ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سوشل ميڊيا انفلوئنسر ڊاڪٽر نبيحا علي خان انڪشاف ڪيو آهي ته سندن پهريون مڙس عمر ۾ کائنس 15 سال وڏو هو، جڏهن ته هاڻي کيس 20 سالن جي نوجوان سان محبت ٿي وئي آهي.
ڊاڪٽر نبيحا علي ڪجهه ڏينهن اڳ انڪشاف ڪيو هو ته ڪيترن سالن بعد هاڻي هوءَ ٻي شادي لاءِ تيار آهي ۽ هوءَ جنهن سان شادي ڪري رهي آهي اُهو ترڪ مردن جيان خوبصورت آهي.
هاڻي هن هڪ ٽڪ ٽاڪر سان ڳالهائيندي چيو آهي ته جيڪي ماڻهو چون ٿا ته کيس پهرين مڙس سان محبت نه هئي، تن لاءِ هوءَ چوڻ چاهي ٿي ته هن مڙس جي فرمانبرداري ڪئي ۽ هميشه عزت ڪئي.
ڊاڪٽر نبيحا علي چيو ته جيتوڻيڪ سندس پهريون مڙس عمر ۾ 15 سال وڏو هو، پر ان جي باوجود هن ساڻس محبت ڪئي ۽ عزت سان گڏ گذاريو.
ٻي شادي بابت ڳالهائيندي هن ٻڌايو ته جيڪي کيس سڃاڻن ٿا اُهي چڱيءَ طرح واقف آهن ته هوءَ ڪنهن سان شادي ڪرڻ واري آهي.
سندس چوڻ هو ته هو جنهن سان شادي ڪرڻ واري آهي ان جو نالو حارث آهي ۽ سڀ ڄاڻن ٿا ته هو ڪهڙي مزاج وارو شخص آهي.
ڊاڪٽر نبيحا چيو ته عورت طور هن کي ڪجهه ڪرڻو هو، سو ڪيو، هاڻي سندس مڙس تي آهي ته هو ڪيتري جلدي شادي ڪري ٿو.
You might also like