رواداري مارچ جي رستا روڪ لاءِ ڪراچي ۾ ڪرفيون

تحرير: ذلفي چاچڙ

جمهوريت هر شهري کي اظهار جي آزاديءَ جو حق ڏئي ٿي، جنهن جمهوري سرشتي ۾ ڪنهن کان اظهار جي آزاديءَ جو حق کسيو وڃي ته اها جمهوريت نه پر آمريت ئي هوندي آهي. ڇاڪاڻ ته آمريت ۽ جمهوريت ۾ جيڪو اهم ۽ بنيادي فرق هوندو آهي، سو اهو آهي ته جمهوريت ۾ شهرين کي اظهار جي آزاديءَ جو حق حاصل هوندو آهي، جڏهن ته آمريت ان قسم جي آزاديءَ کان ماڻهن کي محروم ڪريو ڇڏي.

بدقسمتيءَ سان اسان وٽ يا ته جعلي جمهوريت رهي آهي يا وري آمريت جو ڪارو دؤر رهيو آهي، جيڪو اڄ به نام نهاد ۽ جعلي جمهوريت جي صورت ۾ برقرار آهي. جيڪو ملڪ کي سدائين مسئلن ڏانهن ڌڪي بحرانن ۾ جڪڙي رکيو آهي، جنهن کي ملڪي تاريخ جو بدترين دؤر به چئجي سگهجي ٿو، جنهن دوران ڪيترائي لڱ ڪانڊيندڙ  واقعا پڻ پيش اچي چڪا آهن، جنهن ۾ ڪيترائي شهري پرامن احتجاج ڪندي سيڪيورٽي ادارن جي گولين جو کاڄ بڻجي پنهنجي حياتين کان محروم ٿي ويا، جن جي خون سان لڳ ڀڳ اڌ صدي گذرڻ جي باوجود به انصاف ٿي ناهي سگهيو، انهن شهيدن ۾ ايم آر ڊي تحريڪ جا شهيد قابل ذڪر آهن.

اسان کي اهو معلوم آهي ته جدوجهد جي راهه ۾ شهيد ٿيندڙ ماڻهن سان ملڪي ادارا نه پر تاريخ انصاف ڪندي آهي. ايم آر ڊي تحريڪ جا شهيد جمهوريت جي بحالي لاءِ جدوجهد ڪري هڪ آمر سان مهاڏو اٽڪايو، جنهن سبب محترمه بينظير ڀٽو جلاوطني ختم ڪري وطن واپس آئي ۽ عوامي رد عمل جي آڏو ملڪي اسٽيبلشمينٽ مجبور ٿي اقتدار جون واڳون محترمه بينظير ڀٽو شهيد جي حوالي ڪيون. جنهن کانپوءِ پاڪستان پيپلز پارٽي اقتدار ۾ اچي خود کي ٻيهر سياسي طور مضبوط ته ڪيو پر  هو حقيقي جمهوريت تي ڪاربند رهڻ جي بدران شهيدن جي رت جو سودو ڪندي آمرن جي اشارن تي هلڻ لڳي.

صحيح معنيٰ ايم آر ڊي تحريڪ جي شهيدن سان انصاف تڏهن ئي ٿي سگهي ها، جڏهن پاڪستان پيپلز پارٽي  آمريت جا رستا سوڙها ڪري لانگ بوٽ کي بيرڪن ٿا محدود ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿئي ها ۽ ملڪ ۾ حقيقي جمهوريت جو نظام لاڳو ڪرڻ ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري ها، پر ايئن ٿي نه سگهيو ۽ نيٺ ڪالهه ڪراچي ۾ پ پ پ حڪومت آمراڻو عمل ڪري پنهنجو منهن تي چڙهيل جمهوريت جو ماسڪ لاهي ڦٽو ڪيو.

سنڌ سرڪار رواداري مارچ کي ناڪام بڻائڻ لاءِ آمريت جو اهو روپ اختيار ڪيو آهي، جنهن جو مثال مارشل لائن ۽ ضيائي تاريخ ۾ به ملڻ مشڪل آهي.سنڌ پوليس شاعرن، اديبن، فنڪارن، شاگردن ۽ ساڃاهه وندن تي بدترين تشدد ڪري سندن ڪپڙا ليڙون ليڙون ڪري ڇڏيا. مارچ ۾ شرڪت ڪندڙ نياڻين کي گهلي گهلي پوليس موبائلن ۾ اڇلائيندي کين ڏٺو ويو. سنڌ سرڪار پنهنجي ان آمراڻي عمل سان ان ڳالهه جو شدت سان احساس ڏياريو آهي ته اسان جي ملڪ ۾ اڃا تائين حقيقي جمهوريت قائم ٿي ناهي سگهي پر  جمهوريت جي نانءُ تي ”ضيائي راڄ“ لاڳو ٿيل آهي، جتي ڪنهن کي به اظهار جي آزادي ۽ پرامن احتجاج جو حق حاصل ناهي.

 

جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته روادري مارچ ڪنهن به ڌر، جماعت يا شخص جي خلاف بلڪل به نه هو، پر اهو ملڪ ۾ وڌندڙ انتهاپسندي،لاقانونيت ۽ عدالتن کان مٿانهن قتلن جي خلاف هو. ملڪ ۾انتهاپسندي، جنهن محترمه  بينظير ڀٽو سميت ڪيترين ئي معصوم انسانن جون جانيون ڳڙڪائي چڪي آهي، ايتري قدر وڌي وئي آهي جو قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا اهلڪار ۽ اعليٰ آفيسر به ڪنهن الزام هيٺ آيل جوابدار کي انتهاپسندن جي دٻاءُ ۾ اچي قتل ڪريو ٿا ڇڏين، جيڪو عمل توهين عدالت، توهين قانون، توهين رياست ۽ توهين انسانيت پڻ آهي. جيڪڏهن اهڙي طرح سان فيصلا پوليس ڪندي رهي ته پوءِ ملڪ ۾ عدالتون پنهنجي اهميت وڃائي وينديون ۽ جهنگ جو قانون لاڳو ٿي ويندو، ان کان پوءِ جيڪو ”ڏاڍو سو گابو“ وارو راڄ پنهنجا پير پختا ڪري وٺندو، جيڪو اسان جي ملڪ ۾ گهڻي ڀاڱي قائم ٿي چڪو آهي. جنهن جا ڀيانڪ نتيجا سامهون اچڻ شروع ٿي چڪا آهن ته پوليس عملدار عدالتن تي پرواهه نه ڪندي قانون جي رٽ قائم ڪرڻ جي بدران قانون ٽوڙڻ لڳا آهن ۽ حراست ۾ ورتل ماڻهن کي ماري مخصوص ماڻهن کان انعام و اڪرام۽ مبارڪون حاصل ڪندي ڏٺا ويا. ان لاءِ سنڌ جي ساڃاهه وندن ضروري سمجهو ته صوفين جي سرزمين سنڌ، جيڪا صدين کان مذهبي رواداري جو مرڪز رهي آهي، ۾ انتهاپسندي جي وڌندڙ رجحان کي روڪڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪجي جن انتهاپسندي کي ٻنجو ڏيڻ لاءِ رواداري مارچ جو اعلان ڪيو  ته جيئن امڪاني ڀڃ ڊاهه  ۽ لاقانونيت کي روڪي سگهجي پر سنڌ حڪومت ڪرفيون جهڙي صورتحال قائم ڪري حقيقت ۾ رواداري مارچ کي نه پر انتهاپسندي جي واڌ ويجهه کي روڪڻ لاءِ ٿيندڙ فيصلائتي ۽ سنجيده ڪوشش کي ناڪام بڻايو آهي.

ڪجهه وقت اڳ بلوچ يڪجهتي ڪميٽي جي اڳواڻن جي رٿيل پريس ڪانفرنس کي روڪڻ لاءِ بلوچستان حڪومت ڪوئيٽا جي صحافين کي ٻاهر ڪڍي پريس ڪلب کي تالا هنيا هئا. اهو ئي ساڳيو ئي عمل ٿورئي فرق سان ڪالهه پاڪستان پيپلز پارٽي جي سرڪار به ورجائيندي نظر آئي ۽ ڪراچي پريس ڪلب کي چوطرف مڪمل طور تي سيل ڪيو ويو، نه صرف سيل ڪيو ويو پر اتي احتجاج ڪندڙ شهرين مٿان بدترين تشدد ڪري کين گرفتار پڻ ڪيو ويو. جيڪو سنڌ سرڪار جو پهريون ۽ وفاقي حڪومت جو ٻيو وڏو واقعو آهي، جيڪو اخلاقي، انساني ۽ جمهوري قدرن جي بلڪل ئي ابتڙ آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.