لاهور (م ڊ) پوليس کانپوءِ ڇوڪري جي گهرڀاتين به زيادتي جي ترديد ڪئي. متاثر ناري جي مبينا پيءُ اي ايس پي شهربانو سان گڏ وڊيو بيان ۾ چيو ته اسان جي ڇوڪري گهر جي ڏاڪڻ تان ڪري پئي هئي. اي ايس پي شهربانو سان گڏ ٻن ڄڻن وڊيو بيان ۾ اهڙي ڪنهن به واقعي جي ترديد ڪئي. وڊيو بيان ۾ شهربانو ٻن ڄڻن جو تعارف ڪرايو ۽ چيو ته ڇوڪري جو پيءُ ۽ چاچو مون سان گڏ بيٺا آهن.
-
حيدرآباد ۾ فليٽ اندر باهه لڳڻ سبب ٻارڙو سڙي فوت، والد زخمي
حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد ۾ فليٽ اندر باھه لڳڻ سبب هڪ معصوم ٻارڙو فوت ٿي ويو ۽ سندس والد سڙي زخمي ٿي پيو. سخي پير ٿاڻي جي حد مساڻ روڊ تي واقع ميمڻ پلازه جي ھڪ فليٽ ۾ اوچتو باھه لڳي وئي، باھه لڳڻ سبب 6/7 سالن جو ابوبڪر فوت ٿي ويو ۽ سندس پيء نديم قريشي سڙي سخت زخمي ٿي پيو، واقعي دوران پاڙيسرين ۽ علائقي واسين پھچي گھرڀاتين کي فليٽ مان ٻاھر ڪڍيو ۽ فائربرگيڊ کي اطلاع ڏنو. جنھن تي فائربرگيڊ عملي پھچي باھه کي وسايو، ھوڏانھن علائقي واسين فوتي ٻار ۽ سندس زخمي والد کي کڻائي سول اسپتال منتقل ڪيو، جتان بعد ۾ ضروري ڪارروائي ڪرائي ٻارڙي جو لاش واپس علائقي ۾ کڻي ويا، ھوڏانھن زخمي ٿيل گھر ڌڻي آئي سي يو وارڊ ۾ داخل آھي. جتي سندس حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وئي، ٻڌايو پئي ويو ته فجر مهل بجلي بند ٿيڻ سبب گھرڀاتي ميڻ بتي ٻاري سمھي پيا جنھن سان ڪمري جي پردن کي باھه لڳي جيڪا سڄي گھر ۾ پکڙجي وئي، باھه لڳڻ دوران گھرڀاتين کي بچائيندي گھرڌڻي زخمي ٿيو ۽ ٻارڙو باھه لڳڻ کانپوءِ واشروم ۾ ويو جتي ساھه ٻوساٽجڻ سبب هن دم ڏنو.
-
نثار کهڙو جي لاڙڪاڻي واري گهر ٻاهران ڪريڪر ڌماڪو، جاني نقصان نه ٿيو
لاڙڪاڻو (ڊ ر ) لاڙڪاڻي ۾ پ پ سنڌ جي صوبائي صدر ايم پي اي نثار احمد کهڙو جي بنگلي آڏو ڪريڪر جو ڌماڪو، ڪو به نقصان نه ٿيو، ديسي ساخت جي ڪريڪر سندس لاڙڪاڻي واري رھائشگاهه آڏو اڇلايو ويو ايس ايس پي لاڙڪاڻو مير روحل کوسو ۽ بم اسڪواڊ ٽيم واقعي واري هنڌ پھتي موٽر سائيڪل سوار نامعلوم ماڻهن ڪريڪر اڇلايو آهي وڌيڪ جاچ ڪيون پيا سي سي ٽي وي ڪئميرائون جي مدد سان جوابدارن جي شناخت ٿي ويندي ۽ کين گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو آهي بچي نٿا سگهن، ايس ايس پي لاڙڪاڻو جي ميڊيا سان ڳالهيون، هوڏانهن ٻئي طرف پ پ اڳواڻ نثار احمد کهڙو جي گهر آڏو ڪريڪر ڌماڪي جو نوٽيس وٺندي سنڌ جي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار ايس ايس پي لاڙڪاڻو کان تفصيل طلب ڪري ورتا.سنڌ جي گهرو وزير کيس سخت هدايت ڪندي ڪريڪر حملي ۾ ملوث جوابدارن کي جلد انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي ضياءُ الحسن لنجار وڌيڪ چيو آهي ته لاڙڪاڻي ۾ پوليس ٽيم کي متحرڪ ڪري اصل جوابدارن تائين پهچڻ کي يقيني بڻايو وڃي.