موري شهر جو مٺڙو نوجوان عبدالرزاق سومرو پاليٽيڪنڪ ڪاليج حيدرآباد آباد ۾ ليڪچرار هو. 1972ع جي ٻولي جي ٿيل افسوسناڪ فسادن جي دوران سندس ئي ٻن شاگردن کيس خنجر هڻي قتل ڪري ڇڏيو.
. جميعت طلباءِ پاکستان حيدرآباد جي اڳواڻ انور ڪمال انصاري ۽ اسدﷲ انصاري اها انسان سوز واردات ڪئي. آئون ان وقت سنڌ يونيورسٽي انجنيئرنگ ڪاليج ڄامشوري ۾ پڙهندو ۽ سر سيد هاسٽل ۾ رهندو هوس. شهيد سومري جي واردات جي ٻئي ڏينهن سائين محمود لاڙڪ جيڪو ان وقت اين اي ڊي انجنيئرنگ ڪاليج ڪراچي ۾ ليڪچرار هو، اهو اچي مون وٽ پهتو، آئون ان وقت سنڌ نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو صدر ۽ انجنيئرنگ ڪاليج اسٽوڊنٽس يونين جو نائب صدر به هوس.
محمود صاحب چيو ته ان وقت اين اي ڊي انجنيئرنگ ڪاليج ۾ صرف ٻه سنڌي ڳالهائيندڙ ليڪچرار آهن ۽ شهيد عبدالرزاق جي واقعي کان پوء عدم تحفظ جي احساس جو شڪار آهن. ان ڪري اوهان ٻڌايو ته انهن حالتن ۾ اسان ڇا ڪيون؟ انهن حالتن کي منهن ڪيئن ڏجي، ان سوال جو جواب سولو نه ان وقت هو ۽ نه ئي هن وقت آهي. مون کيس صلاح ڏني ته هو ٻئي ساٿي سميت ڪجهھ ڏينھن ڪاليج نه وڃن. جيستائين ماحول بهتر ٿئي.رات جو ڪجهھ جذباتي شاگردن پنهنجي طور تي اهو فيصلو ڪيو ته گڏجي، سپر هاءِ وي تي هلجي ۽ ايندڙ ويندڙ گاڏين تي پٿراءُ ۽ فائرنگ ڪجي. ڪنهن دوست اچي مون کي اطلاع ڏنو پر اهي جذباتي جوان اول ئي سپر هاءِ وي طرف روانا ٿي چڪا هئا . آئون به تڙ تڪڙ ۾ پنج ست دوست گڏ ڪري وڃي همراهن وٽ پهتس ۽ کين سمجھائي واپس وٺي آيس ته ائين گاڏين کي نشانو بڻائن سان ڪا سنڌي فيملي به نشانو بڻجي سگهي ٿي. همراهن کي واپس وٺي آيس ته ضد ڪيائون ته سنڌ يونيورسٽي اردو ڊپارٽمينٽ جي هيڊ پروفيسر غلام مصطفيٰ ۽ انجنيئرنگ ڪاليج مڪينيڪل ڊپارٽمينٽ جي هيڊ جي گھرن تي حملو ڪجي. پروفيسر مصطفيٰ، ٽوپي سميت نهرو ڊريس پائيندو هو ۽ تمام سٺن خيالن جو ڀلو انسان هو. علي اڪبر بروهي اڪثر سندس ذڪر ڪندو هو. مون ٻيهر انهن دوستن کي سمجهايو ته ائين اهو ڪم نه ڪيو. گند کي گند سان نه ڌوئبو آهي ۽ ٻيو ته هنن استادن جو آخر ڪهڙو ڏوهه.
1973ع ۾ جڏهن حفيظ پيرزادي جي ڪيس ۾ اسان حيدرآباد سينٽرل جيل ۾ قيد هئاسين ته اتي عبدالرزاق سومري جا قاتل به نظر آيا.
1980ع ۾ جڏهن آئون KESC جي ناظم آباد واري آفيس ۾ ويٺو هوس ته اتي اسدﷲ انصاري پنهنجي ڀاءِ ظفر ﷲ انصاري سان ملڻ آيو هو. ظفر الله انصاري ان وقت منهنجو باس هو. سندس واسطو جماعت اسلامي سان هو. لاڙڪاڻي ۾ رهڻ ۽ ڄامشوري ۾ پڙهڻ ۽ رهڻ جي ڪري سنڌي به ڳالهائيندو هو. هڪ ڏينهن لنچ جي وقفي جي دوران بحث ڪندي چيائين ته اوهان کي پاڪستان جو ڪهڙو قدر؟ قربانيون ته اسان ڏنيون، توهان ته ستا پيا هئو ۽ صبح جو اٿيو ته اوهان کي تيار ٿيل پاڪستان ملي ويو ، پنهنجي ڳالهھ جاري رکندي چيائين ته اوهان ته ” استاد گهر”تي سکڻ واري قوم آهيو ". مون کان به رهيو نه ٿيو، اکين ۾ چتائي کيس چيم ” سائين اوهان پارٽيشن کان اڳ جون ڳالهيون ٿا ڪيو، جڏهن ته پارٽيشن کان پوءِ اوهان جي مهربانين سان ” ان مخصوص "استاد گهر کي استعمال ڪرڻ جي ضرورت نه رهي آهي ". مون سان گڏ سائين عبدالمجيد کٽي به ويٺو هو، شريف ۽ ڀلو انسان هو، اهو فورن اٿي ويو ته آئون به اٿي وڃي پنهنجي آفيس ۾ ويٺس. ڳالھ آئي وئي ٿي ويئي، ڪجھ ڏينھن کان پوءِ ظفر الله انصاري بدلي ڪرائي ٻئي آفيس هليو ويو. هڪ ذميوار، پڙهيل لکيل، مذهبي جماعت سان واسطو رکندڙ آفيسر جا خيال ٻڌائڻ جو مطلب اهو آهي ته هنن جي ذهني سطح ۽ سوچ جو اهڙو حال آهي جو پنهنجي استاد کي قتل ڪرڻ جي لاءِ به تيار ٿي ٿا وڃن. بظاهر اسلامي نظام جون ڳالهيون ڪندڙ عملي طور تي ڪٿي بيٺل آهن؟ مشرقي پاڪستان ۾ الشمس ۽ البدر جي نالي سان انسان ڪش تنظيمون ٺاهيندڙن تي ڪيئن اعتبار ڪجي؟ .. لاڙڪاڻي ۾ سائين ڪامريڊ جمال الدين بخاري ۽ مسلم شميم جهڙا انسان دوست انسان به نه صرف رهندا آيا پر پاڻ کي ڪامريڊ ۽ ڪميونسٽ سڏائڻ ۾فخر به محسوس ڪندا رهيا. هڪ طرف پنهنجي استاد کي قتل ڪندڙ پنهنجو پاڻ کي اسلام قدرن جو محافظ ۽ اسلامي نظام کي اڻٽر قرار ڏيندڙ آهن ته ٻئي طرف برابري، انصاف، امن ۽ انسان دوستي جي دعوا ڪندڙ سيڪيولر سوچ رکندڙ ڪامريڊ آهن. اوهان پاڻ فيصلو ڪيو ته ڪير وڌيڪ بهتر آهن.