اڻ اعلانيل مارشل لا آهي، سنڌ سرڪار رواداري جي ڳالهه ڪندڙن جي رستاروڪ پئي ڪري:ساڃاهه وند

حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ جي ساڃاهه وندن، ليکڪن، اديبن، استادن ۽ صحافين چيو آهي ته سنڌ بنياد  پرستي کي قبول نه ڪندي، سنڌ حڪومت امن ۽ راواداري جي ڳالهه ڪندڙن جي رستاروڪ ڪري رهي آهي، ڄڻ سنڌ ۾ اڻ اعلانيل مارشلا لڳل آهي، امن جي ڌرتي امن ٿي چاهي ۽ اڄ جي حالتن ۾ سنڌ ۾ هڪ نئين تحريڪ جنم وٺي رهي آهي. ڪالهه جوائنٽ ايڪشن ڪاميٽي طرفان "سنڌ ۾ انتهاپسنديءَ جو اڀار ۽ عوامي مزاحمت” جي عنوان هيٺ حيدرآباد پريس ڪلب ۾ ويهڪ منعقد ڪئي وئي. ان موقعي تي نامياري اديب تاج جويي چيو ته رواداري مارچ ذريعي مزاحمت جا بنياد رکندڙ ڪردار سنڌ جا قومي ھيرو  آھن, جن امن ۽ رواداريءَ لاءِ پوليس جو تشدد برداشت ڪيو. هن چيو ته نه رڳو انتهاپسندي پر سنڌو درياهه تي اعلانيل نون ڇهن ڪئنالن، سنڌ جي زمين جي والار ۽ انتهاپسنديءَ خلاف سنڌ جي هر مزاحمت اسان جي گڏيل مزاحمت آهي ۽ اسين ان ۾ عملي طور تي سڀ گڏجي شريڪ ٿينداسين. نامياري وڪيل ۽ قومپرست اڳواڻ يوسف لغاري چيو ته عمرڪوٽ ۾ ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي عدالت کان مٿانهين قتل خلاف هزارن جي تعداد ۾ سنڌ جي شعور نڪري مزاحمت ڪئي ۽ 13 آڪٽوبر تي لطيف جي سورمين ڪراچي ۾ رواداري مارچ ڪري هڪ دفعو ٻيهر سنڌ جي فڪري  مزاحمت جا بنياد رکيا آهن.  وومين ايڪشن فورم جي سرواڻ امر سنڌو چيو ته هيءَ تحريڪ ڪنهن پارٽيءَ جي تحريڪ ناهي، هيءَ سنڌ جي بقاء جي ويڙهه جي تحريڪ آهي. هن چيو ته سنڌو نواز گهانگهرو، مسعود لوهار ۽ مانجهي فقير عمرڪوٽ پهچي زخمي ٿيل سنڌ کي نئون حوصلو ڏنو. ڪراچي ۾ ٿيل مزاحمت کان وٺي اڄ جي فڪري ويهڪ تائين اسان جي هيءَ گڏيل تحريڪ سنڌ جي مالڪي ڪندي، سنڌ اسان لاءِ ريڊ لائن آهي ۽ اسين ان لاءِ مرڻ لاءِ به تيار آهيون. ايڇ آر سي پي جي اڳواڻ پروفيسر امداد چانڊيي چيو ته عمرڪوٽ ۾ ڊاڪٽر شاهنواز جو عدالت کان مٿانهون قتل سنڌ جي امن، قانون ۽ رواداريءَ جو قتل آهي. هن چيو ته ڪراچي ۾ رواداري مارچ واري مزاحمت سڌي طرح بنياد پرستيءَ کي للڪاريو آهي. يوٿ ايڪشن ڪميٽي جي ڪنوينر سنڌو نواز گهانگهرو چيو ته جيڪڏهن سنڌ اڄ نه اٿي ته مستقل غلاميءَ جي ور چڙهي ويندي. ڊاڪٽر عرفانه ملاح چيو ته سنڌ شهيد محترمه بينظير ڀٽو ۽ بلاول ڀٽو کي ووٽ ڪيو پر ڊاڪٽر شاهنواز جي عدالت کان مٿانهين قتل ۽ ڪراچيءَ ۾ رواداري مارچ تي ٿيل وحشياڻي پوليس تشدد واري عمل سان ووٽ جي توهين ٿي آهي. هن چيو ته عمرڪوٽ ۾ عدالت کان مٿانهين قتل واري واقعي ۾ ملوث ماڻهن کي پيپلزپارٽي جي قومي اسيمبليءَ جي ميمبر گلن جا هار پارايا  پيپلزپارٽيءَ کي بنا دير ان کان استعيفيٰ وٺڻ گهرجي. پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس جي مرڪزي اڳواڻ خالد کوکر چيو ته عمرڪوٽ ۽ ڪراچي ۾ لطيف جي سورمين جي اڳواڻيءَ ۾ ٿيل احتجاج نئين سنڌ کي جنم ڏنو آهي، ون يونٽ، ايم آر ڊي واري تحريڪ ۽ ڪالاباغ ڊيم خلاف تحريڪ کانپوءِ امن ۽ رواداريءَ واري هي تحريڪ سنڌ جي نئين تاريخ کي جنم ڏئي رھي آھي. عوامي ورڪرز پارٽي جي اڳواڻ ڪامريڊ بخشل ٿلهي چيو ته ڊاڪٽر شاهنواز جو قتل سنڌ جي رواداري جي روح تي تلوار وانگي ڪڙڪيو، سنڌ مزاحمت ڪندي ۽ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي پنڌ کي توڙ تائين پهچائيداسين.  ايڇ آر سي پي جي ڪوآرڊينيٽر غفرانه آرائين چيو ته سنڌ انتهاپسنديءَ کي برداشت نه ڪندي، اسين آئين ۽ قانون جي بالادستي چاهيون ٿا. يوٿ ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻ حمز علي چانڊيي چيو ته هي وقت نئين صف بنديءَ جو آهي، اهڙي ڪنهن به مذهبي جماعت کي سنڌ جي قومي جدوجهد ۾ شامل نٿو ڪري سگهجي، جيڪي پنهنجي روح ۾ انتها پسند آهن ۽ عدالت کان مٿانهين قتل جي حمايت ڪن ٿا. سنڌ هاري ڪاميٽي جي مرڪزي صدر ڪامريڊ ثمر حيدر جتوئي چيو ته ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ۽ امر جليل خلاف به فتوائون ڏنيون ويون. ڪانفرنس کي  ڊاڪٽر بدر چنه، سعديه بلوچ، ڪامريڊ تاج مري، پروفيسر ڊاڪٽر رفيق چانڊيو، ڊاڪٽر حميد سومرو، واجد لغاري، شهناز شيدي، ارشد ٽالپر، محسن جويو، ماروي اعواڻ، رميش گپتا، زاهد ڏيٿو ۽ ٻين خطاب ڪيو.  فڪري ويهڪ ۾ گهر ڪئي وئي ته ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي قتل ۾ ملوث ايف آءِ آر ۾ شامل پوليس عملدارن معطل ٿيل ڊي آئي جي ميرپورخاص، ايس ايس پي ميرپورخاص، ايس ايس پي عمرڪوٽ ۽ عمر جان سرهندي سميت سمورن جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي. رواداري مارچ تي ٽارچر جي ذميوار ڊي آئي جي پوليس ۽ ٻين عملدارن خلاف سخت قانوني قدم کنيو وڃي. سنڌ جي گهرو وزير ۽ آئي جي سنڌ کي هٽايو وڃي. پيپلزپارٽي جي اڳواڻ شيري رحمان، بختاور ڀٽو زرداري ۽ سنڌ جي وڏي وزير پاران پوليس ڪارروائي تي ڪيل معافي ۽ افسوس جو اظهار ڪرڻ باوجود سنڌ رواداري مارچ جي آرگنائيزرن ۽ شريڪ ٿيندڙن خلاف ايف آئي آر داخل ڪرڻ ۽ ان ايف آئي آر ۾ انتهاپسند ۽ فرقي پسند گروهه جي قانون جي ڀڃڪڙي ڪندڙ ماڻهن کي شامل ڪرڻ افسوسناڪ آهي مقتول ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي خاندان جي مستقل مالي سهائتا سان گڏ سندس خاندان جي تحفظ جو فل پروف بندوبست ڪيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.