اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان چيو آهي ته گذريل هفتي جي سلامتي واري صورتحال سبب افغان سرحدي راهداريون بند رهنديون، ڇو ته شيون کڻڻ ۽ واپار کان وڌيڪ اهم ڳالهه هڪ عام پاڪستاني جي جان بچائڻ آهي.
پرڏيهي کاتي جي ترجمان طاهر اندراني هفتيوار بريفنگ دوران ٻڌايو ته دوحا ۾ ٿيل ڳالهين جي نتيجي ۾ افغانستان جي صورتحال تي مسلسل نظر رکي پئي وڃي، ڳالهين کانپوءِ افغان سرزمين تان پاڪستان تي ڪو به حملو نه ٿيو، ڪالهه ٿيندڙ استنبول ڳالهين ۾ پاڪستاني وفد جي حوالي سان في الحال تفصيل موجود نه آهي.
ترجمان جو چوڻ هو ته صورتحال افغان سرزمين تان دهشتگردن جا حملا ۽ پاڪستانين جي قتل عام کانپوءِ تبديل ٿي، اها ڄاڻ ناهي ته خاص نمائندي محمد صادق دوحا ڳالهين ۾ ڇو شرڪت نه ڪئي.
پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب دوحا ڳالهين ۾ هڪ دستاويز تي اتفاقِ راءِ ۽ صحيحون ٿيون، افغان طالبان حڪومت جيڪڏهن ان کي معاهدو سڏيندي يا نه سڏيندي، ان سان ڪو فرق نٿو پوي.
ترجمان جو چوڻ هو ته ڪنڙ درياهه بابت عالمي قانونن جي پاسداري ڪئي ويندي.
ترجمان موجب، گذريل هفتي جي سلامتي واري صورتحال سبب افغان سرحدي راهداريون بند رهنديون، شيون کڻڻ ۽ واپار کان وڌيڪ اهم ڳالهه هڪ عام پاڪستاني جي جان بچائڻ آهي.
ڀارت ۽ افغانستان جي لاڳاپن بابت ترجمان چيو ته ڀارت جو افغانستان ۾ سفارتخانو کولڻ ٻن ملڪن جو اندرواني معاملو آهي، اسان ٻن ملڪن جي اندرواني معاملن تي تبصرو ناهيون ڪندا، ڀارت جو افغانستان ۾ ڪردار هاڪاري نه رهيو آهي.
ترجمان پولينڊ جي نائب وزيراعظم جي دوري بابت ٻڌايو ته پاڪستان ۽ پولينڊ جي وچ ۾ وفدن جي سطح تي ڳالهين ٿيون ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ مختلف شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو.
هن چيو ته پاڪستان ۽ پولينڊ جي وچ ۾ مفاهمتي يادداشتن تي صحيحون پڻ ٿيون ۽ پولينڊ جي نائب وزيراعظم علائقائي امن ۾ پاڪستان جي ڪردار جي واکاڻ ڪئي.
اسرائيل بابت ترجمان جو چوڻ هو ته اسرائيل سمورن عالمي قانونن جي ڀرپور ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي، اسان هي معاملو اجاگر ڪندا رهنداسين.
هن چيو ته اسان اسرائيلي ڀڃڪڙين ۽ انهن سبب بڻجندڙ واقعن تي نظر رکي آهي، فلسطينِي رياست جو قيام ئي اهو روڊ ميپ آهي، جنهن تي اسان قائم آهيون.
ترجمان وڌيڪ چيو ته اسرائيلي پارليامينٽ جي تڪراري قانون سازي عالمي قانونن ۽ اصولن جي ابتڙ آهي، پاڪستان آزاد ۽ خودمختيار فلسطيني رياست جي قيام جي حمايت جاري رکندو.
افغان سرحدي راهداريون بند رهنديون، واپار کان عام شهرين جون زندگيون وڌيڪ اهم آهن: پاڪستان
You might also like