رواداري مارچ تي ٿيل پوليس گردي، سنڌ جي شعور جو غصو ۽ پوليس اهلڪارن ۾ وڌندڙ ”انتهاپسند“ لاڙو

گذريل 13 آڪٽوبر تي رواداري مارچ ۾ سنڌ جي پوليس اهلڪارن سول سوسائٽي جي مشهور شخصيتن، صحافين اديبن ۽ عورتن تي جيڪو وحشياڻو تشدد ڪيو سو روايتي  هوندي به ڏاڍو ڪربناڪ ۽ ڇرڪائيندڙ محسوس ٿيو. پوليس اهلڪار جيتوڻيڪ ان ”پوليس گردي“ سبب گهڻو ئي بدنام آهن پر اهي ايترو ڪري سگهن ٿا تنهن جو اندازو نه هو. ان معاملي تي هاڻي واقعي به سنجيدگي مان سوچڻو پوندو ڇاڪاڻ ته پوليس اهلڪارن ۽ غنڊن جي ورتاءُ ۾ ڪو فرق ناهي رهيو. هاڻي وقت اچي ويو آهي ته پوليس گردي کي مڪمل طور تي ٻنجو ڏياري ۽ کين ”اخلاقيات“ سيکارڻ جو فوري طور تي ڪو بندوبست ڪيو وڃي.

گذريل 13 آڪٽوبر تي پريس ڪلب ڪراچي جي آڏو جن پوليس اهلڪارن انساني حقن جي علمبردارن تي وحشياڻو تشدد ڪيو آهي سي ته ڏوهارين کي به ايئن مارڻ جي خلاف هوندا آهن هي ته اهي شخصيتون هيون جن هميشه امن ۽ انساني حقن جي علمبرداري جو جهنڊو هٿن ۾ کنيو آهي. هاڻي به انهن ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي عدالت کان مٿانهين قتل جي جاچ جو ئي آواز بلند ڪرڻ آيا هيا، سندن هٿن ۾ ته ڪجهه به نه هو. اهي ته خالي هٿين هيا نه سندن هٿن ۾ ڪو هٿيار هو نه ئي ڪو ڏنڊو يا پٿر هو پوءِ اهي شريف انسان، هٿيارن سان ليس پوليس اهلڪارن لاءِ ڇو ايڏو خطرناڪ هيا جو  ساڻن اهو وحشياڻو تشدد ڪيو ويو جيڪو اهي ڏوهارين، ڌاڙيلن ۽ دهشت گردن تي به ناهن ڪندا. اڃان به ڏوهارين جي  چهرن تي پردو رکي سندن عزت نفس جو خيال ڪيو ويندو آهي پر کين سنڌ جي  معزز  شخصيتن سياستدانن، سماجي اڳواڻن، صحافين، اديبن، سول سوسائٽي جي نمائندن ، استادن ۽ وڏي ڳالهه ته سنڌ جي نياڻين جي تذليل ڪندي، کين ڳچين کان جهليندي، لٺ بازي ڪندي، چماٽون هڻندي ۽ عورتن کي روڊن تي گهليندي ته ذرو به شرم ۽ حياءُ نه آيو. سڄي سنڌ جي عوام کي پوليس ۽ سنڌ  حڪومت تي شديد غصو آهي. پوليس ته ان معاملي ۾ اڳ ئي بدنام هئي پر ان هاڻي پ پ جي حڪومت کي به بدنام ڪري ڇڏيو آهي. هي اَهي شخصيتون هيون جن هميشه جمهوريت، ووٽ ۽ پارليامنيٽ جي حقن لاءِ جدوجهد ڪئي آهي، هي اهي شخصيتون جن هميشه جمهوريت جي بقا لاءِ ايئن ئي مارشل لائي ۽ آمراڻين حڪومتن جي پوليس جو تشدد سٺو اهي. جيل ۽ سزائون برداشت ڪيو هيون.

ڇاهي هيءَ اها جمهوريت آهي جنهن لاءِ انهن شخصيتن قربانيون ڏنيون آهن. اسان کي ڀلي نه چئون  پر پ پ جي سنڌ حڪومت پاڻ پنهنجي پاليسين سان ثابت ڪيو آهي ته نه هيءَ اها جمهوريت ناهي. هيءَ نام نهاد جمهوريت ته بس اقتدار ماڻڻ جو هڪ ذريعو آهي. جي صوبائي گهرو وزير ضياءَ لنجار سڀني سنڌ واسين کي ضياءَ الحق جي مارشلائي دور جي ياد ڏياري ڇڏي. سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته پ پ حڪومت 144 جي اوٽ ۾ پنهنجي حامين تي اهو ڪريڪ ڊائون ڇو ڪيو يا سنڌ پوليس وانگر ان ۾ به پنهنجي ۽ پرائي کي سڃاڻڻ جي تميز ناهي رهي.

حضرت علي جو مشهور قول آهي ته ڪنهن جو  ظرف ڏسڻو هجي ته ان کي صاحب حيثيت ۾ ڏسو ۽ پرکيو. سو اسان سمجهون ٿا ته 13 آڪٽوبر تي رواداري مارچ ڪندڙ پرامن ۽ دانشمند طبقي تي وحشياڻو تشدد ڪري پ پ جي سنڌ حڪومت ۽ پوليس جيڪو پنهنجو نقصان ڪيو آهي تنهن جي کين اقتدار جو نشو لهڻ کان پوءِ ئي شايد خبر پوندي في الحال اهي هوش ۾ ناهن. اقتدار جو اهو نشو ئي ته آهي جنهن ۾ هو نه سنڌ جي مشهور دانشور جامي چانديي کي سڃاڻي سگهيا، نه سندس ڌيءَ روماسا جي سامهون سندس عزت ڪري سگهيا نه ئي  جامي چانڊيي جي آڏو سندس ڌيءَ جو لحاظ ڪري سگهيا. هنن وٽ نه سنڌو نواز گهانگهرو جي سياسي جدوجهد جو قدر هو نه ئي نوجوانن جي هر دلعزيز ۽ مشهور راڳي سيف سميجو کي اهي سڃاڻي سگهيا. نه اهي بخشل ٿلهي جي انقلابي جدوجهد کي مانُ ڏئي سگهيا نه ئي عاليه بخشل ٿلهي جي سگهاري حيثيت جو قدر ڪري سگهيا. ائين اقتداري نشي ۾ سنڌ جون سڀ جون سڀ مانائتيون سياسي، سماجي، صحافتي ادبي شخصيتون ۽ نياڻيون سندن تذليل جي ور چڙهي ويون. اهو اهڙو واقعو آهي، هڪ اهڙو زخم آهي، هي هڪ اهڙو سانحو آهي جيڪو شايد وڏي وقت تائين نه معاف ڪري سگهجي ۽ نه ئي وساري سگهجي. ۽ حڪومت به جيئن اسان مٿي لکي آيا آهيون ته جيستائين مٿن اقتدار جو نشو چڙهيل هوندو  تيستائين اها هوش ۾ نه اچي سگهندي اهو ئي سبب آهي جو 13 آڪٽوبر واري واقعي ۾ بدنام ٿيڻ باوجود حڪومت جو سبق سکڻ جو ڪو موڊ نظر نه ٿو اچي. رپورٽون آهن ته ڪالهه به سنڌو نواز گهانگهرو کي گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ۽ سندس گهر تي پوليس چڙهائي ڪئي.

جڏهن ته پ پ کي اها ڳالهه سمجهڻ گهرجي ته 13 آڪٽوبر واري هڪ واقعي ان کي اهو نقصان ڏنو آهي جڪيو کيس نه ضياءَ الحق ڏئي سگهيو، نه مشرف نه ئي موجوده اسٽيبلشمينٽ ان کي ڏئي سگهي آهي. ڏسڻو اهو آهي ته هاڻي پ پ حڪومت پنهنجي ان عظيم نقصان مان نڪري سگهي ٿي يا نه. ڇاڪاڻ ته سنڌ جي باشعور طبقي ۾ تمام گهڻو غصو آهي جنهن جو اظهار اهي مختلف طريقي سان ڪري رهيا آهن. ۽ اهو غصو لڳي ٿو ته جلد لهڻ وارو به ناهي. اها به عجيب ڳالهه آهي ته پ پ پنهنجي مفادن کي به سمجهي ناهي سگهندي ۽ بقول مير مرتضيٰ ڀٽو جي ته اها ضياءَ الحق جي باقيات جي گهيري ۾ هوندي پنهنجي اصل سڃاڻپ وڃائيندي رهي آهي.

سو جيستائين پ پ اقتدار جي نشي مان نڪري تيستائين سنڌ جي پوليس کي پنهنجي ڪردار تي نئين سري سان سوچڻو پوندو ته منجهن عوام دوستي وارو ڪردار ڪڏهن پيدا ٿيندو ۽ اها پوليس گردي مان ڪڏهن جان ڇڏائيندي پر ان کان اڳ سنڌ پوليس کي جنهن شئي جي سخت ۽ فوري ضرورت آهي سا آهي اخلاقيات  جي، جنهن جي شديد ضرورت آهي. اخلاقيات بنا پوليس کي عوام ڪڏهن به قبول نه ڪري سگهندو.پر هن واقعي جو هڪ خوفناڪ پاسو اهو پڻ آهي ته ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي قتل ۾ عمرڪوٽ جي پوليس ۾ ملوٽ نظر آئي ۽ 13 آڪٽوبر واري پوليس گردي ۾ اهلڪارن الله اڪبر جا نعرا هڻي جيڪا ڪاهه ڪئي آهي سا نه رڳو نوٽ ڪرڻ جهڙي آهي پر حڪومتي سطح تي ان بابت سخت پاليسي اختيار ڪرڻ جي پڻ ضرورت آهي. مٿي ڄاڻايل ٻن واقعن کانپوءِ اهو به سوال پيدا ٿئي ٿو ته ڇا هاڻي پوليس به ”انتهاپسند“ لاڙي جو شڪار ٿي وئي آ!

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.