نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ آءِ سي سي وومينز ڪرڪيٽ ورلڊڪپ لاءِ موجود آسٽريلوي عورت ڪرڪيٽر کي موٽر سائيڪل سوار طرفان هراسان ڪرڻ جو واقعو سامهون آيو آهي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، ڀارتي شهر اندور ۾ آسٽريلوي پليئرز جڏهن هوٽل مان ڪيٽيرنگ لاءِ نڪتيون ته موٽر سائيڪل سوار همراهه هڪ آسٽريلوي ڪرڪيٽر کي انتهائي اڻ وڻندڙ طريقي سان هٿ لائي فرار ٿي ويو.
ميڊيا رپورٽن موجب، آسٽريلوي پليئرز واقعي جو اطلاع فوري طور تي ٽيم سيڪيورٽي آفيسر کي ڏنو، جنهن علائقائي پوليس سان رابطو ڪري سموري ڄاڻ مهيا ڪئي.
پوليس موجب، آسٽريلوي سيڪيورٽي ٽيم جي شڪايت تي فوري طور علائقي جي سي سي ٽي وي فوٽيجز حاصل ڪيون ويون، واقعي جي وقت موجود هڪ اکين ڏٺي شاهد موٽر سائيڪل جو نمبر پڻ نوٽ ڪيو، جنهن جي مدد سان لاڳاپيل شخص کي گرفتار ڪيو ويو آهي.
مقامي پوليس جو چوڻ آهي ته گرفتار جوابدار جو اڳ به ڪرمنل رڪارڊ موجود آهي، جڏهن ته معاملي جي وڌيڪ جاچ شروع ڪئي وئي آهي.
واقعي کانپوءِ ڪرڪيٽ تجريي نگارن ۽ شوقينن به انتظاميا تي تنقيد ڪئي ۽ چيو ته ايڏي وڏي ايونٽ ۾ شريڪ ٽيمن جي پليئرز سان اهڙي قسم جو واقعو ڀارتي انتظاميا جي سنجيدگي تي سوال اُٿاري ٿو.
You might also like