روماسا جامي جي نانءُ\او روماسا او منهنجي امان !

سڀ وکون ولولن کان وانجهيل هن؟

 

همتون حوصلن کان وانجهيل هن؟

 

تون ٿو سمجهين اسان جون للڪارون

 

ڪڙڪندڙ زلزلن کان وانجهيل هن!؟

          ساڀيان سانگي

هي تنهنجي بابي خواب ڏٺا

 

۽ کڙندي سرخ گلاب ڏٺا

 

۽ ڇا ڇا تن جا تاب ڏٺا

 

تون تن جي سهڻي ساڀيا آن

 

او روماسا او منهنجي امان !

 

هي جهيڙو آهي جنمن جو

 

هي پنڌ نه آ چند قدمن جو

 

هي ليکو آهي نسلن جو

 

ڪيئن چڪتو ٿيندو پئي ڏسجان

 

او روماسا او منهنجي امان !

 

هي جل جل جيڪا مشعل آ

 

هر روشن پنهنجي محفل آ

 

جو تو سان گڏ سو پاڳل آ

 

تون ٻاگهي آن ۽ تون مرکان

 

او روماسا او منهنجي امان !

 

حاجي ساند

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.