آئيني ترميم 19 يا 20 آڪٽوبر تي منظور ٿيڻ جو امڪان

اسلام آباد(فخر دراني) حڪومت آئيني ترميم مان فوجي عدالتن جي شق ختم ڪرڻ جو فيصلو اڃا ناهي ڪيو،مولانا فضل الرحمان ۽ حڪومت وچ ۾ آئيني عدالت بدران آئيني بئنچ تي اتفاق راءِ ٿيڻ جا اطلاع مليا آهن،جي يو آءِ جي قانوني ٽيم جو موقف آهي ته وفاق ۽ صوبن ۾  ٻه متوازي عدالتون قائم ٿيڻ طاقت جي ٽڪراءُ ۽ عدالتن ۾ ڇڪتاڻ جو خدشو آهي،ان ڪري هڪ مستقل آئيني بئنچ قائم ڪئي وڃي،جڏهن ته حڪومتي ميمبرن جو موقف آهي ته آئيني عدالت جو قيام ميثاق جمهوريت جو اهم جز آهي ان تي نه پ پ نه ئي مسلم ليگ ن پوئتي هٽندي،آئيني بئنچ جو ڪو فائدو ئي ناهي،ذريعن جو چوڻ آهي ته مولانا فضل الرحمان سان هن وقت جيڪي ڳالهيون هلي رهيون آهن اهي رڳو فارملٽي آهن،پ پ،جي يو آءِ ۽ نواز ليگ ۾ آئيني عدالت تي اتفاق راءِ اڳ ۾ ٿي چڪو آهي، آئيني ترميم 19 يا 20 آڪٽوبر تي منظور ٿيڻ جو امڪان آهي.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، خميس 17 آڪٽوبر 2024ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.