لاهور (م ڊ) لاهور جي خانگي ڪاليج جي شاگردياڻي سان مبينا زيادتي واري واقعي خلاف ٻئي ڏينهن به احتجاج ڪيو ويو. لاهور ۾ شاگردن پاران چيئرنگ ڪراس مال روڊ تي پنجاب اسيمبلي آڏو احتجاج ڪري ڌرڻو هنيو ويو. ملتان ۾ بوسن روڊ تي شاگردن ڪاليج جي عمارت ۾ ڀڃ ڊاهه ڪئي، جنهن تي پوليس لٺبازي ڪندي ڪيترن ئي شاگردن کي گرفتار ڪري ورتو. جهانيان ۾ شاگردن پاران موٽرسائيڪل ريلي ڪڍي وئي، جڏهن ته ظفروال ۾ شاگردن ٽائرن کي باهه ڏئي ٽريفڪ بلاڪ ڪري انصاف ۽ معاملي جي شفاف جاچ جو مطالبو ڪيو. وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز گلبرگ ۾ خانگي ڪاليج جي شاگردياڻي سان مبينا زيادتي واري واقعي جي جاچ لاءِ اعليٰ سطحي ڪميٽي جوڙي ڇڏي. ڪاميٽي جاچ ڪري 48 ڪلاڪن اندر وزيراعليٰ کي رپورٽ پيش ڪندي. 6 رڪني ڪاميٽي جي سربراهي چيف سيڪريٽري ڪندو. ٻين ميمبرن ۾ ايڊووڪيٽ جنرل کان علاوه گهرو، هائير ايجوڪيشن، اسپيشل ايجوڪيشن ۽ هيلٿ ڪيئر ڊپارٽمينٽ جا سيڪريٽريز شامل آهن.