ڪامريڊ غلام محمد لغاري سنڌ ھاري ڪميٽي ۽ ھاري هلچل جو عظيم ڪردار

تحرير: نثارلغاري

ڪامريڊ ڪڏھن به آمرن هٿان آڻ نه مڃي ايتري قدر جو سندس وفات کان پوءِ به سندس گرفتاري جا وارنٽ ايندا رهيا  اڄ ڪامريڊ غلام محمد لغاري جي  چاليهين ورسي آھي سندس سموري زندگي  عوامي جمهوري طبقاتي جدوجهد ڪندي گذري  هي اهو دور هو جڏھن دنيا ۾ آڪٽوبر سوشلسٽ انقلاب جو به چرچو هو ۽ سامراجيت جي تڏا ويڙھ ٿي رهي هئي  سنڌ به ان وقت ڪامريڊ غلام محمد لغاري، حيدربخش جتوئي  سوڀي گيانچنداڻي ۽ رسول بخش پليجو   جهڙا ڪردار پيدا ڪيا   تاريخ جي ڦيري کي روڪي نه سگهي پر پنهنجي بقا جي جنگ جاري رکندي آئي ان وقت کاٻي ڌر ترقي پسند عوامي فڪر عوامي مزاحمت عروج تي هئي سامراجيت خلاف تحريڪون هيون عالمي ۽ ملڪي سياست تبديلين تي بحث ھئا هن وقت افسوس آھي ته اسان جي اڪثريت کي تمام گهٽ خبر آھي ته اسان نئين دور ۾ داخل ٿي چڪا آھيون.

ڪامريڊ غلام محمد لغاري ميرپور خاص ويجهو هڪ ننڍڙي ڳوٺ ۾ ڄائو ظلم خلاف بغاوت ۽ مظلوم دوستي سندس خمير ۾ شامل هئي ان دور ۾ برطانوي سامراج خلاف تحريڪ سموري هندستان ۽ مسلمان خطن ۾ ڦھليل هئي  هن خطي خلافت تحريڪ  آل انڊيا ڪسان سڀا ڪانگريس پارٽي ڪميونسٽ پارٽي آف انڊيا  مجلس احرار هن سموري منظر ۾ قومي آزادي لاءِ جدوجهد ڪري رهيون هيون  هنن جي سامراج خلاف جدوجهد سان گڏ هارين  مزدورن ۽ غريبن جون تحريڪون به هلي رهيون هيون ڪامريڊ غلام محمد لغاري جنهن علائقي ۾ پڙھي رهيو هو اتي به اهي خيال مختلف طريقن سان اچي رهيا هئا  انهن خيال کان هڪ مزاحمتي ڪردار جو متاثر ٿيڻ لازمي عمل هو  انهن خيالن کي اختيار ڪري ڪامريڊ غلام محمد لغاري به سرگرم ٿي ويو هو  هو نهايت غربت واري زندگي گذاري آيو هو انڪري کيس چڱي طرح خبر هئي ته غربت ۾ ڪئين ماڻھو زندگي گذاريندا آھن هن انهي سموري تسلسل  ۾  ڪامريڊ سنڌ ھاري ڪاميٽي جو روح روان ٿي ويو  انهي دوران ڪامريڊ ھندستان ۽ بعد ۾ پاڪستان سطح جي چوٽي جي ليڊرن ۾ شمار ٿيڻ لڳو اسين جيڪڏھن بعد جي عرصي کي ڏسون ته فردن سان گڏ پارٽين جو بحران پڻ پيدا ٿيو جنهن حڪمران طبقن جي پارٽين کي طاقتور ڪيو انقلابي سياسي پارٽين نه هجڻ يا ڪمزورهجڻ جو بحران هن وقت حقيقت اها آھي ته عام ماڻھن لاءِ ۽ خاص طرح محڪوم  بڻايل سماجن ۽ قومن لاءِ سياست ڪرڻ سياسي پاور حاصل ڪرڻ زبردست پرامن جمهوري جدوجهد ڪرڻ عوام کي منظم ڪرڻ منظم جدوجهد ڪرڻ کان سواءِ ڪو ٻيو رستو ناهي ڇو ته حڪمران قوتن ماڻھن جي جئيڻ جا سڀ رستا بند ڪري ڇڏيا آھن سماج کي مڪمل طرح برباد ڪرڻ جي هر حڪمت عملي تي هي عمل پيرا آھن

هن وقت منهنجي نظر ۾ جيڪڏھن ڪو تمام وڏوبحران آھي ته اهو سماج ۾ انقلابي پارٽي جو نه هجڻ آھي اها نه هجڻ جي ڪري حاڪم قوتن کي مڪمل طرح ڇوٽ مليل آھي ته هو جيڪو چاهين اهو ڪن ايتري قدر جو هو هڪ سياسي مشھور ڪارڪن کي کنڀي گم ڪري ڇڏين پر انهن کي ڪجهه نه ٿيندو مطلب سياست ايتري ڪمزور ٿي چڪي آھي سياسي پارٽيون تمام گهڻو ڪمزور آھن  افسوس آھي ته انقلابي يا جمهوري پارٽيون اهو سڀ ڪجهه مّحسوس ڪندي به نه پاڻ کي سگهارو ڪرڻ لاءِ تيار آھن نه ئي پاڻ کي منظم ڪرڻ لاءِ تيار آھن نه ئي هو پنهنجي هم  خيال پارٽين ۽ گروپن کي گڏ ڪري ڪا وڏي اتساهڪ تحريڪ کڙي ڪرڻ لاءِ تيار آھن هن وقت به ننڍا ننڍا انقلابي گروپ ڪنهن اتحاد ۾ گڏائجن ته وڏي سياسي تحريڪ جڙي سگهي ٿي مسلسل مهانگائي بيروزگاري بک بدحالي ڪرپشن وڏيرن ۽ پوليس جي ظلم ترقياتي ڪم نه ٿيڻ حڪمران ڌرين جي مسلسل ناانصافي پنهنجا نوازي زبردست لٽمار عوام جي ڪاوڙ ۾ شديد واڌارو ڪيو آھي تيرنهن سالن ۾ عوام جي لاءِ پيپلزپارٽي ڪجهه ناهي ڪيو ظلم بربريت جي انتها ٿي چڪي آھي

 

هن وقت جدوجهدن باوجود ا صل حڪمران ايترا طاقتور آھن جو هو جڏھن ۽ جتي چاهين ڪنهن به سياسي  ڪارڪن کي کنڀي گم ڪري ڇڏين سياسي پارٽين ۾ ايتري طاقت ناهي جو اهي پنهجي ڪارڪنن لاءِ موثرآواز اٿاري سموري سماج کي انهي تي متحرڪ ڪري سگهن اسان کي اهو تسليم ڪرڻو پوندو ته انقلابي سياست اڳ کان وڌيڪ ڏکي ٿي چڪي آھي

افسوس ته جيڪي تاريخ ۽ جدليات جاماهر آھن هو چون ٿا اسان کي سڀ خبر پوءِ آنهن کي ڪير اچي سمجهائي ڇهه جون تي بحريا ثائون جي جلسي کان پوءِ مسلسل عوام چارج آھي انهي حوصلي کي سياست کي طاقتور ڪرڻ لاءِ  ڪردار ادا نه ڪبو ويو ته اهو موجودا موقعو وڃائڻ جي مترادف هوندو هن وقت هر سماجي سياسي بحران هڪ وڏي منظم پورهيت طبقي جي پارٽي نه هجڻ جي صورت ۾ پاڻ کي اظھاري رهيو آھي جيڪي پارٽيون موجود آھن اهي عظيم تاريخي گهرج تي پوريون نٿيون لهن آخر ۾ اهو سوال سڀني سياسي قوتن کان آھي ته اسان جي سياست سگهاري هجي ته اسان جي ڪنهن پرامن سياسي ڪارڪن جي جبري گمشدگي ائين آساني سان ممڪن هجي اهو ئي نقطو وڌ کان وڌ غور طلب آھي جنهن جيڪري روايتي پڻي مان نڪرڻو پوندو اهو افسوس ناڪ ناهي ته هارين ۽ مزدورن تي طبقاتي جبر ۽ استحصال وڌيو آھي پر سنڌ ھاري ڪميٽي سميت پورهيت طبقي جي ڳالهه ڪندڙ تنظيمون ڪمزور ٿيون آھن

مطلب تمام گهڻي مهانگائي ٿي چڪي آھي غربت جي ڪري هتي عام ماڻھو تمام گهڻو بي حال آھي بس هو ڪنهن موقعي جي تلاش ۾ آھي ته ڪا سنجيدا ڌر يا ڪا  معاملن کي اڳتي وٺي ويندڙ ڌر سياسي تحرڪ ۾ اچي ٿي ته نتيجا سخت نڪرندا روايتي طريقي حڪمران اهو سمجهي رهيا آھن ته ماڻھو مهانگائي جي هي وڏي لهر به برداشت ڪري ويندا پر هاڻ محسوس اهو ٿي رهيو آھي ته برداشت جون حدون ڪراس ٿي چڪيون ھن اسان جو ماڻھو خودڪشي کي تمام گهڻو غلط ۽ خراب سمجهندو هو ۽ آھي پر ماڻھو بي وسي جي عالم ۾ جهالت ۽ سماجي جنگ کي نه سمجهي سگهڻ جي ڪري خودڪشي جي عمل کي به استعمال ڪري رهيو آھي اها ڪنهن به فرد يا سماج جي  مايوسي جي انتها آھي  حڪمران طبقن سان گڏ اهي سياسي قوتون جيڪي عوام ۽ عام غريب کي وڏي طاقت سمجهن ٿيون اهي به درست طريقي عوام جي اندر وڃڻ لاءِ تيار نه آھن  عوام جا صفا غريب پرت هن وقت وڏي سماجي طاقت بنجي سگهن ٿا پر هن وقت  اهي ننڌڻڪا آھن هن وقت اهڙيون انقلابي سڏائيندڙ ڌريون به آھن جن کي ڪارڪن اندران پريشر وجهي احتجاج ڪرڻ تي مجبور ڪري رهيا آھن انهن جي قيادت کي هن وقت به سماج جي تحرڪ تي يقين ناهي  اهي مجبوري ۾ احتجاج ڪرڻ تي مجبور ڪيون ويون آھن جيڪا پوءِ به بهتر ڳالهه آھي حقيقي  عوام دوست سياسي قوتن جو هن وقت ننڍي ۾ ننڍو تحرڪ به عوام حڪمران طبقن انهن جي مخالف ڌر تي گهر اثر مرتب ڪندو  حڪمران طبقو انهي ڪري به ڊنل آھي جو جنهن ڏينهن عوام جي تحريڪ شروع ٿي انکي محدود دائري ۾ رکڻ مشڪل ٿي ويندو اهو خوف حڪمران ڌر ۽ سندن مخالفن کي ڀلي پت آھي هن وقت حڪمران ڌريون ته مهانگائي جي عمل جو دفاع ڪري رهيون آھن پر خود مخالف ڌر جي اتحاد پي ڊي ايم وٽ به ڪو ٺوس پروگرام ناهي مثال طور اها آءِ ايم ايف جي معاهدن جو ڇا ڪندي  هن وقت جيڪابه مهانگائي ٿي رهي آھي اها انٽرنيشنل مانيٽرنگ فنڊ جي ڳرين شرطن جي ڪري ٿي رهي آھي  پي ڊي ايم صفا محدود ايجنڊا تي ڪاربند آھي

پي ڊي ايم اهو سمجهي ٿي ته عوام جي  غريب طبقي ۾ ھاڻ قوت برداشت رهي ناهي جيڪڏھن اهي هڪ دفعو روڊن تي نڪري آيا ته انهن کي ڪنٽرول ڪرڻ ڏکيو هوندو مٿان ڪو پروگرام به ناهي انڪري صورتحال شديد خراب ٿي سگهي ٿي انڪري اهي به محدود پئماني تي ٽوڪني احتجاج ڪري رهيا آھن  پر حقيقت اها آھي ته عوام هاڻ مسلسل مهانگائي جي ڪري تنگ ٿي چڪو آھي ۽ اهو ڪنهن مرحلي تي ازخود به حڪمرانن خلاف روڊن رستن تي نڪري ايندو ڇو ته حقيقي عوامي متبادل اڃا ٺھڻ جي عمل ۾ آھي اهڙين حالتن ۾ ڪامريڊ غلام محمد لغاري جهڙن ڪردارن کي ياد ڪرڻ ۽ انهن جهڙو بڻجڻ جي سخت ضرورت آھي هن وقت افسوس آھي ته اسان جا ڪميٽيڊ ماڻھو به اهو چوندي ٻڌبا آھن ته ماڻھو اڳتي اچڻ لاءِ تيار نه آھن اهي ڪامزاحمت ڪرڻ لاءِ تيار نه آھن اسين ڇا ڪريون  تصور ڪريو اڄ کان پنجاهه سال اڳي ڪامريڊ غلام محمد اڪيلي سر سچائي اشاعت گهر تان  اخبار هاري حقدار سائيڪلو اسٽائل تي ڇپيندو هو ۽ ھارين جي ڳوٺ ڳوٺ وڃي هر اليڪشن ۾ بيهي کين سجاڳ ڪندو هو ڇا ان وقت حالتون بهتر هيون ۽ ماڻھو سمجهڻ لاءِ تيار هئا يا اڄ حالتون بهتر ۽ زبردست آھن. حقيقت اها آھي ته ڪامريڊ غلام محمد لغاري جهڙي جوش ۽ جذبي حوصلي ۽ جرائت جي ضرورت آھي هن وقت جيڪڏھن سموري سنڌ ۽ سمورو سماج جيڪڏھن مسئلن ۽ غلامي ۾ جڪڙيل آھي ته ان جو سبب ڪمٽمينٽ پاڻ ارپڻ جي کوٽ آھي تاريخ ۾ ڪامريڊ غلام محمد لغاري جهڙا فرد قومن سماجن جي ارادي جي تشڪيل جو ڪم ڪندا آھن انهي ارادي کي تشڪيل ڏيڻ جي ضرورت آھي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.