سنڌ انتھا پسندي کي رد ڪري ڇڏيو پر سرڪار ….

ھاڻي اھو فيصلو  ٿي ويو آھي تھ سنڌ جي عوام انتھاپسندي کي رد ڪري ڇڏيو، نھ رڳو ايترو پر انساني قدرن کي پائمال نھ ڪرڻ جو بھ عھد ڪري ورتو آھي.جنھن جو اظھار ھزارين ماڻھن ڪراچي جي راڄڌاني ۾ اعلانيل احتجاج ۾ پھچي ڪيو.سنڌ حڪومت شدت پسندن جي اوچتي ھٿ ٺوڪي  ھڙتال ۽ وڳوڙ پکيڙڻ واري احتجاج جو بھانو بڻائي ڪراچيءِ ۾جيڪو  غيرقانوني عمل ڪيو ، ان سان سرڪار پاڻ ئي وائکي ٿي وئي.

ُپرامن،ھٿين خالي ،انساني حقن جي علمبردارن ۽ رواداري  لاءِ جاکوڙيندڙ  عوام جي رستا روڪ ڪري شھر ۾ اڻ اعلانيل ڪرفيو جھڙي ڪيفيت ھٿ سان پئدا ڪري ھڪ خوف وارو ماحول بڻايو ويو. اھڙو ماحول پئدا ڪري جمھوري روايتن کي لتاڙيو ويو.حد تھ اھا ھئي جو صبح سوير کان شھر جي اھم رستن خاص ڪري ٽي تلوار چوڪ ڪلفٽن ۽ ڪراچي پريس ڪلب ڏانھن ايندڙ ويندڙ رستا ۽ چوڪ بند ڪيا ويا.حيدرآباد سميت ٻين شھرن ۽ ضلعن کان ايندڙ  قافلن کي شھر ۾ داخل ٿيڻ کان روڪيو ويو. جيڪي ماڻھون احتجاج جي اعلانيل ھنڌ يا وري ڪراچي پريس ڪلب پھتا تھ انھن کي پوليس ڊوڙائي ڊوڙائي ساڻو ڪري انھن مٿان تشدد ڪيو.ماڻھن  جا ھڏ گڏ ڀڃي، نياڻين،نوجوانن توڙي بزرگن کي سٽي ُڪٽي پوليس جي گاڏين ۾ ڀري مختلف ٿاڻن تي بنا ڪنھن قانوني ۽ ڪاغذي ڪارراوئي ڪرڻ جي سٿيو ويو.

سنڌ ۾ اھڙي صورتحال پئدا ٿيڻ بعد ھاڻي سنڌ جو ماڻھو اھو سوال ڪرڻ ۾ حق بجانب آھي تھ اھا ڪھڙي جمھوريت آھي جنھن ۾ ماڻھن جي آواز کي دٻائڻ جي لاءِ سمورا غيرقانوني حربا استعمال ڪيا ويا آھن ؟ ڇا سنڌ ۾ انھن ماڻھن جي احتجاج ڪرڻ سان سنڌ حڪومت کي ڪو وڏو لوڏو اچي وڃي ھا ؟ ڇا ملڪ جي آئين ۾ لکيل حق کان بھ عوام کي محروم رکڻ جو ڪو قانوني آئيني يا اخلاقي جواز ٿي سگھي ٿو ؟سنڌ جي نوجوانن.رواداري تحريڪ، سول سوسائٽي ۽ مختلف قومپرست ڌرين پاران ھي احتجاج ڊاڪٽر شاھ نواز ڪنڀر جي عدالت کان مٿاھين قتل بعد شروع ٿيندڙ احتجاج جي ھڪ ڪڙي ھو، ان واقعي کي خود سنڌ حڪومت جي گھرو کاتي پڻ پوليس تحويل ۾ ھڪ ملزم جو  قتل تسليم ڪيو آھي تھ پوءِ ڪراچي ۾ عوام پاران ٿيندڙ احتجاج کي روڪڻ جو ڪھڙو جواز ھو ؟

سنڌ جي نوجوانن، سول سوسائٽي ۽ رواداري تحريڪ ھن احتجاج جو سڏ لڳ ڀڳ اڌ مھينو اڳ ڏنو ھو، جنھن جي جواب ۾ ڪجھه ڌرين اوچتو ان بگاڙڻ ۽ روڪڻ جي نيت سان ساڳئي ڏينھن تي احتجاج جو سڏ ڏنو. جنھن تي سنڌ حڪومت رات پيٽ ۾ سنڌ ۾ امن،سھپ، يڪجھتي ۽ رواداري جي لاءِ ٿيندڙ احتجاج کي روڪڻ جون تياريون ڪيون، رواداري تحريڪ جي اڳواڻن کي  مخالفت ۾ اوچتو سامھون آيل احتجاج جي سڌ جو سبب ڏئي ڪري اھو  چيو ويو تھ توھان احتجاج جو سڏ واپس وٺو، ممڪن آھي ڪو اڻوڻندڙ واقعو ٿي پئي !ھئڻ تھ ائين گھرجي ھا تھ اوچتو  ھڪ ڏينھن اڳ رواداري تحريڪ، انساني حقن جي تنظيمن، سول سوسائٽي پاران اعلانيل احتجاج  کي خراب ڪرڻ جي نيت سان  احتجاج جي سڏ ڏيندڙن کي حڪومت روڪڻ جي ڪوشش ڪري ھا پر ھتي تھ سموري نظام جو ڦيٿو ابتو ڦرندو آھي،جنھن ڪري حڪومت ُپرامن ماڻھن کي ھيسائڻ مارڻ ڪٽڻ ۽ انھن کي ڊيڄارڻ  واري حڪمت عملي جوڙي.جيڪو ڪجھھ ٿيو اھو ان جو ئي نتيجو آھي.

ڪراچيءِ ۾ اوچتو ڪمشنر پاران قلم 144 لاڳو ڪندي عوام جي گڏ ٿيڻ تي بندش وڌي وئي. اھو ھر سياسي جدوجھد يا احتجاج کي روڪڻ جو تمام پراڻو طريقو آھي پر دلچسپ ڳالهھ ھي آھي تھ خود  ان جاري ڪيل قلم جي قانون تي بھ غيرقانوني طريقي سان عمل ڪيو ويو. صرف ٻن نياڻين کي ڪنھن بھ سبب بنا گرفتار ڪيو  ويو.

رواداري تحريڪ جي سڏ تي سڄي سنڌ کان ايندڙ قافلن کي رستن تي روڪي انھن تي تشدد ڪيو ويو. ٽي تلوار ڪلفٽن  ڏانھن ويندڙ سمورا رستا سيل ڪيا ويا،ھڪڙن قافلن کي ڪراچي ٽول پلازا تي روڪيو ويو،تھ  ٻين کي شھر جي اھم رستن تي روڪيو ويو.جنھن ڪري احتجاج جي سلسلي ۾ ايندڙ ماڻھو مختلف ھنڌن تي ڦاسي پيا.جڏھن شام جي وقت احتجاج ڪندڙن ماڻھون مختلف قافلن ۽ گروپن جي صورت ۾ ڪراچي پرس ڪلب  پھچڻ جي ڪوشش ڪئي تھ انھن  مٿان پوليس سخت تشدد ڪيو، ماڻھن کي گھلي پڪڙي پوليس موبائيلن ۾ وڌو  ويو ۽ انھن کي شھر جي مختلف ٿاڻن ۾ ڦٽو ڪيو ويو.

سنڌ جي ڪنھن بھ معاملي تي احتجاج ڪندڙن تي ڪراچي جي پوليس جو ھٿ پڪو ھريل آھي، اھا ھر ڀيري تميز ،لحاظ ۽ انسانيت کي پٺي ڏئي  عوام کي بھ ڪنھن سنگين ڏوھاري جيان انھن تي لاٺي چارج ڪري شھرين جا ھڏ گڏ ڀڃي، انھن کي ٽنگا ٽولي ڪري پوليس گاڏين ۾ ڀري ٿي ڇڏي ۽ جيڪي ٿاڻن ۾ ڪافي ڪلاڪن تائين بنا ڪنھن ڪارروائي جي بند ڪري رکيا ويندا آھن. ممڪن آھي  حڪمران جماعت وارا  اھو سمجھندا ھجن تھ سنڌ بھ ايڪھين صديءَ ۾ داخل ٿيل ھڪ اھڙو خطو آھي جتي ماڻھن کي سمورا آئيني ۽ قانوني حق حاصل آھن پر جيڪا تصوير ھتي نظر اچي ٿي جيڪا يقينن سموري دنيا کي بھ ڏسڻ جي لاءِ ملندي ھوندي. ان مان تھ مڪمل طور منفي تاثر ئي پئدا ٿئي ٿو! احتجاج کان ھڪ ڏينھن اڳ رواداري تحريڪ ،انساني حقن جي تنظيمن ۽ سول سائٽي  جي اڳواڻن  مطالبو ڪيو ھو تھ مذهبي رواداري لاءِ نڪرندڙ ريلي خلاف انتھا پسندن طرفان ساڳئي هنڌ ريلي ڪڍڻ ۽ ڌمڪين جو نوٽيس وٺي،سازشن کي اڳواٽ روڪڻ لاءِ قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي. ھنن جو  چيو تھ اسين ُپرامن شھري آھيون اسان جا مطالبا آھن تھ  ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي ايف آءِ آر ۾ نامزد ٿيل قاتلن کي گرفتار ڪيو وڃي. پوليس جي ڪوڙي مقابلي جي لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حاضر سروس ججن جي ڪميٽي کان جاچ ڪرائي وڃي. مقتول جي وارثن کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي .حڪومتي اسيمبلي ميمبر  جيڪو ڊاڪٽر کي قتل ڪندڙ پوليس ٽيم جي ھمٿ افزائي ڪرڻ جي لاءِ انھن کي ھار پارايا آھن ان کي ڊي سيٽ ڪيو وڃي.

ھئڻ ائين گھرجي ھا تھ حڪومت انھن ماڻھن جي احتجاج ۾ مدد ڪري ھا جنھن سان دنيا ۾ مثبت پيغام وڃي ھا تھ سنڌ سرڪار بھ جنونين جي خلاف آھي پر حڪومت خود شدت پسندن جي ڀرجھلي بيٺي ۽ دنيا کي منفي ٽاثر مليو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.