائڻ هوندو آهي پر اسان وٽ وري ان کي انساني زندگي کي ڏکيو  بڻائڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي. ڏٺو وڃي ته پوليس جو پنهنجي جوهر ۾ هڪ عظيم ڪم آهي جنهن جو عظيم  مقصد آهي پر پوليس  اهلڪارن  پنهنجي انفرادي ڪردار  سان هن کاتي بدنام ئي ڪيو آهي. ضرورت ته ان ڳالهه جي به آهي ته پوليس کاتي ۾ انتهائي پڙهيل لکيل عوام دوست سوچ جي ماڻهن کي ڀرتي ڪيو وڃي پر عام تاثر اهو آهي ته جيڪو ماڻهو ٻيو ڪجهه نه ڪري سگهي تنهن کي پوليس ۾ ڀرتي ڪري ڇڏجي. جڏهن ته ڏسجي ته پوليس جو ڪردار سماج لاءِ عزت ڀريو ۽ وڏي رتبي وارو هئڻ گهرجي. پوليس جو ڪردار پنهنجي جوهر  ۾ يقينن اهڙو ئي آهي پر ته ان ۾ جيڪي ڀرتيون ٿين ٿيون تن جو معيار  بهتر ڪرڻ جي ضرورت آهي ته جيئن پوليس سماج اندر ذميواراڻو ڪردار ادا ڪري سگهي.

اخلاقيات جي حوالي سان اسان جو خيال آهي ته حڪومت کي ذاتي دلچسپي وٺڻ گهرجي. سياسي ۽ حڪمران جماعتن ته پاڻ به ماضي ۾ مختلف حڪومتن ۾ پوليس  جون زيادتيون ڏٺيون آهن،انهن جيل به ڪاٽيا آهن ۽ قيدي طور به پوليس کي ويجهو کان ڏٺو آهي پر اهي سياستدان جڏهن حڪمران ٿا بڻجن ته اهي به پنهنجن مخالفن لاءِ پوليس جي ساڳي پاليسي برقرار رکن ٿا يعني پوليس جي شعوري ۽ اخلاقي ڪارڪردگي کي بهتر بڻائڻ جي الائي ڇو ضرورت محسوس ناهن ڪندا جڏهن ته ملڪ اندر وفاقي توڙي صوبائي سطح تي گهرو وزارت به آهي ته قانون جي وزارت به آهي پر جنهن پاسي تي گهٽ ۾ گهٽ  ڪم ڪيو ويو  آهي سو پوليس  اهلڪارن  جي شعوري ۽ اخلاقي تربيت وارو آهي جنهن سبب پوليس اهلڪارن  جو ڪردار سماج اندر ساکائتو ۽ هر دلعزيزي وارو ناهي رهيو.

پوليس اهلڪارن جي رهزني، بدڪلامي ۽ تذليل ڪرڻ جون شڪايتون روز جو معمول آهن پر ان جو نوٽيس گهٽ ئي ورتو ويندو آهي باوجود ان جي ته پوليس زيادتين  خلاف اخبارن ۾ روز  خبرون به ڇپينديون آهن پر نوٽيس وٺڻ وارو جيئن ته ڪير ناهي تنهن ڪري پوليس جو ڪردار بدنام کان بدنام ۽ خراب کان خراب ئي ٿي رهيو آهي. پوليس اهلڪارن کان مارڻ ۽ ڏنڊا وسائڻ جو لائسنس ته فوري طور تي کسڻ گهرجي جيستائين انهن ۾ شريف ۽ بدمعاش ماڻهوءَ کي سڃاڻپ جي صلاحيت پيدا نه ٿي ٿئي تيستائين کين ڪنهن به انسان يا هجوم مٿان غير ضروري طور تي لٺ بازي، تشدد ۽ تذليل ڪرڻ جي اجازت نه هئڻ گهرجي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.