ميرپورخاص (ويب ڊيسڪ) ميرپورخاص ۾ ٿاڻي تي فرياد کڻي آيل عورت سان لڄالٽ جو انڪشاف ٿيو آهي.
ضلعي پوليس جي ترجمان موجب عورت ڊي آءِ جي کي درخواست ڏني ته هوءَ پنهنجي ڌيءُ جي آزادي لاءِ فرياد کڻي مهراڻ پوليس اسٽيشن پهتي هئي، جتي کيس زيادتي جو نشانو بڻايو ويو.
پوليس ٻڌايو ته عورت جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي ۽ ايس ايس پي ڊاڪٽر سمير نور چنا فوري طور تي ايس ايڇ او مير خادم ٽالپر کي معطل ڪندي انڪوائري جو حڪم ڏنو آهي.
پوليس موجب الزام هيٺ آيل ايس ايڇ او ۽ عورت جا ميڊيڪل نمونا ورتا ويا آهن، رپورٽ اچڻ کانپوءِ وڌيڪ ڪارروائي ڪئي ويندي.
You might also like