ملير ايڪسپريس وي پروجيڪٽ جا مسئلا

تحرير: ماريا اسماعيل

ڪراچي جي سڄي زندگي مليرندي سان جڙيل آهي،قدرت ڪراچيءَ جي جاگرافيءَ ۾ملير نديءَ کي آبي وھڪرن جي اھڙي سنگم تي بڻايو آھي جنھن ۾ ننڍيون وڏيون نديون اچي ان ۾ پون ٿيون ۽ پوءِ اھي ملير نديءَ کي ھڪ تمام وڏي نديءَ ۾ تبديل ڪري ڇڏين ٿيون جيڪا پنھنجي اوج ۾ ڄڻ درياهه جو ڏيک بھ ڏيندي آھي، ملير نندي صدين کان وٺي سنڌ جي لاڙ پٽ جي علائقي جنھن کي ھاڻي ڪراچي چئجي ٿو ان جو جياپو رھي آھي، ۽ ھاڻي ملير ندي پاڻ کي موت جي ور چڙھي رھي آھي. ملير ايڪسپري وي بلاشڪ ملير ننديءَ جو دشمن منصوبو آھي جيڪو صدين کان آباد ملير جي علائقي جي مقامي ماڻھن لاءِ پڻ انتھائي خطرناڪ ۽ نقصان وارو آھي. ملير جي رھواسين جي شروع کان اھا ئي گھر رھي آھي تھ  ملير ندي  ان تي ماحوليات دشمن منصوبي کي ختم ڪري  ملير ۾ رهندڙ مقامي ماڻهن کي باوقار طريقي سان جيئڻ جو حق ڏنو وڃي. ھن موقعي تي اھو سوال انتھائي شدت سان پيدا ٿي رھيو آھي تھ آخرڪهڙي وجهه آهي جو عالمي مالياتي ادارا هميشه اهڙن منصوبن تي فنڊنگ ڪندا آهن جيڪي انسانن ۽ قدرتي ماحول کي نقصان پچهائيندا آهن.

سنڌ حڪومت کي تڪراري منصوبي مليرايڪسپريس وي خلاف مقامي ماڻهن پاران ڪيتريون ئي شڪايتون ڪيون ويون آھن، اھي شڪايتون گھڻو ڪري زمينن جي خريداري جي طريقي سان لاڳاپيل آهن انهن جي رهائشي علائقن مان وڻن جي ڪٽائي ،ثقافتي ۽ ماحولياتي وسيلن جي بقا کي خطري جي حوالي سان آهي . مقامي برادرين کي خدشو آهي ته هن منصوبي جي ذريعي انهن جي قديم زمينن تي قبضو ڪيو ويو آهي ۽ اهي ان جي خلاف احتجاج پڻ ڪري رهيا آهن. پراجيڪٽ انهن جي صلاح مشوري کان سواءِ اڳتي وڌايو ويو آھي. اهڙن منصوبن جي رٿابندي ڪرڻ کان اڳ مقامي ڪميونٽيز سان صلاح مشورو ڪرڻ هڪ لازمي عنصر آهي، پر عالمي مالياتي ادارا ۽ معروف ڪارپوريشنون مقامي ماڻھن سان صلاح مشورو ڪرڻ کي بلڪل بھ اھم نھ ٿيون سمجھن اھو ئي سبب آھي تھ مقامي ماڻھن جي صلاح مشوري کان سواءِ ملير ايڪسپري وي جي اڏاوت شروع ڪئي وئي آھي. مقامي ماڻهن جو چوڻ آھي ته ملير ايڪسپريس وي جي اڏاوت سان مقامي ماحول تي سخت اثر پئجي رهيا آهن، جنهن ۾ پاڻي جي گدلاڻ، زرعي زمينن جي تباهي ۽ مقامي طور تي نباتياتي ۽ ماحولياتي نقصان سان گڏوگڏ جيو جڻين جي زندگي پڻ متاثر ٿي رھي آھي. انهن مسئلن کي نظر ۾ رکندي ايشيائي ترقياتي بئنڪ هن منصوبي کي پنهنجي ترجيحن ۾ نه رکيو آهي ۽  فنڊنگ روڪي ڇڏي آهي. ڪيترو بهتر ٿئي ها جيڪڏهن ايشيائي ترقياتي بئنڪ جهڙا ادارا منصوبي جي ڪم کان اڳ مقامي ماڻهن کي پنهنجي مشاورتي عمل ۾ شامل ڪن ها، جيئن حڪومت ۽ ٻين ادارن سان ڪيو وڃي ٿو.

علائقي جي رهواسي ۽ سماجي ورڪر جو چوڻ آھي ته ڄام صادق پل کان ڪاٺوڙ تائين 40 ڪلوميٽر ڊگھو روڊ جيڪو 24 ڳوٺن مان گذرندو، ملير جي ٻنهي پاسن کان مقامي ماڻهن جي آمد و رفت ۾ سخت رڪاوٽ جو سبب بڻجندو ان ھوندي بھ عوامي مفاد ۾ ان جي تعمير جي اجازت ڏيڻ جو عجيب فيصلو ڪيو ويو آھي، هن چيو ته اسان ملي ڪري ان کي هاءِ ڪورٽ ۾ چينلچ ڪيو عدالت اسان جي موقف کي تسليم ڪندي عجيب ۽ غريب فيصلو ڪيو ته عوامي مفاد ۾ ان جي اڏاوت جي اجازت ڏجي ٿي، هن چيو ته جڏهن ته ايشيائي ترقياتي بئنڪ منصوبي تي اسان جي ماحولياتي اعتراض کي قبول ڪيو ۽ فنڊنگ روڪي ڇڏي.

39 ڪلوميٽرن جي ملير ايڪسپريس وي منصوبي جو افتتاح ڊسمبر 2020 ۾ ڪيو ويو هو، جڏهن ته 2019 ۾ ٽينڊر جاري ڪيا ويا هئا، جنهن تي لڳ ڀڳ 160 ملين ڊالر لاڳت ايندي، سنڌ حڪومت جو چوڻ آهي ته هي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت هڪ اهم شهري انفرااسٽرڪچر منصوبو آهي، جنھن جي تعمير ٿيڻ سان روزگار جي ذريعا وڌندا ۽ ۽ ٽريفڪ جي وھڪري ۾ بھتري ايندي. ملير ايڪسپريس وي ڄام صادق پل کان شروع ٿيندڙ ايم 9 ڪاٺور پل هن جاءِ تي 30 مهينن ۾ مڪمل ٿيڻو آهي.ڪراچي جي وڏي  علائقا ڊنفيس هائوسنگ سوسائٽي (DHA)، ڊنفيس هائوسنگ سٽي ۽ بحريا ٽائون ڪوآپريٽو سان ڳنڍبو، ان منصوبي مان عوام کي ڪو به فائدو نه آهي، هي منصوبو وڏن ماڻهن جي لاءِ  ٺاهيو ويو آهي .هن منصوبي جي حوالي سان  ماحولياتي ماهرن ۽ برادرين پاران مسلسل احتجاج ٿي رھيا آهن ، جن ۾ ڪراچي بچايو تحريڪ، انڊين رائيٽس الائسنس ۽ ڪراچي انوائرمينٽل پروٽيڪشن موومينٽ وغيره شامل آهن.

مقامي رهواسين جو چوڻ آهي ته هن روڊ جي منصوبي جي رستي ۾ ’سيد هاشمي ريفرنس لائبريري‘ به اچي رهي آهي جيڪا 4 ڏهاڪا اڳ قائم ڪيل آهي. لائبريري بلوچ ثقافت جي حوالي سان اهم حيثيت رکي ٿي، ان سلسلي ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ، سنڌ حڪومت کي ڪنهن به قسم جو ڪم ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو آهي، جڏهن ته مقامي ماڻهن جي دٻاءُ ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ  جي فيصلي بعد سنڌ حڪومت ان کي قومي ورثي ۾ شامل ڪري ڇڏيو آهي.

ڪلائمنيٽ  ايڪشن سينٽر جي ياسر حسين چيو ته ملير ايڪسپريس وي جو ٺيڪو تڪراري آهي، هن ٻڌايو ته اهو ٺيڪو ڪهڙي ڪمپني کي ڏنو ويو هن جي ڪابه خبر نه آهي ، ياسر حسين چيو ته روڊ ماڻهن جي زرعي زمينن تي ٺاهي رهيا آهن. هن چيو ته درياهه جي مٽيءَ مان 40 ڪلوميٽر هاءِ وي کي مٿي ڪري پل ٺاهي پئي وڃي. جيڪو هڪ غير قانوني عمل آهي. ان حوالي سان هاءِ ڪورٽ جو اسٽي آرڊ  موجود آهي .  ياسر حسين جو چوڻ آھي ته مليرندي  جي حالت خراب آهي ٻئي پاسي صنعتن جي گندو پاڻيءَ جو ملير نديءَ ۾  ڇوڙ  ٿيندو رھي ٿو. هن چيو ته ايشين بئنڪ فنڊنگ ڏني هئي پر 2023ع ۾ ان کي ختم ڪري ڇڏيو هو ياسرحسين چيو ته اسان  علائقي واسين ۽ آبادگارن سان گڏجي هڪ خط لکيو هو، جنهن ۾ چيو ويو هو ته ان جي اڏاوت سان ڪهڙي قسم جا  نقصان ٿي سگهي ٿا، جڏهن ته مقامي ماڻهن سان ڪا به صلاح مشورو نه ڪيو ويو آھي.

ڪراچي اربن ليب جي محمد توحيد جو چوڻ آهي  ته ملير ايڪسپريس وي جي منصوبي ۾ ڪيتريون ئي خاميون آهن، ”ظاهر آهي ته هي سنڌ حڪومت جو منصوبو آهي.پر ڪنهن به ڊونر جو تفصيل ناهي. ان جي تعمير جو ٺيڪو ”ملير ايڪسپريس وي پرائيويٽ لميٽيڊ“ نالي هڪ ڪمپني کي ڏنو ويو آھي.جنهن جي حوالي سان وڌيڪ تفصيل موجود نه آهن، ماحولياتي قانون پاڪستان انوائرمينٽل پروٽيڪشن ايڪٽ 1997 ۽ سنڌ انوائرمينٽل پروٽيڪشن ايڪٽ 2014 جي موجب سمورن وڏن منصوبي جي لاءِ ماحولياتي جائزو وٺڻ ۽ اي آءِ اي تي عوامي مشاورت ضروري آهي ،

ان منصوبي تي اي آءِ اي  800 صفحن تي مشتمل ماحولياتي جائزي ۽ عوامي مشاورت جي رپورٽ پيش ڪئي جنهن ۾ مقامي ماڻهن ان تي ڪيترائي اعتراض اٿاريا.قانون موجب ان منصوبي تي ڪم شروع نه ٿو ڪري سگهجي جيستائين سنڌ جي ماحولياتي تحفظ واري اداري جي اي آءِ اي منظور نه ڪئي وڃي، پر ڪم شروع ٿي چڪو آهي

مقامي صحافي سامي ميمڻ جي موجب هي منصوبو 2020ع ۾ ڪورونا جي ڏينهن ۾ شروع ڪيو ويو هو، جڏهن ته اهو نقشو 2021ع ۾  پاس ڪيو ويو هو، جڏهن ان تي ڪم شروع ٿيو ته مقامي رهواسين، ننڍن زميندارن ۽ ماحوليات پاران 100 کان وڌيڪ شڪايتون داخل ڪيون ويون.جنهن ۾ چيو ويو ته ماڻهو بي گهر آهن.سنڌ جي زرخيز زمينون تباهه ٿي رهيون آهن، مقامي جانور ۽ پکي به هليا ويا آهن، جنهن سان عام ماڻهن کي ڪو به فائدو نه پهچندو بلڪ جيڪو هنن وٽ آهي اهو بھ کسجي ويندو .هن وڌيڪ چيو ته ملير نديءَ کي هڪ نالي جي شڪل ڏني وئي آهي، جنهن سبب 2022 ۾ جيڪا آفت آئي، اها ناقابل تلافي هئي.ملير ايڪسپريس وي جي پروجيڪٽ ڊائريڪٽر نياز سومري ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل پاڪستان جي پراجيڪٽ ۾ سيپرا جي ضابطن جي ڀڃڪڙي ۽ ڪرپشن جي الزامن کي رد ڪندي چيو ته ان الزام ۾ ڪا به سچائي ناهي، منصوبي جي خريداري عالمي معيار مطابق ڪئي وئي آهي. سيپرا جي ضابطن موجب ملڪي غير ملڪي اخبارن ۾ اشتهارڏنا ويا آهن .

اها به هڪ تلخ حقيقت آهي ته اهڙن منصوبن ۾ ماحوليات ۽ سماجي ۽ ثقافتي ورثي جو به خيال نه رکيو ويندو آهي. خاص طور تي، بين الاقوامي مالياتي ادارن، جهڙوڪ ايشيائي ترقياتي بئنڪ ،هن معاملي ۾، تحقيق ڪرڻ کان سواءِ اهڙي منصوبي جي مالي مدد جو واعدو ڪيو، جيڪو ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي پنهنجي ڪميونٽي ۽ سماجي تحفظ واري پاليسي جي مڪمل خلاف ورزي آهي.اهو پڻ ڏيکاري ٿو ته عوامي مشاورت اڪثر ڪري وڏن منصوبن ۾ شامل نه آهي، جنهن جي نتيجي ۾ غير پائيدار ۽ تباهي واري منصوبن جو سبب بڻجن ٿا جيڪي سماجي ۽ ماحولياتي آفتن جو سبب بڻجن ٿا.ماضيءَ ۾ به اهڙا مثال موجود آهن، جهڙوڪ ايل بي او ڊي پروجيڪٽ جنهن جي فنڊنگ ورلڊ بئنڪ ڪئي هئي ۽ جنهن ۾ پڻ مقامي ماڻهن جي ڪا به صلاح نه هئي، جنهن ڪري مقامي ماڻهن آزاد انسپيڪشن پينل جو دروازو کڙڪايو، جنهن جو نتيجو اهو نڪتو. ورلڊ بئنڪ تسليم ڪيو ته ايل بي اوڊي جي ڊائرين ۾ مقامي ماڻهن جي مشاورت شامل نه هئي .جنهن ڪري ايل بي اوڊي جو منصوبو ماڻهن جي لاءِ عذاب بڻجي ويو .عالمي مالياتي ادارن کي پنهنجي ماضي مان سبق وٺڻ گهرجي ملير ايڪسپريس وي به هڪ اهڙي منصوبي ۾ شامل نه ٿي وڃي جيڪو ماڻهن جي لاءِ عذاب بڻجي وڃي .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.