ڪجهه به ڪيو، ڌرتي جي وارثي تان هٿ نه کڻنداسين: سنڌو نواز

ڪراچي: گرفتاري کانپوءِ ٿاڻي تي ڳالهائيندي سنڌو نواز گهانگهرو چيو ته پرامن ماڻهن تي لاٺي چارج ڪندي تشدد ڪري روڊن تي گهيليو ويو آهي, عورتن, بزرگ اديبن ۽ شاعرن کي تشدد جو نشانو بڻايو ويو  آهي. هن چيو ته اسان کي پرواهه ناهي, اسان ڌرتي خاطر قربان ٿيڻ جي لاءِ تيار آهيون, ڪجهه به ڪري ڇڏيو هي ڌرتي اسان جي آهي ۽ پنهنجي ڌرتي جي وارثي تان هٿ نه کڻنداسين. سنڌ حڪومت شدت پسند جنونين جي ساٿاري بڻيل آهي. حڪومت انتهاپسند دهشتگردن خلاف ڪارروائي ڪرڻ بدران پرامن سياسي ۽ سماجي ڪارڪنن خلاف ڪارروائي ڪئي آهي. هي ظلم ۽ بربريت جا مثال قائم ڪيا ويا آهن.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.