بينظير هاري ڪارڊ:انقلابي قدم به ته خدشا به

تحرير: غلام حسين لغاري

سنڌ سرڪار صوبي جي ننڍن کاتيدارن کي جن وٽ 25 ايڪڙن تائين زرعي ايراضي پوک هيٺ هوندي تن کي بينظير هاري ڪارڊ ڏيڻ جي هڪ رٿا شروع ڪئي آهي جنهن لاءِ سنڌ بئنڪ سان هڪ معاهدو طئي ٿيو آهي جيڪا مستحق هارين ۽ ننڍن آباگارن کي اهو ڪارڊ جاري ڪندي جنهن سان ڪارڊ هولڊرن کي سبسڊي اگهن تي ٻج يوريا ڀاڻ زرعي دوائون بارداڻو ۽ گهربل سامان ملي سگهندو خاص ڪري قدرتي آفتن جي پهتل نقصان ۾ به مالي مدد ٿي سگهندي ۽ هي ڪارڊ اي ٽي ايم طرز جو هوندو جنهن سان هو سڌو سنئون سبسڊي حاصل ڪري سگهندو.هن ڏس ۾ زراعت کاتي جي ذريعن بينظير هاري ڪارڊ لاءِ هاري جي تشريح هن ريت ڪئي آهي ته بينظير هاري ڪارڊ لاءِ هاري ان کي تصور ڪيو ويندو جنهن جي تصديق زميندار پاڻ ڪندو ۽ ضمانت ڏيندو ته لاڳاپيل ماڻهو وٽس هارپو ڪندڙ آهي.    بيظير هاري ڪارڊ جاري ڪرڻ وارو سلسلو اڄ سومر 14 آڪٽوبر کان هڪ تقريب وسيلي شروع ڪيو ويندو جنهن جو افتتاح سي ايم هائوس ڪراچي ۾ پ پ پ جو چيئرمن محترم بلاول ڀٽو  ڪندو.هي تقريب پهريون ڀيرو  زوم وڊيو سسٽم وسيلي صوبائي رابطي تحت صوبي جي مختلف ڊويزنن حيدرآباد ميرپورخاص نوابشاهه سکر ۽ لاڙڪاڻي ۾ هڪ ئي وقت شام جو 3 وڳي شروع ٿيندي جنهن ۾ مثالي آبادگار  لاڳاپيل هاري اسيمبلي ميمبر وزير زراعت ۽ روينيو کاتي جا ڪامورا شرڪت ڪندا.ڪراچي واري مک تقريب ۾ سنڌ جو وڏو وزرير سيد مراد علي شاهه وزير زراعت سردار محمد بخش مهر سيڪريٽري زراعت رفيق احمد ٻرڙو خصوصي طور شرڪت ڪري هن تاريخي رٿا بابت بلاول ڀٽو زرداري کي آگاهي ڏيندا.

اعلانيل بينظير هاري ڪارڊ پهرين مرحلي ۾ 298000 مستحق هارين کي جاري ڪيا ويندا جڏهن ته بقول وزير زراعت سنڌ سردار محمد بخش مهر جي ته اڳتي هلي سموري سنڌ جي وڌيڪ 14 لک هارين کي ساڳي قسم جا ڪارڊ جاري ڪيا ويندا جن لاءِ پڻ جلد سروي شروع ڪئي ويندي.هن کان اڳ وزير زراعت جي صدارت هيٺ ٿيل هڪ اجلاس دوران سوات رٿا جي پراجيڪٽ ڊئريڪٽر لياقت علي ڀٽو ڄاڻ ڪرائي آهي ته هاري ڪارڊن جي اجراءَ ۽ آبادگارن کي سهولت مهيا ڪرڻ لاءِ 8 کرب رپيا رکيا ويا آهن جنهن سان صوبي جي هارين جي حالت بهتر ٿي سگهندي ۽ زرعي پئداوار ۾ به اضافو ٿيندو.سنڌ جي حوالي سان هي پهريون ڀيرو آهي جو ايڏي وڏي رقم صرف سنڌ جي هارين کي سبسڊي لاءِ مخصوص ڪئي وئي آهي جنهن لاءِ سنڌ سرڪار پنهنجي وسيلن ۽ پرڏيهي رٿائن وسيلي استعمال ڪندي، هن ڏس ۾ سنڌ ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ گوءِ کڻي وئي آهي.

ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته هاري ڪارڊ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جو خواب هو جيڪو هن وقت سندس فرزند بلاول ڀٽو زرداري وڏي جدوجهد بعد  پورو ڪري رهيو آهي ۽ ان سان ننڍو آبادگار توڙي عام هاري سٺو لاڀ حاصل ڪري سگهندو ۽ زرعي اسمن جهڙوڪ ٻج ڀاڻ زرعي دوائن جي خريدي ۾ سندن قوت خريد ۾ اضافو ٿيندو ۽ سندن هڪ قسم جي حوصله افزائي به ٿيندي.سنڌ سرڪار جي هن فيصلي کي زراعت پيشه طبقو جتي ساراهي رهيو آهي اتي هنن خدشا به ظاهر ڪيا آهن ته جڏهن اهو ڪارڊ نج هارين لاءِ آهي ته پوءِ ننڍن کاتيدارن کي شامل ڪرڻ ڇو ضروري سمجهيو ويو آهي جڏهن ته اها پاليسي نج هارين لاءِ ئي هجي ها جن کي ضرورت به آهي جيڪي قرض وٺي ٻج ڀاڻ وٺي زميندارن جو انگل پورو ڪندا رهيا آهن ۽ زميندارن جا قرضي به ٿيا آهن.ننڍن کاتيدارن کي به ڪارڊ ملڻ گهرجن جن کي پڻ ٻج ڀاڻ جي ضرورت رهي ٿي ۽  ان تي ڪنهن کي به ڪو اعتراض ناهي نه وري ڪرڻ گهرجي پر هاري ڪارڊ جي نالي تي سبسڊي ڏيڻ ۽ ملڻ تي اڳ ۾ ئي جاري بدعنوانين کي هٿي ملندي ۽ فراڊ ٿيندا جيڪي حڪومت جي نظر ۾ آهن ۽ ان روايت ۽ گورک ڌنڌي کي روڪڻو پوندو.

جيڪڏهن هاري ۽ ننڍي کاتيدار ٻنهي کي ڪارڊ جاري ڪرڻ جي رٿا هئي ته ان جو نالو بينظير سنڌ زراعت ڪارڊ ئي بهتر ٿئي ها بهرحال پ پ پ ۽ حڪومت جي هن هاري ڪارڊ کي به مان ڏيڻو پوندو جو هڪ مثبت قدم آهي پر ضرورت ان ڳالهه جي به آهي ته اها ڪوشش ڪرڻي پوندي ته جيئن اهو ڪارڊ غلط هٿن ۾ نه وڃي جنهن سان حڪومت جا اربين کربين رپيا پاڻي ۾ ٻڏي نه وڃن جو اهڙي قومي مفاد واري رٿا ۾   حڪومتي حمايتي وڏيرا ان ۾ اک وجهيو ويٺا آهن رڳو وجهه جي تلاش ۾ آهن. باقي صحيح معني ۾  هاري ۽ کاتيدار ۾ ڏينهن رات جو فرق آهي.

هاري ڪارڊ صرف رجسٽرڊ هارين ۽ ننڍن کاتيدارن لاءِ مخصوص ٿيل آهن.جن کي به هاري ڪارڊ جاري ٿيندا اهي لکن ۾ آهن جڏهن ته اڪثريت هارين ۽ ننڍن کاتيدارن جي آهي جن کي هاري ڪارڊ لاءِ سفارش ڪئي وئي آهي.ڪوشش اها ڪجي ته پهرين ترجيح هاري هجي بعد ۾ ننڍو کاتيدار. اهڙي طرح ڪيئن پرک ڪري سگهبي ته جن هارين ۽  کاتيدارن کي هاري ڪارڊ جاري ٿيندا  تن جون زمينون آبادي هيٺ آهن به يا نه ٻي حالت ۾ اهڙا ڪارڊ هولڊر ڪارڊ جن جون زمينون آبادي هيٺ ناهن اهڙن ڪارڊن جو غلط استعمال ڪندا ۽ سبسڊي جو ناجائز فائدو وٺندا سرڪار جا کربين رپيا ضايع ٿين تنهنڪري ان طرف به نظر وجهڻي پوندي ته جيئن ڪنهن به اهڙي هاري ۽ کاتيدار کي ڪارڊ ملي نه سگهي جنهن جي زمين سالن کان غيرآباد پيل هجي يا وري اهڙي کاتيدار کان ضمانت وٺڻ گهرجي ته هو زمين آبادي هيٺ آڻيندو جنهن لاءِ مختيارڪار زرعي آفيسر ۽ زميندار گڏيل ضمانت ڏين.

گذريل برساتن ۽ ٻوڏن کانپوءِ اهي شڪايتون منظرعام تي آيون هيون ته روينيو ۽ زراعت کاتي جي ملي ڀڳت سان اهڙن آبادگارن جي به مالي امداد ٿي جن جون زمينون ٻڏيون ڪونه هيون يا اهي زمينن جا مالڪ هئا.هن ڏس ۾ ڪا جاچ به نه ٿي سگهي ڇو جو اختيارين کي ڊپ هو ته متان بدعنوانين جا پول پڌرا ٿين ۽ هو پڪڙ هيٺ اچن.

اسان پ پ پ  جي سنڌ حڪومت خاص ڪري پ پ پ جي چيئرمن جناب بلاول ڀٽو زرداري جي هن انقلابي قدم جي پوري ريت واکاڻ ڪريون ٿا جنهن محنت ڪش طبقي زرعي زمين رکندڙ ننڍن کاتيدارن ۽ هارين لاءِ هاري ڪارڊ جو اجراءَ ڪرايو آهي جنهن سان سنڌ ۾ زرعي انقلاب ممڪن ٿي سگهندو پر ضرورت ان ڳالهه جي به آهي ته جن کاتيدارن ۽ هارين کي لکن جي انگ ۾ هاري ڪارڊ جاري ڪيا پيا وڃن تن جي جاچ به ڪرائي وڃي ته اهي حقدار آهن به يا نه يا وري سنڌ جي سردارن وڏيرن ۽ اثررسوخ رکندڙن جا حمايتي ته ناهن جن کي زميندارن هاري نه هوندي به پنهنجو هاري قرار ڏنو آهي ۽ اهڙي قسم جي هارين جي موجودگي ۾ وري به طاقتور سردار وڏيرو ۽ زميندار سگهارو ٿيندو ۽ سبسڊي ڦٻائيندو جنهن سان پئداوار  وڌي نه سگهندي نه وري زراعت ۾ ڪا مثبت اوسر ٿيندي جنهن جو نتيجو اهو نڪرندو جو ننڍو کاتيدار ۽  هاري ساڳيو پيرين پنڌ گهمندو ۽ بکايل رهندو .

ٿيڻ ته ايئن گهرجي جو اهي ڪارڊ صرف ئي صرف حقدار رجسٽرڊ هارين۽ ننڍن کاتيدارن کي ڏنا وڃن جن جو روينيو وٽ رڪارڊ موجود هجي پوکي پاڻ ڪندا هجن. زراعت کاتو ۽ بئنڪ انجي هاري هجڻ جي تصديق ڪري ڇاڪاڻ ته هاري ٻج ڀاڻ ۽ زرعي دوائن ۾ اڌ حصو ڀريندا آهن.نه صرف اهو پر هاري پنهنجي پئداوار سرڪار کي وڪرو ڪندو آهي جنهن لاءِ به کيس بارداڻي جي سخت ضرورت پوندي آهي ۽ وقت ضرورت هو سرڪار جي عدم تعاون ۽ زيادتين جو شڪار رهي ٿو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.