ڏهرڪي/کينجهو ( رپورٽ: آصف شر/عرفان جلباڻي) گذريل ڏينھن رانوتي ڪچي ۾ اڳوڻي ايم پي اي سردار شھريار خان شر جي گاڏي مٿان ھٿياربندن جي حملي ۾ شھيد ٿي ويل ويجھي ساٿي علي محمد شر جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي ، مرحوم جي جنازي نماز سانڪو ۾ اباڻي ڳوٺ ڪرم خان شر ۾ ادا ڪئي وئي ،جنازي نماز ۾ اڳوڻي ايم پي اي سردار شھريار خان شر ، اڳوڻي صوبائي وزير عبدالباري خان پتافي ، عبدالستار خان چانگ ، ايس ايس پي گھوٽڪي حفيظ الرحمان بگٽي توڙي سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن ۽ صحافين سميت علائقي واسين ھزارين جي تعداد ۾ شرڪت ڪئي، جنازي نماز کانپوءِ مرحوم کي سوين آلين اکين سان گھنور شاهھ قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو ، واضح رھي ته گذريل ڏينھن رانوتي ٿاڻي جي حد ھٿياربندن اڳواڻي ايم پي اي ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي اڳواڻ شھريار خان شر جي گاڏي مٿان ھٿياربندن جو قاتلاڻو حملو ٿيو ھو جنھن علي محمد شر شھيد ٿي ويو ھو سندس دوست جان محمد بگٽي ۽ گارڊ سھراب شر زخمي ٿي پيا ھئا جيڪي رحيم يار خان جي شيخ زيد اسپتال ۾ زير علاج آھن،