گوادر جي حقن واري تحريڪ بلوچن کي جاڳائي ڇڏيو آهي، ان کان علاوه دُڪي، نوشڪي، پنجگور ۽ ڪيچ ضلعن ۾ ٿيل حملن مقامي آبادي کي دٻائڻ بدران وڌيڪ سجاڳ ڪري ڇڏيو آهي. اها حقيقت به ظاهر آهي ته رياست جيڪڏهن طاقت جو استعمال ڪندي ۽ مقامي ماڻهن جي حقن جو استحصال ڪندي رهندي ته ماڻهن ۾ بغاوت جو عنصر وڌي ويندو، جنهن کي روڪڻ يا ڪنهن به رياستي طاقت سان جهلڻ ممڪن ناهي.
پهريون ته مقامي ماڻهن سان ڳالهيون ۽ انهن جي حقن جي حاصلات جي لاءِ ممڪن ڪوششون ئي پائيدار امن جون ضامن آهن يا ٿي سگهن ٿيون. باقي رڳو مقامي ماڻهن کي دربدر ڪرڻ، انهن جي خلاف رياستي طاقت جو استعمال ماڻهن ۾ وڌيڪ نفرتون پيدا ڪندو رهندو، ڇو ته رياست پاڻ اهو شهرين جي ڪاوڙ کي وڌايو آهي. ٻيو ته چيني مزدورن ۽ مقامي آبادي جي وچ ۾ رابطي جي کوٽ نه رڳو سي پيڪ بابت سازشي نظريات کي جنم ڏنو آهي، پر چين کي به بلوچ باغين جي آڙَ ۾ نشانو بڻايو آهي. احتجاج دوران بلوچ عوام جو هڪ وڏو مطالبو اهو هيو ته غيرقانوني ٽرالن کي روڪيو وڃي، جنهن سان مقامي ماهيگيرن کي بيروزگار ڪيو پيو وڃي ۽ ٽيون ته ايران سان غيررسمي واپار ٻيهر کوليو وڃي.
ڏکڻ بلوچستان جي ڪيترن ئي ماڻهن جو چوڻ آهي ته گذريل ڊسمبر ۾ ٿيل معاهدي کانپوءِ چيڪ پوسٽن تي سيڪيورٽي فورسز جو رويو ڪجهھ بهتر ٿيو آهي ۽ عسڪري پوسٽن جو تعداد گهٽجي ويو آهي. نيري رنگ جون ايراني گاڏيون ايران سان سرحدي واپار کي ٻيهر کولڻ کانپوءِ هاءِ وي تي واپس نظر اچڻ شروع ٿي ويون آهن. اهي گاڏيون ايراني ڊيزل ۽ کاڌي پيتي جي شين جي اسمگلنگ لاءِ مشهور آهن. هڪ عام تاثر اهو به آهي ته اهڙين گاڏين جي هاءِ ويز تي هلڻ سان نوجوان مشغول رهندا ۽ انهن کي روزگار ملڻ ۾ مدد ملندي، بيروزگاري جي مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ آساني پيدا ٿيندي ۽ نوجوانن کي باغي اثرن کان بچائڻ ۾ پڻ مدد ملندي. جيتوڻيڪ انهن گاڏين جو تعداد گذريل سال جي ڀيٽ ۾ تمام گهٽ آهي، جيڪو سرحد تي خاردار تارن جي تعمير ۽ ايران سان غيررسمي واپار تي پابندي هجڻ جي ڪري گهٽجي ويو هيو، پر بلوچستان جي ڪيترن ئي ماڻهن کي اميد آهي ته واپار ٻيهر تيز ٿيندو ڇو ته مقامي ماڻهن جي لاءِ آمدني جو اهو واحد ذريعو آهي.
رياست ڪيچ ضلعي ۾ ٻه باضابطا بارڊر ڪراسنگ پوائنٽ پڻ کوليا آهن ۽ ٻين ضلعن ۾ پڻ ائين ڪرڻ جو منصوبو آهي. صوبائي حڪومت مقامي ماڻهن لاءِ ايران ۾ داخل ٿيڻ ۽ تيل واپس آڻڻ لاءِ ٽوڪن رکڻ جي شرط ختم ڪري ڇڏيو آهي. مقامي انتظاميا هاڻي ڊرائيورن جي سڃاڻپ لاءِ انهن جي قومي سڃاڻپ ڪارڊ جي بنياد تي رجسٽر ڪرڻ جي مجاز آهي ۽ رجسٽريشن جي عمل کي آسان بڻائي پئي. ان دوران مڪران علائقي ۾ انتظاميا خاص طور تي گوادر ۾ سي پيڪ ۽ وزيراعظم جي ڏکڻ بلوچستان پيڪيج تحت جاري ڪيل ترقياتي منصوبن کي تيز ڪرڻ جو ڪم ڏنو ويو آهي. انهن منصوبن ۾ پاڻي جي فراهمي جي پائپ لائينن کي تبديل ڪرڻ، گوادر جي توانائي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ ڪوئلي تي بجلي بڻائڻ، سڄي خطي ۾ ٽيڪنيڪل تعليمي ادارا ۽ تربت ۾ هڪ انڊسٽريل اسٽيٽ اڏڻ به پروگرام ۾ شامل آهن. پر شهرين کي شڪ آهي ته اهي منصوبا رڳو سکڻا ڏٽا ثابت ٿيندا. ڇو ته ماڻهن جي آڏو حڪومت جي ماضي جا رڪارڊ آهن، جنهن ۾ ڪو به منصوبو مهل تي اڪلايو ناهي ويو يا مورڳو شروع ئي نه ٿيو ٺيڪا انهن بااثرن کي ڏنا وڃن جن تي هو ترت عمل ڪرائي سگهن ٿا. جيڪڏهن اهي انهن مافيائن کي مليا ته ان سان قومي خزاني ۽ سي پيڪ جي ساک کي وڏو نقصان پهچندو ۽ رياست ۽ بلوچستان جي شهرين جي وچ ۾ اعتماد جي کوٽ ۾ اضافو ٿيندو.
اقتداري اشرافيه لاءِ مقامي شڪايتن کي دور ڪرڻ لاءِ انهن جيبنيادي ترقي هڪ وڏي حڪمت عملي آهي، پر ڪرپشن، پارلياماني ۽ شهرين جي نگرانيءَ جي فقدان جي ڪري اهي ترقياتي ماڊل نتيجا ناهن ڏئي سگهيا، ڇو ته عوام جو مطالبو حقيقي سياسي شموليت آهي ۽ هڪ آزاد ۽ منصفاڻي اليڪشن مقامي ماڻهن جو اهم مطالبو آهي. گهڻن جو خيال آهي ته منصفياڻيون چونڊون حقيقي قومپرست پارٽين ۽ اڳواڻن کي اقتدار ۾ اچڻ لاءِ رستو فراهم ڪري سگهن ٿيون ۽ انهن وٽ پهچائڻ جو نسبتن بهترين طريقو هوندو.
بلوچستان جو سياسي منظرنامو پيچيده آهي ۽ هن وقت مولانا فيڪٽر تي بحث ڪرڻ جي ضرورت آهي. ڪيترن ئي تجزيا نگارن، قومي اڳواڻن ۽ حڪمران پارٽين کي به شڪ آهي ته رياست مذهبي ۽ لساني ڌرين جي عوامي اعتبار جي ڪري گوادر جي عوام جي شڪايتن جو استحصال ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي آهي جيڪو هڪ عنصر ٿي سگهي ٿو، پر هن جو اصل حصو هڪ حڪمت عملي جو آهي، جنهن کي مذهبي پارٽيون استعمال ڪن ٿيون، انهن جي مطالبن کي يقيني بڻائڻ لاءِ چاهي اها ٽي ايل پي هجي، جماعت اسلامي يا شيعه پارٽيون هجن. جماعت اسلامي سان بلوچ قوم جي وابستگي کين حوصلا افزائي ڪري ها ته هو هڪ ڊگهي مدي واري احتجاجي تحريڪ جي حڪمت عملي جوڙين ها، جيڪا ڳالھه بلوچ قومپرست پارٽيون ڪرڻ جي قابل نه هئي. مذهبي فيڪٽر کانسواءِ اصل انسپائريشن 2018 جي ماهيگيرن جي احتجاج مان ظاهر ٿئي ٿي، جنهن ”ايسٽ بي ايڪسپريس وي“ جي ڊزائن ۾ ترميم جو مطالبو ڪيو هيو، جيڪو گوادر پورٽ کي مڪران ڪوسٽل هاءِ وي سان ڳنڍي ٿو. انهن حڪومت کي مجبور ڪيو هيو ته ڊزائن کي تبديل ڪري ۽ مڇي مارڻ جي ٻيڙين جي آزاد هلچل جي اجازت ڏني وڃي. انهن احتجاجن مقامي آبادي کي پنهنجا مطالبا پورا ڪرڻ جو رستو مهيا ڪيو هيو. پر حيرت اها آهي ته قومپرست پارٽين موقعي جو فائدو نه ورتو جيئن مذهبي پارٽين کي حاصل آهي. بهرحال، اهو چوڻ تمام گهڻو اڳ ۾ هوندو ته ڇا اهو مولانا فيڪٽر ايندڙ چونڊن ۾ انهن جي ڪاميابي جي ترجماني ڪندو يا نه؟ ڇاڪاڻ ته قومپرست رجحان اڃان تائين مڪران ۽ ڪيچ وارن علائقن ۾ مضبوط آهن. پر اسٽيبلشمينٽ لاءِ اهو وڏو امتحان هوندو ته هو صوبي ۾ پنهنجن روايتي اتحادين کي سياسي فائدو ڏيندا رهن، پر پارليامني سياست کان ڪناراڪشي يا ڇڏڻ رياست جي لاءِ خطرناڪ هوندو.
هاڻوڪين تحريڪن ۾ بلوچ قوم ڊاڪٽر ماھ گل جي اڳواڻي تسيلم ٿي ڪري. هن عورت ليڊر اها جي بهادري آهي ته هن رياستي ڌرين کي للڪاريو آهي ۽ مطالبو به ڪيو آهي ته اهي ڌريون جيڪي رياست کان ڏاڍيون آهن، اهي ايجنسيون جيڪي قانون ۽ آئين کان مٿانهون ٿي ڪم ڪن ٿيون، اهي سامهون اچن ۽ اهي ڌريون جيڪي رياستي طاقت کان زور آهن، رياست انهن سان به نبري. ملڪ ۾ صوبا چار آهن ۽ چئني سان هڪجهڙو سلوڪ ڪيو وڃي، انهن سڀني صوبن ۾ رياست هڪجهڙائي ڪري ڏيکاري ۽ پنهنجي طاقت مڃرائي. رياست رڳو بلوچن جي وزيرن جا ووٽ نه ڳڻي، پر اهي به ماڻهو ڳڻي جيڪي هن رياست جي ڪرتا ڌرتا جا ضامن به آهن، جن جا ووٽ سينيٽ جا چيئرمين به آڻي سگهن ٿا، اهي ووٽ وزيراعظم جي بي اعتمادي واري رٿ ۾ به ڪم جا ٿي سگهن ٿا، پر اهي اهڙي ڪا قرارداد نه ٿا آڻي سگهن، جيڪا بلوچن جا گم ماڻهو ڳولي سگهي. اهڙي ڪا رٿ پيش نه ٿا ڪري سگهن جنهن سان گمشدگيون گهٽ ٿي سگهن. اهڙي ڪا ڳالھه سينيٽ مان يا ڪنهن ايوانِ بالا مان مڃرائي نه ٿا سگهن، جنهن سان بلوچن جي ڦٽن تي پَهو رکي سگهجي. بلوچن جا احتجاج ملڪي قيادت کان اهو مطالبو ٿا ڪن ته اهي سمورا مسئلا ڳالهين ذريعي حل ڪيا وڃن ڇو ته صورتحال مسلسل ڇڪتاڻ واري رهندي ٿي اچي، احتجاجي ۽ اختياريون ٻئي هڪٻئي تي الزام هڻي رهيون آهن، جنهن سبب ٻنهي طرفن کان جاني نقصان به ٿيو آهي. پر جمهوريت جي اها حالت ٿي وئي آهي، جو هاڻي بلوچن کي بين الاقوامي گڏجاڻيون ڪرڻ کان به روڪيو ٿو وڃي (جيئن تازو ڊاڪٽر ماھرنگ کي ڪراچي ايئرپورٽ تان واپس ڪيو ويو. حيرت اها آهي ته احتجاج ڪندڙ غير مسلح آهن پر رياست طاقت جو استعمال پئي ڪري. اها ڳالھه مڃڻ گهرجي ته اهڙا باغي احتجاج غلط پاليسين جي ڪري ٿيندا آهن ۽ احتجاج ڪندڙن سان هٿيارن جي زبان نه ٿي ڳالهائي سگهجي، ڇو ته هٿيار دشمن لاءِ هوندا آهن پنهنجي عوام لاءِ نه. هاڻي سڄي دنيا گوادر کي ڏسي رهي آهي، هر بلوچ گهر مان هڪ کان وڌيڪ باغي شهيد ڪيو پيو وڃي، جنهن سبب بلوچن ۾ سخت ناراضگيءَ واري لهر اٿي ٿي ۽ بلوچ هاڻي هٿياربند مزاحمت ۾ شامل ٿي رهيا آهن. موجوده صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ ڊاڪٽر ماهرنگ سان ڳالهيون ڪيون وڃن. ساڳي جاءِ تي بلوچن جون سياسي، سماجي ۽ مذهبي پارٽيون پرامن احتجاجن جو حق رکن ٿيون، جيئن آئين ۾ درج آهي، ان ڪري عوام هر قسم جي تشدد جي مذمت ڪري ٿو، ڇو ته رياست جا هٿيار ۽ حملا بلوچ قوم ۾ رياست جي لاءِ نفرت کي جنم ڏئي رهيا آهن. ان ڪري بلوچستان جي بحران جو حل گڏيل ڪوششن جي صورت ممڪن آهي. حڪومت کي بنيادي مسئلن کي حل ڪرڻ گهرجي، ڇو ته نوجوانن کي تعميري طور تي شامل نه ڪرڻ هڪ رياستي ناڪامي کي ظاهر ڪري ٿو، ان ڪري پائيدار امن لاءِ صوبي کي طاقت جي بدران سياسي طريقن سان هلائڻ گهرجي.