ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي بار ايسوسيسشن وفاقي آئيني عدالت ۽ ترميم جي خلاف آل پاڪستان وڪيلن جي ڪنوينشن جو اهتمام ڪيو ويو، جنهن ۾ پاڪستان جي مختلف بار جي عهدايدارن ۽ وڪيلن شرڪت ڪئي. ڪنوينشن ۾ اڳوڻي صدر سپريم ڪورٽ بار حامد خان، عابد زبيري ،منير اي ملڪ،وائيس چئيرمين سنڌ بار ڪائونسل ڪاشف حنيف سميت لاهور هاءِ ڪورٽ ، بلوچستان هاءِ ڪورٽ سميت سمورن بارن شرڪت ڪئي، ڪراچي بار ۾ وڪيلن جي ڪنوينشن کي خطاب ڪندي اڳوڻي صدر سپريم ڪورٽ بار حامد خان چيو ته وڪيلن جنهن طريقي سان چيلينج قبول ڪيو ان کي سلام پيش ڪريان ٿو.هن چيو ته آئيني عدالت هڪ گڏيل نظام آهي، آئيني عدالت جي ڳالهه ڪندڙ يا ته جاهل يا بدنيت آهن، جيڪڏهن متبادل قانون ٺاهيو ويو ته ڪنهن کي به انصاف نه ملندو.حامد خان چيو ته عمارت ۾ ڪا خرابي آهي ته ان کي ختم ڪيو وڃي، رات دير سان معلوم ٿيو ته ترميم جو مسودو وزيراعظم وٽ ناهي.سپريم ڪورٽ بار جي اڳوڻي صدر چيو ته اسان جي لاءِ هي سپريم ڪورٽ، وفاقي عدالت اعليٰ عدليه آهي، آئيني عدالت کي وڪيلن جي لاشن تان گذرڻو پوندو. هن چيو ته مون کي رڳو خبر پئي آهي ته آئيني عدالت لاءِ انٽرويوز هلي رهيا آهن، وڪيل اهڙي ترميم جي اجازت نه ڏيندا. سينئر قانوندادن ، اڳوڻو صدر سپريم ڪورٽ بار علي احمد ڪرد خطاب ڪندي چيو ته وڪيلن جي تحريڪ نه رڳو پاڪستان پر دنيا جي تاريخ جو هڪ سونهري باب آهي.اڄ به اسان ساڳيا وڪيل آهيون.اسان چيو ته اسان جا هٿ هوندا ۽ توهان جي ڳچي هوندي .اسان جو پيغام ان وقت جي آمر لاءِ هو.ان وقت هڪ عام جرنيل سان مقابلو هو .علي احمد ڪرد چيو ته هاڻي جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي اهو ڳجهي طرح ڪيو پيو وڃي.اسان پويان وار ڪرڻ نه سکيا آهيون .علي احمد ڪرد چيو ته جيڪي ترميمون اچي رهيون آهن اهي آئين جي منهن تي ڪارو داغ نظر اينديون. اهڙو آئين ته هڪ فرد کي به انصاف نه ڏئي سگهندو.هن چيو ته بلوچستان مان سپريم ڪورٽ ۾ جيڪي به جج ٿيا اهي جج سڏائڻ جا حقدار نه آهن ،مون کي سنڌ جي تاريخ پڙهڻ جو شوق آهي، اتي صوفي ۽ عظيم شخصيتون آيون آهن.آءِ اجرڪ جي لڄ رکان ٿو. هن چيو ته ٽائمز ميگزين مهارنگ بلوچ جو نالو ڏنو آهي .ساڳئي مهيني مهارنگ بلوچ کي ڪراچي ايئرپورٽ تي جهاز تان لاٿو ويو . بلوچستان هاءِ ڪورٽ بار جي صدر افضل حريگال جو خطاب ڪندي چيو ته اسان کي عوام جو ڪيس وڙهڻو آهي. اسان آئين لاءِ قربانيون ڏنيون آهن.اسان کي دليل سان قائل ڪريو.جيترا مسودا آهن اهي اسان سان شيئر ڪن .جيڪڏهن ارڙهين ترميم تي ڳالهه ٿي سگهي ٿي ته هاڻي ڇو نه؟هن چيو ته منهنجو تعلق هڪ اهڙي صوبي سان آهي جتي آئين جو ڪوبه آرٽيڪل مون کي تحفظ نٿو ڏئي. جيڪڏهن ائين نه ڪيو ويو ته گهرو ويڙهه ٿيندي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي صدررياست علي آزاد چيو ته ڪو به وڪيل تجويز ڪيل ترميم تي اتفاق نٿو ڪري سگهي.هن ۾ سڪيورٽي جي نالي تي ڪنهن کي به گرفتار ڪرڻ لاءِ رٽ داخل نه ٿي سگهي. مسلم ليگ لائرز فورم جو جنرل سيڪريٽري راجا خليق الزمان انصاري جوچوڻ آهي ته مان توهان کي يقين ڏيان ٿو ته ڪجهھ به غير قانوني نه ٿيندو.جيڪڏهن حڪومت ڪو غيرقانوني ڪم ڪيو ته مزاحمت ڪنداسين. سپريم ڪورٽ جي ايڊووڪيٽ فيصل صديقي خطاب ڪندي چيو ته نئين چيف جسٽس جو نوٽيفڪشن جاري ڪرڻ ۾ دير جو ذميوار سياسي اڳواڻ ناهن.قاضي فائز عيسيٰ جو مطالبو آهي ته مون کي نه ڪڍيو وڃي اسان ڪنهن سياسي پارٽي جي اڳواڻ کي سپريم ڪورٽ يا آئين جو محافظ نه بڻايو آهي. قاضي فائز عيسيٰ سپريم ڪورٽ ۾ سينيئرٽي تڪرار پيدا ڪرڻ چاهي ٿو. لاهور هاءِ ڪورٽ بار جي صدر اسد منظور بٽ جو خطاب ڪندي چيو ته اڄ، سموريون بار ايسوسيئيشن ساڳئي صفحي تي آهن.اسان جي ڪوشش آئين جي بالادستي لاءِ آهي.جيستائين هر شهري کي سندس حق نه ملندا تيستائين اسان جي جدوجهد جاري رهندي. .وڪيل اڳواڻ منير اي ملڪ چيو ته اسان جنهن موڙ تي بيٺا آهيون اهو 2007 کان وڌيڪ خطرناڪ آهي.ان وقت چيف جسٽس خلاف رڳو هڪ ريفرنس هو.هن وقت سڄي عدالتي نظام خلاف ريفرنس هلي رهيو آهي.عدالتي نظام ۾ سڌارا آڻڻ جي ضرورت آهي.سپريم ڪورٽ جي ججن جي مقرري جو به جائزو ورتو وڃي.