سال 1980 واري ڏھاڪي ۾، اڃا ايئرڪنڊيشنڊ گھرن ۾ عام جام نه ھئي. اسين به رات جو گھر جي ڇت (پلواڙي) تي کٽون رکي سمھندا ھئاسين. جڏھن سمھڻ مھل مائٽن کي ٿڪائبو ھو ته عين ان ئي وقت اوچتو پاڙي مان کاڄن واري جو گذر ٿيندو ھو. ۽ جڏھن گذرنديَ سندس گاڏي ۾ لڳل گھنڊ وڄائيندو ته امان چوندي ھئي ته ”اوھيو ڀوتني آئي اٿوَ سمھو سمھو“ ۽ اسين به جھٽ ۾ رليءَ ۾ منھن لڪائي سمھڻ جي اداڪاري ڪندا ھئاسين ۽ پوءِ الائي ڪيتري دير ۾ سچي بچي ننڊ پري اچي ساڻ خواب نگر ۾ وٺي ويندي ھئي. اڄ به انھن ڳالھين کي ياد ڪنديَ کل ٿي اچي ته شايد اھڙن عجيب و غريب قسم جي حقيقي واقعن سان ڀرپور اسين ھن خطي جي آخري نسل مان ھئاسين جن کي رات جو سمھڻ کان اڳ آکاڻيون به ٻڌڻ لاءِ ملنديون ھيون. اھڙين ئي آکاڻين مان ھڪ آکاڻي امي امان ٻڌائي. ”ابا ھڪڙو ھو ڳوٺ، جتي وڏي عرصي کان ترقيءَ نالي جو ڪو تصور نه ھو. اُتي ڌڻي بخش نالي ھڪ شخص پڻ پنھنجي ڪٽنب سميت آباد ھو. ڌڻي بخش پاڻ به پورھيت ھو ۽ سندس ابا ڏاڏا به پورھيت ئي رھيا. محنت مزدوريءَ سان گذر سفر ايترو ئي ٿيندو ھيس جو ٻئي ويلا ماني ۽ عيد برات تي ڪا ٻچن لاءِ گندي ڪپڙو وٺي سگھي. ڌڻي بخش جي خواهش هئي ته هو پنهنجي زندگي کي بدلائي پر اهو ڪيئن ممڪن هجي جڏهن هو هر ڏينهن وڪرو ٿيندڙ مزدوريءَ تي انحصار ڪندو هجي؟ ڌڻي بخش کي سندس زال زليخان مان ٻه نياڻيون نجمه ۽ فھميدہ ھيون. جيڪي اسڪول جي عمر ٿي وڃڻ باوجود ڳوٺ ۾ اسڪول نه ھجڻ ڪري تعليم جي زيور کان وانجھيون ھيون. ڌڻي بخش پريشان رھندو ھو پر ھر روز پنهنجي ڌيئرن کي ايندڙ خوشحالين جا خواب ٻڌائيند ھو ۽ اڪثر کين چوندو ھو ته غربت قسمت نه پر هڪ آزمائش آهي، جنهن کي پنهنجي محنت سان منھن ڏيئي سگهجي ٿو.
هڪ رات ڌڻي بخش جي خواب ۾ ھڪ ڪامل بزرگ سان ملاقات ڪئي، جنھن هن کي چيو ته "اي نوجوان، غربت صرف دولت جي کوٽ ناهي، اهو هڪ وهم آهي، جيڪو تو کي محنت ڪرڻ کان روڪي ٿو. هن مٽيءَ مان سون جي طمع نه ڪر، پر هن زمين مان محنت سان گل پيدا ڪر، جيڪي توکي خوشحال مستقبل ڏيئي سگهن. اها ڳالهه ڌڻي بخش جي دل ۾ گهر ڪري وئي، ۽ هن اهو عزم ڪيو ته هو پنھنجي خوشحال آئيندي سان گڏ پنهنجي ڳوٺ وارن لاءِ به ڪم ڪندو. هو ڳوٺ جي ماڻهن سان گڏجي هڪ ننڍڙو ڪاروبار ڪرڻ لڳو، جنهن ۾ هر ڪنهن کي پنهنجون صلاحيتون ڏيکارڻ جو موقعو مليو. انهن محنت ڪئي، ۽ ٿورڙي ئي عرصي ۾ ڳوٺ جون حالتون بدلجڻ لڳيون. ڪالھه ڏٺن ته ڌڻي بخش پنھنجي نئين موٽر سائيڪل تي نجمه ۽ فھميدہ کي وڏي ڳوٺ ۾ لڳل ميلو گھمائڻ پئي ويو. جھڙا ميڙا جت _ تھڙا ميڙا تت“. اھي ھيون اسانجي ننڍپڻ جون آکاڻيون جن کي ٻڌي ڪجھه پل ائين لڳندو ھو ته ڄڻ اھو ڌڻي بخش ۽ سندس گھر اکين آڏو گھمندو ھجي. پر جيئن جيئن وڏا ٿياسين ته زندگيءَ جون حقيقتون ڌڻي بخش جي ڪوڙي ڪھاڻيءَ کان ڀوائتيون لڳيون. ڳالهھ سمجھ ۾ اچڻ لڳي ته ڌڻي بخش جي غربت جي ڪھاڻي يا اسان جي ملڪ جي عوام جي زندگي، ڳالهھ ساڳي آھي. پوءَ ٻنھي جو انت ھڪجھڙو ڇو ناھي. سنڌ ۾ غربت ڪيترن ئي سالن کان زندگيءَ تي منفي اثر وجھندي آئي آھي. اھو ڪو نئون مسئلو ناھي، پر اسان ان کي قابو ڪرڻ لاءِ ڪڏهن به درست پاليسيون نٿا جوڙيون. ھتي جا پورھيت اڄ به اھو ئي سوال ڪندا آھن ته "جيئن اسان جي وڏن پورھيو ڪيو، اسان به ڪريون ٿا، پر بدحالي ختم ڇو نٿي ٿئي؟“ ان جو جواب آھي اسان جي وسيلن جي غلط ورهاست ۽ تعليم جي کوٽ. تعليم اھو واحد اوزار آھي، جيڪو غربت جي زنجير ٽوڙي سگھي ٿو. جيئن ڌڻي بخش پنھنجي سموري وسيلن ۽ سڌارن سان گڏ پنھنجو ڳوٺ تبديل ڪيو، ائين ئي اسانکي بھتر پاليسين ۽ محنت ذريعي حالتن کي بدلائڻو پوندو.
غربت اھو راڪاس آھي، جيڪو پيٽ جي باھ ڀڙڪائي، پر اميدن کي ٺاري ڇڏي ٿو. زندگي، ماني جي ڳڀي سان نه، پر عزت سان گذارڻ لاءِ آھي ۽ عزت محنت سان ملندي آھي. محنت کان سواءِ ماڻھو، سڄو جهان ئي خالي آهي، جنهن جي هٿ ۾ پورھيو نه هجي، اهو بس پيٽ جو سوالي آهي. غربت جي خلاف جنگ صرف پئسن سان نه، پر انسان جي محنت، علم ۽ ايمانداريءَ سان کٽي سگهي ٿو. سنڌ ۾، جتي ڪيترائي ماڻهو اڄ به غربت جي زندگي گذاري رهيا آهن، انهن لاءِ اميد سرڪاري نوڪري ۽ انڪم سپورٽ جا ڏوڪڙ نه ھجڻ کپن. ضروت اها آهي ته اسان جون پاليسيون بهتر ٿين ۽ اسان جو نوجوان نسل علم ۽ محنت سان نئين مستقبل لاءِ راه هموار ڪري. غربت ختم ڪرڻ جي لاءِ رڳو حڪومت يا فلاحي ادارن تي ڀاڙڻ ڪافي ناهي. هر فرد کي پنهنجي ذميواري سمجهي پنهنجي حصي جو ڪم ڪرڻو پوندو. پھرين پنھنجو پاڻ پوءِ پنھنجو گھر، پوءِ پنھنجو پاڙو ۽ پوءِ سڄو ڳوٺ ۽ پوءِ ملڪ ، خوشحالي ۽ تبديلي جو سفر پنھنجو پاڻ کان شروع ڪرڻو آھي. ته جيئن ايندڙ نسلن کي هڪ خوشحال ماحول مهيا ڪري سگهون.
غربت جي خاتمي جو ڏينھن دنيا ۾ ايڏي اھميت ماڻيو آھي، جو ھر سال سترھين آڪٽوبر تي ان ڏينھن کي يادگار طور ملهايو وڃي ٿو. اسان وٽ، خاص طور تي پاڪستان بلڪه سنڌ جي حوالي سان، غربت نه رڳو معاشي مسئلو آھي، پر ان جا سڌا اثر زندگيءَ جي ھر شعبي تي ڏسڻ ۾ اچن ٿا. ڪھاڻين ۽ افسانن ۾ سچائي جي جھلڪ ڳولڻ، اسانکي اھو درس ڏئي سگھي ٿو ته غربت جا پاڇا ڪيئن انسانن جي زندگين تي ڇانيل آھن.
اڄوڪو ڏينھن غربت جي خاتمي جو عالمي ڏينھن طور ملھايو ويندو آھي. ان ڏينھن جو مقصد دنيا ۾ غربت جي خاتمي لاءِ ماڻهن کي بيدار ڪرڻ ۽ غربت جي شڪار ماڻهن کي مدد فراهم ڪرڻ آهي. گڏيل قومن هن ڏينهن کي 1992ع ۾ سرڪاري طور تي تسليم ڪيو، پر ان جي شروعات 17 آڪٽوبر 1987ع تي ٿي، جڏهن ھزارين ماڻهن پئرس ۾ گڏ ٿي، غربت، ظلم، ۽ انساني حقن جي لتاڙ خلاف آواز اٿاريو. هن ڏينهن جي ملهائڻ جو بنيادي مقصد اهو آهي ته عالمي سطح تي غربت جي شڪار ماڻهن جو آواز بلند ڪيو وڃي. سندن حقن لاءِ آواز اٿاريو وڃي. ۽ دنيا کي ياد ڏياريو وڃي ته غربت صرف مالي تنگي ناهي بلڪه انسان جي بنيادي حقن جي پامالي آهي. خاص طور تي ترقي پذير ملڪن جهڙوڪ پاڪستان ۾، هن ڏينهن جي اهميت اڃا وڌيڪ آهي، جتي غربت هڪ وڏو سماجي ۽ اقتصادي مسئلو آهي. هن ڏينهن کي ملهائڻ، اهو پيغام آھي ته پائيدار ترقي ۽ غربت جو خاتمو توڙي سڀني ماڻهن لاءِ بنيادي ضرورتن جي فراهمي تي ڌيان ڏنو وڃي.