شنگهائي ڪانفرنس مان فائدو وٺڻ گهرجي

تحرير: وفا گولو

پاڪستان ۾ ڪالهھ کان وڏي عالمي ويهڪ ٿي رهي آهي جنهن ۾ مختلف ملڪن جا سربراھ هڪ هنڌ گڏ ٿي پنهنجي پنهنجي ملڪ توڙي دنيا جي معيشت بابت ويچار وڊيندا ان کان علاوه دنيا ۾ امن جي اهم اشو تي به ڳالهائيندا ۽ دنيا کي دهشتگردي کان پاڪ ڪرڻ جا مفيد مشورا پڻ ڏيندا،ان گڏجاڻي جو نالو شنگهائي ڪانفرنس پڻ آهي جنهن لاءِ گذريل اڌ مهيني کان پاڪستان ۾ تياري ٿي رهي هئي پر ڏٺو وڃي ته ان شنگهائي ڪانفرنس ۾ تقريبن ملڪن جا معاشي مسئلا گهڻا آهن ان هوندي به پنهنجو ملڪ  انهن سڀني کان معاشي طور يا گلوبل وارمنگ سبب گهڻو متاثر ٿيندڙ ملڪ آهي ڏسجي ته اهي گڏ ٿيندڙ ملڪ اسان جي                          معاشي مدد ڪهڙي ڪن ٿا جيڪڏهن هو مدد ڪن ٿا يا اهي ملڪ پنهنجي پنهنجي ملڪن جي ڪجهھ سيڙپڪاري ڪن ٿا ته به اسان کي ڪجهھ فائدو رسندو.ڪانفرنس لاءِ ڀارتي پرڏيهي وزير سوڌو مختلف ملڪن جا سربراهه ۽ نمائندا اسلام آباد ۾ ترسيل آهن انهن جي اچڻ جو مقصد معاشي حالتون سڌارڻ آهي ائين نه ٿئي جو هڪ غريب ملڪ کان ڪروڙين روپيا خرچ ڪرائي هو ائين معاشي معاهدا ڪرڻ کان بغير واپس هليا وڃن ۽ اسين چاڪي جي ڏاند جيان اتي جو اتي ڦرندا رهون ۽ وڌيڪ پريشانين ۾ هليا وڃون انڪري اسان جي سرڪار سڳوري کي سڀني ملڪن سان ٿورا گهڻا معاشي معاهدا ڪرڻ گهرجن ان سان گڏ ڀارت سان به معاشي معاملا حل ڪرڻ گهرجن جنهن سان ٻنهي ملڪن کي فائدو رسندو.

ان سربراهي اجلاس ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جا ميمبر ملڪ ته هڪٻئي سان معيشت، واپار، ماحوليات ۽ سماجي توڙي ثقافتي شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ سوڌو اهم فيصلا ڪري پاڻ ۾ معاهدن جي فائلن جي ڏي وٺ ڪندا،ان کان علاوه اسان جي ملڪ جي وزيراعظم سان عالمي اڳواڻن جون ملاقاتون به ٿينديون جنهن سان گهڻي فائدي جي اميد رکي سگهجي ٿي.

 

ان ڪانفرنس جي دلچسپ ڳالهه اها آهي ته جڏهن ڀارتي پرڏيهي وزير جئي شنڪر وزيراعظم شهباز شريف سان ملڻ لاءِ پهتو ته ٻنهي جي چهري تي مرڪون هيون، ٻنهي  ۾ مختصر ڳالهه ٻولهه به ٿي،جيڪو ٻنهي ملڪن لاءِ سٺو سنوڻ آهي شنگهائي تعاون تنظيم جي ميمبر ملڪن جي حڪومتي سربراهن جي اجلاس ۾ معيشت، واپار، ماحوليات ۽ سماجي ۽ ثقافتي لاڳاپن جي شعبن ۾ سهڪار تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ تنظيم جي ڪارڪردگي جو جائزو ورتو ورتو ويو، ميمبر ملڪ هڪ ٻئي سان سهڪار وڌائڻ سوڌو مختلف معاملن ۾ اهم فيصلا پڻ ڪيا آهن.

وزيراعظم شهباز شريف دورو ڪندڙ وفدن جي سربراهن سان اهم ٻطرفي ملاقاتون پڻ ڪيون آهن. ڪانفرنس جي اڄ باضابطه شروعات ٿيندي.جنهن ۾ دستاويزن تي صحيحون ڪيون وينديون جنهن کانپوءِ وزيراعظم پنهنجو الوداعي خطاب ڪندو. ٻيو ته وزير اعظم شهباز شريف سان شنگهائي ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ آيل ڪجهه رهجي ويل اڳواڻن سان گذريل ڏينهن  ملاقاتون پڻ ڪيون آهن.وزيراعظم ۽ تاجڪستان جي وزيراعظم قاهر رسول زاده وچ ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي سربراهن جي اجلاس جي موقعي تي ٻطرفي ملاقات ٿي آهي. ان ملاقات بعد وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته برادر ملڪن ۽ علائقائي ڀائيوارن جي حيثيت سان پاڪستان ۽ تاجڪستان جي وچ ۾ دوستي ۽ تعاون جو پائيدار رستو آهي.

وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ٻنهي ملڪن کي گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن خاص طور تي واپار، سيڙپڪاري، توانائي ۽ علائقائي رابطن ۾ ويجهن ۽ گڏيل فائديمند تعاون کي مضبوط ڪرڻ جي ضرورت آهي.تاجڪ وزيراعظم قاهر رسول زاده چيو ته پاڪستان ۽ تاجڪستان جي وچ ۾ تعاون جا وسيع امڪان موجود آهن جن مان فائدو حاصل ڪرڻ لاءِ تاجڪستان پاڪستان سان گڏجي ڪم ڪرڻ لاءِ مڪمل طور پرعزم آهي. تاجڪستان جي وزيراعظم تاجڪستان کي پاڪستان مان کنڊ برآمد ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ تي ٿورا مڃيا ۽ چيو ته ان سان ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپار کي هٿي ملندي. اهڙي ريت وزيراعظم شهباز شريف سان قازقستان جي وزيراعظم اوليزهاس بيڪوتينوو ٻطرفي ملاقات ڪئي آهي.

وزيراعظم ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري کي وڌائڻ ۽ علائقائي رابطن ۽ سلامتي لاءِ ڪم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. قازاقستان جي وزيراعظم چيو ته قازقستان پاڪستان کي ڏکڻ ايشيا ۾ اهم واپاري پارٽنر جي حيثيت سان ڏسي ٿو. جڏهن ته وزيراعظم شهباز شريف سان بيلاروس جي وزيراعظم رومان گولوف چينڪو پڻ ملاقات ڪئي آهي وزيراعظم ٻطرفن لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو، خاص طور تي واپار، سيڙپڪاري، زرعي مشينري، ٽريڪٽرن جي گڏيل پيداوار ۽ مواصلات جي شعبن ۾ تعاون کي هٿي ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. بيلاروس جي وزيراعظم يقين ڏياريو ته پاڪستان سان مڪمل تعاون ڪيو ويندووزيراعظم شهباز شريف سان ترڪمانستان جي ڪابينا جي ڊپٽي چيئرمين ۽ پرڏيهي معاملن واري وزير راشد مريدوف ملاقات ڪئي، وزيراعظم ترڪمانستان سان پاڪستان جي ڊگھي، تاريخي ۽ برادرانه لاڳاپن جي اهميت تي زور ڏنو .وزيراعظم سان ڪرغزستان جي ڪابينا جي چيئرمين زاپاروف اڪيل به ملاقات ڪئي. ٻنهي ملڪن ۾ واپار، سيڙپڪاري، عوامي ۽ علائقائي رابطن جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.

شنگهائي تعاون تنظيمSCO جا مقصد تمام اهم آهن جن ۾ سڀ کان پهريون مقصد ميمبر ملڪن جا هڪٻئي سان ناتا بهتر ڪرڻ آهي ۽ ٻيو بنيادي مقصد سياسي معاملن، اقتصادي ترقي، واپار، سائنسي، ٽيڪنالاجيڪل، ثقافتي ۽ تعليمي ميدانن ۾ هڪٻئي سان تعاون ڪرڻ انهيءَ تنظيم سان لاڳاپيل ملڪن جي بنيادي ذميداري آهي.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.