هجومن جي هن يلغار جا ذميوار ڪير؟

تحرير: سطانه وقاصي

هاڻ پيا ٻُڌون ته ان رواداري واري ڏينهن جنهن ۾ هڪ مذهبي جماعت به احتجاج جو سڏ ڏنو هو، اُن ۾ سنڌين کي وڏو  جاني نقصان ٿئي ها. سوال هاڻ هي ٿو  پيدا ٿئي ته سنڌ حڪومت آخر ايتري ڪمزور ڇو آهي؟ ڇا سنڌ گورنمينٽ کي هڪ پريس ڪانفرنس ڪري حقيقتون نه ٻُڌائن کپن ها؟ ڇو نه سنڌ حڪومت ۽ طاقتور ڌريون سنڌين تي ظلم ڪرڻ بجاءِ انهن کي بچائين ها انهن جو ساٿ ڏين ها.

هي سڀ چوڻ جون ڳالهيون آهن حقيقت ته اها آهي ته هڪ مولوي سالن کان وٺي کلم کُلا  سنڌ جي اصل وارثن جي نياڻين کي کنڀي کڻي زوريءَ  مسلمان  ڪندو وتي، اهو مولوي ڪجهه وقت اڳ هڪ پارٽي جو عهديدار به هو.تازو عمرڪوٽ “ ۾ ٿيل ظلم پويان به  مذهبي قوتون آهن. اِهي مُلان ۽ انهن جا سردار سنڌ ڄاوا  نه آهن. سالن کان وٺي سنڌ کي اندران کوکلو ڪيو ويو آهي. ڄاڻي واڻي ُاهو سنڌ ۾ اوڙاهه ٻاريو ويو آهي جيڪا سنڌ جي رواداري ۽ تهذيب  نه آهي.

ڏوهه دار  اسان سڀ آهيون. سالن کان وٺي پلاننگ تحت. سنڌ ۾ مدرسن جو  ڄار وڇايو ويو آهي. بس قبضو ڪن هڪ مسجد ٺاهن ۽ پوءِ اُت مدرسا ٺهيو وڃن اُنهن مدرسن ۾ سنڌي گهٽ پر ٻين صوبن جا مُلان ۽ شاگرد آهن. ڇا سنڌ حڪومت کي ڄاڻ نه آهي ته هي قبصه خور آخر ايترا پئسا ڪٿان ٿا آڻين؟ گهڻن مدرسن ۾ ته رهائش ۽ کاڌو پيتو به ڏنو ويندو آهي. اسان به اهو ڏٺو آهي سالن کان وٺي زڪوات  خيرات ۽ پئسي جي مدد اسان جي خوشحال طبقي وٽان به اُنهن کي ملندي رهي آهي. جنهن کي چار پئسا ڏيڻا آهي ته هو مدرسن وارن کي ڏيندا. قبضه خور ڪچي مسجد ٺاهي پوءِ  چندا گهرڻ  نڪري پوندا آهن ۽ ماڻهون  اُنهن کي دل کولي پئسا ڏيندا آهن مان ڪا مخالفت نه ٿي ڪريان اِهو به چڱو ڪم، پر اسان ڪنهن اسڪول ڪنهن ننڍڙي اسپتال،ڪنهن جي تعليمي مدد، ڪنهن بيمار جي مدد ڪندي پيا ڪيٻائيندا آهيون.

اهو ئي سالن جو سفر آهي جنهن سنڌ کي  اِن انتها تائين پُڄايو  آهي. ”روزا نمازون ايءُ پڻ چڱو ڪم، او ڪو ٻيو فهم جنهن سان پسجي پرينءَ کي“ سنڌ ۽ سنڌي ته اِن سوچ ۽ راهه جا مسافر هئا. هاڻ ته هتي هُجومن جي يلغار آهي،اسلام ته امن ۽ زندگي جو پيغام ڏئي ٿو پوءِ هيءَ موت جي راند ڇو ۽ ڇا جي لاءِ ؟ ڪوڙا الزام، ڪوڙيون فتوائون ذاتي ۽ ملڪيتي دُشمني پويان مذهب جي آڙ  وٺي قتل خون. هي سڀ ڇا آهي؟ اسان سنڌيَ کي اُن ويل اکيون  پٽيندا آهيون  جڏهن ڌٻڻ ۾ ڦاسي پوندا آهيون.  هن ڌٻڻ  جا اسان به حصي دار آهيون، ڏاڍو  ڏکيو وقت آهي. شل سنڌ ۽ سنڌين جو خير ٿئي.

هاڻ ته هتي هُجومن جي يلغار آهي،اسلام ته امن ۽ زندگي جو پيغام ڏئي ٿو پوءِ هيءَ موت جي راند ڇو ۽ ڇا جي لاءِ ؟ ڪوڙا الزام، ڪوڙيون فتوائون ذاتي ۽ ملڪيتي دُشمني پويان مذهب جي آڙ  وٺي قتل خون. هي سڀ ڇا آهي؟ اسان سنڌيَ کي اُن ويل اکيون  پٽيندا آهيون  جڏهن ڌٻڻ ۾ ڦاسي پوندا آهيون.  هن ڌٻڻ  جا اسان به حصي دار آهيون، ڏاڍو  ڏکيو وقت آهي. شل سنڌ ۽ سنڌين جو خير ٿئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.