17 آڪٽوبر 1984 کان 13 آڪٽوبر 2024 تائين

تحرير: چانڊيو حاڪم

13 آڪٽوبر تي سنڌ جي روداري لاءِ سنڌ جي راڄڌاني واري پنهنجي شهر ڪراچي ۾ پريس ڪلب آڏو پر امن احتجاج کي ضيا جي سرڪاري مشينري ناڪام ڪرڻ جي سازش ڪئي جنهن ۾ سندس ڪارندن  پريس ڪلب جهڙي پرامن علائقي کي به جنگ جو ميدان بڻائي سنڌ جي  شعور تي لٺيون وسايون، کين گهليو ويو، ڪپڙا ليڙون ليڙون ڪيا ويا، وحشياڻو تشدد ڪيو ويو، نياڻين، راڳين، صحافين، اديبن دانشورن کي گرفتار ڪري لاڪ اپ ڪيو، حڪومت جي اهڙي عمل خلاف سڄي سنڌ سراپا احتجاج بڻجي وئي جنهن تي مجبور ٿي ضيا سرڪار گرفتار ڪيل ماڻهن کي رات جو دير سان آزاد ته ڪيو پر پويان وري قلم 144 جي خلاف ورزي جا ڪيس داخل ڪيا ويا، ضيا سرڪار جي اهڙي مذمت جوڳي عمل سنڌي قوم جي زخمن تي نه صرف لوڻ ٻُرڪيو پر  آمر  ضيا ءٌ  الحق  جي 80 جي ڏهاڪي واري سنڌي قوم تي ڪيل  ظلمن جي يادتازي ڪري ڇڏي.  اهي ئي ٻئي ضيا، اهو ئي آڪٽوبر مهينو بس فرق هو ته رڳو تاريخ ۽ ڪردارن جو هو، ظلم هيٺ آيل سنڌ پرست هئا ۽ ظلم ڪندڙ اقتدار پرست هئا ۽ آهن  جڏهن ته اسان 80 واري ڏهاڪي کي ياد ڪيون ٿا ته ضياءَالحق جي ٻين کوڙ سارن ظلمن سان ٽوڙي ڦاٽڪ به شامل آهي.

ٽوڙهي ڦاٽڪ جي سانحي کي 40 ورهيه مڪمل، سنڌين کان  پنهنجي 5 سنڌي ڳڀرو نوجوانن جي قرباني وسري نه سگهي آهي، اڄ 17 آڪٽوبر تي سندن ورسي ملهائيندي ويندي، مختلف هنڌن تي تقريبون رٿيل، شهيدن جي مزارن تي به حاضريون ڀريون وينديون، 40 سال اڳ فوجي جنرل ضياءُ الحق جي دور ۾ 17 آڪٽوبر 1984ع ۾ ٽوڙهي ڦاٽڪ وٽ ڄامشورو جي پٿريلي ڌرتي جي ٽن مادر علمين جي سنڌي شاگردن سان پيش آيو. قهري ڪارروائي ۾ شهيد ٿيلن انور عباسي  مٺو بليدي، امان الله وسطڙو، عبدالمالڪ خشڪ ۽ ذڪريا ميمڻ جي مزارن تي قومي هلچل جي مختلف گروپن جا ڪارڪن حاضريون ڀري گلن جون چادرون چاڙهيندا، جنهن ۾ ڄامشورو ۾ مٺو بليدي ۽ انور عباسي، نوشهروفيروز لڳ مچر ۾ امان الله وسطڙو ۽ عبدالمالڪ خشڪ ۽ ذڪريا ميمڻ جي دڙو ۾ مزارن تي سنڌ جو قومي ترانو پڙهي کين ڀيٽا ڏيندا.

17 آڪٽوبر 1984ع تي سنڌ يونيورسٽي، مهراڻ يونيورسٽي، لياقت ميڊيڪل ڪاليج ( هاڻوڪي يونيورسٽي) جا شاگرد بسن ۾ چڙهي چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻي ۾نون داخل ٿيندڙ شاگردن جي مان رٿيل تقريب ۾ شرڪت لاءِ وڃي رهيا هئا ته مانجهند ويجهو ٽوڙهي ڦاٽڪ وٽ وردي پهريل هٿياربندن کين روڪي مٿن انڌاڌنڌ گوليون وسايون ويون، اونهاري جي ٽاڪ منجهند جو ٽوڙهي ڦاٽڪ وٽ ٿيل ان قهري ڪارروائي جي نتيجي ۾ سنڌ يونيورسٽي جا ٻه شاگرد انور عباسي ۽ امان الله وسطڙو، مهراڻ يونيورسٽي جا ٻه شاگرد عبدالمالڪ خشڪ ۽ ذڪريا ميمڻ شهيد ٿي ويا جڏهن قافلي جي بسن مان هڪ بس جو ڊرائيور مٺو بليدي پڻ گولين جو کاڄ بڻجي شهادت ماڻي. واقعي ۾ پنج ماڻهن جي شهيد ٿيڻ کان علاوه ڪيترائي شاگرد سخت زخمي ٿي پيا،  وردي پهريل بي رحم هٿياربندن دانهن ڪوڪن باوجود زخمي کي اسپتال ۾ داخل ڪرڻ بجاءِ شام تائين پوليس ڪارروائي ڪرڻ  ۽ انهن کي ڌاڙيل قرار ڏيارڻ لاءِ ڊرامي بازيون ڪيون ويون ۽ رات جو قانون لاڳو ڪندڙن ان قت جي شاگرد اڳواڻ گل محمد جکراڻي، ستار موريو، اقبال تنيو، ڊاڪٽر دودو مهيري، عمرالدين زرداري، نذير تنيو ۽ سڪندر ميراڻي سوڌو سمورن زخمي شاگردن کي پنهنجي گاڏين ۾ سٿي کڻي اسپتال پهچائي طبي امداد ڏيارڻ بجاءِ حيدرآباد جي نارا جيل پهچايو ويو.  ٽوڙهي سانحي ۾ متاثر ٿيل شاگرد اڳواڻ سنڌ جا انقلابي نوجوان ان وقت جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن (جساف) جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر اديب انقلابي جي دعوت تي چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن (جساف) جو مرڪزي صدر گل محمد جکراڻي پنهنجي ساٿين سوڌو قافلي جي صورت ۾ وڃي رهيا هئا ته ڏينهن جي رهزنن کين ٽوڙهي ڦاٽڪ وٽ ٽرين جو وقت نه هوندي به ڦاٽڪ بند ڪري اڳ ۾ ئي تاڙ ۾ لڪل سرڪاري هٿياربندن مٿن گولين جا وار ڪري ڏنا جنهن ۾ 5 سنڌي نوجوان شهيد ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا.

ٽوڙهي ڦاٽڪ وارو اهو واقعو آهي جنهن جي قيدي بڻايل نوجوانن کي ملٽري ڪورٽن ۾ ڪيس هلائڻ جو فيصلو ڪيو ويو، پر سنڌي نوجوان ان ڪورٽ ۾ اهو چئي وڃڻ کان انڪار ڪيو ته جن ماڻهن اسان جي نوجوانن جي قتل ڪيو ۽ اسان کي قيد ڪري رکيو آهي انهن جي جوڙيل ڪورٽ ۾ ڪڏهن به پيش نه ٿينداسين، تنهن هوندي به هڪ ڀيرو کليل دهشگردي جي انتها ڪندي قيدي ڪيل سنڌي نوجوانن کي جبري طور تي ننگي حالت ۾ فوجي عدالت ۾ پيش ڪيو.

محمد خان جوڻيجو جي دور ۾ آيل اڌو گابري جمهوري حڪومت ۾جيئي سنڌ هلچل جي باني سائين جي ايم سيد جي صلاح تي قومي اسيمبلي ۾ سنڌ جي جهوني قومپرست اڳواڻ عبدالحميد جتوئي تقرير ڪندي ٽوڙي ڦاٽڪ جي سنڌي نوجوان اسيرن جو ڪيس ملٽري ڪورٽ بجاءِ اسپيشل ڪورٽ ۾ هلائڻ جو مطالبو ڪيو، جنهن بعد حڪومت اسپيشل ڪورٽ جوڙي ڪيس هلايو ويو جيڪو ڪيس نامياري جسٽس (ر) عبدالسلام ٿهيم هلايو هو. ان ڪيس ۾ به قيد ڪيل ٽوڙهي ڦاٽڪ جي سمورن اسيرن گل محمد جکراڻي ۽ ڊاڪٽر دودو مهيري جي قيادت ۾ هڪڙو ڊرافٽ تيار ڪيو، جنهن ۾ سمورن اسيرن جون صحيحون ڪيل هيون ان ڊرافٽ جو نالو ”تاريخ اسان سان انصاف ڪندي“ رکيو ويو هو، آخر ڪار 1988ع ۾ پ پ جي حڪومت ۾ ٽوڙهي ڦاٽڪ جي اسيرن کي بي ڏوهي ۽ ضمير جو قيدي قرار ڏيندي آزاد ڪيو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.