هن سماج ۾ جتي نظر کڻي ڏسڻ تي عورتن کي قتل ڪيو وڃي اهو سوچي ۽ چئي تعليم حاصل ڪرڻ نه ڏني وڃي ته عورتن جو ڪم صرف ٿانو ڌوئڻ ۽ ٻهارو ڪڍڻ آهي، عورت مڪمل برقعي ۾ به ٻاهر نڪري جنهن ۾ سندس اکيون به لڪل هجن تڏهن به هوس ڀريون نظرون سندس پيڇو ڪنديون رهن، عورت کي پير جي جتي سمجهيو وڃي ۽ صرف ٻار پيدا ڪرڻ واري مشين سمجهيو وڃي ان معاشري ۾ جيڪڏهن ڪا عورت قلم جو علم بلند ڪري مظلوم ماڻهن جو آواز انڌن، ٻوڙن، گونگن حڪمرانن تائين پهچائڻ جي ڪري ته اها معمولي ڳالهه ناهي.
آئون ايئن به نٿي چوان ته سمورو معاشرو خراب آهي يا سڀ هڪجهڙا آهن پر اسان جي سنڌ جا. اسي سيڪڙو ماڻهو عورت لاءِ اهو ئي سوچين ٿا جيڪو مون مٿي بيان ڪيو آهي،ڇو جو آئون پاڻ هڪ عورت آهيان ۽ هڪ تمام ننڍڙي صحافي آهيان مون جيئن ڏٺو آهي ۽ پرکيو آهي اهو اوهان سامهون بيان ڪنديس
ڪا به عورت جيڪڏهن صحافي ٿيڻ جي خواهش ظاهر ڪندي ته سڀ کان پهرين ان کي اهو طعنو ڏنو ويندو ته عورتن جو صحافت ۾ ڇا، ماٺ ڪري گهر ڏي ڌيان ڏي، مردن جا ڪم عورتون ٿورئي ڪنديون، مون پهرين به ٻڌايو ته آئون هڪ تمام ننڍي رپورٽر آهيان ۽ آئون شادي شده هجڻ سان گڏ هڪ ننڍڙي ٻار جي ماءُ پڻ آهيان ، پر آئون انهيءَ ڳالهه ۾ خوشقسمت آهيان ته منهنجو گهروارو سياسي ڪارڪن هجڻ سان گڏ آزاد خيال انسان آهي. هو مونکي ڪڏهن به منع ناهي ڪندو ته هيئن نه ڪر هونئن ڪر، سو ڳالهه پئي ڪيم ته آئون ڳوٺن ۾ ڪوريج لاءِ ويندي آهيان ته ڪي ماڻهو تمام گهڻي عزت ڪندا آهن ته ڪي ماڻهو منهنجي روبرو ئي مون تي ٽوڪون ڪندا آهن ته تون ماٺ ڪري گهر ويهي رهه ادي، تنهنجو ڇا وڃي صحافت سان!
ڪي وري اهو سمجهندا آهن ته گهر کان ٻاهر نڪري صحافت، سياست ڪندڙ هر عورت بدڪردار آهي، جيئن گهر کان ٻاهر نڪري ته سوين نظرون تعاقب ڪنديون نظر اينديون، انهن کي نظرانداز ڪري اڳتي وڌڻ ۾ ئي ڪاميابي آهي، ٻي اهم ڳالهه ته جيڪڏهن ڪا عورت ڪنهن اخبار يا چينل ۾ صحافي آهي ۽ اهاصحت ، تعليم ، روڊ رستن جي ڪنهن به اشو تي ڪا نيوز يا اسٽوري هلائيندي آهي ته ٻيا اهڙيون خبرون نه هلائيندڙ قلمڪار ڀاءُ اها ڪوشش ڪندا آهن ته هن کي ڪهڙي به طريقي سان اداري مان نيڪالي ڏيارجي ۽ پوءِ فتوا فروشن وانگر مختلف ماڻهو بيهاري مٿن الزام لڳائيندا رهندا آهن، ڪڏهن ڀتاخور ته ڪڏهن وري بدڪردار هئڻ جا، ڇو جو اهڙن ماڻهن کي خبر هوندي آهي ته اسين اهو سڀ ڪجهه ڏسندي به خاموش آهيون ۽ هي عورت اهي اسٽوريون هلائيندي ته ماڻهو اسان کان پڇا ڪندا ته اوهين سڀ هنن مسئلن تي خاموش ڇو آهيو ۽ ائين اسان جا پول پڌرا ٿيندا ويندا ۽ ماڻهو نه چاهيندي به ان جي عزت ڪندا.
هڪ ٻي ڳالهه به واضع ڪندي هلان ته منشيات ، صحت، تعليم، پاڻي تي اسٽوريون/ خبرون هلائڻ کانپوءِ مافيائون به ان عورت تي ڏمريل هونديون آهن، بذات خود پاڻ ته ڪجهه ناهن ڪندا ڇو جو انهن کي اها خبر آهي ته جيڪڏهن ان عورت ۾سڌا هٿ وڌا ته سنڌ جو سمورو شعور ان عورت جي حمايت ۾ اٿي بيهندو، پوءِ ائين ڪندا آهن جو شروعات ۾ عورت جنهن اداري سان لاڳاپيل هوندي آهي ان اداري ۾ مختلف واٺن ذريعي ڪمپلينون ڪندا آهن ته جيئن عورت کي ان اداري مان نيڪالي ڏني وڃي ان ۾ ڪامياب ناهن ٿيندا ته مختلف ماڻهو بيهاري ٿاڻن، ڪورٽن ۾ ڪمپلينون ڪرڻ جو هڪ سلسلو شروع ڪيو ويندو آهي، ته جيئن اها رپورٽر عورت تنگ ٿي صحافت ئي ڇڏي ڏي، يا وري انهن اشوز تي نه لکي جنهن سان انهن جا پول پڌرا ٿيندا آهن، انهن ۾ به ناڪام ٿيا ته ان عورت جي گهروارن کي ڌمڪيون ڏيڻ شروع ٿي ويندا آهن، ڪا مضبوط اعصاب واري عورت هوندي آهي ته هو سچ لکڻ تان پوئتي ناهي هٽندي، هو اُها ڪم جاري ساري رکيو ايندي آهي.
مافيائن جي ذهن ۾ اها ڳالهه هوندي آهي ته عورت ته ڪمزور آهي عورت ته پيرن جي جتي آهي اها ڪيئن ٿي اسان کي وائکو ڪري سگهي، آئون منهنجي ڳالهه به اوهان کي ٻڌائيندي هلان ته جڏهن ڪنهن اداري صحافتي
سان لاڳاپيل نه هئس صرف سوشل ميڊيا ايڪٽيوسٽ هئس تڏهن علائقي ۾ هلندڙ منشيات خلاف مون سوشل ميڊيا تي لکيو هو ۽ منشيات هلڻ جون وڊيوز به رکيون هيون جنهن بعد منشيات فروشن ۽ انتظاميا گڏجي سڏجي منهنجي خلاف ماڻهو بيهاري مون تي ڪمپلينون ۽ پٽيشنون ڪيون ته جيئن هيءَ ماٺ ٿي وڃي، پر ڪورٽ ۾ اهي سڀ پٽيشنون ڪوڙيون ٿيون ۽ جج صاحب پوليس کي منهنجي تحفظ لاءِ آرڊر جاري ڪيو،
پوءِ نيٺ مجبور ٿي پوليس انهن منشيات فروشن خلاف پوليس جي اعليٰ آفيسرن جي هدايت تي ڪارروائي ڪئي ۽ انهن منشيات فروشن وٽان ڪيتري ئي منشيات برآمد ڪئي وئي، ڳالهه جو مقصد ته عورت جڏهن به هن سماج جي برائين خلاف لکندي آهي ته کيس ماٺ ڪرائڻ لاءِ مٿس وڏو دٻاءَ وڌو ويندو آهي،پر مافيائون اهو سوچي ڇڏين ته عورت ڪمزور ناهي هوندي عورت کي ڪمزور سمجهڻ وارن لاءِ ليلا خالد، اشرف دهڪاني، ماهه رنگ بلوچ سميت مختلف عورتن جا مثال سامهون آهن، جن ڪڏهن به آڻ ناهي مڃي، جتي سڀ وڏا وڏا نالي وارا خاموش هئا ۽ آهن اتي عورتن ڳالهايو آهي ۽ پنهنجي وطن خاطر وڙهيون آهن.
پر افسوس انهي ڳالهه جو آهي ته هن ملڪ جي ماڻهن ۾ عورت دشمن سوچ وڌي وئي آهي، ترقي يافته ملڪن ۾ عورتن جي هر ڪم ۾ حوصلا افزائي ڪئي ويندي آهي، عورتون جهاز هلائينديون آهن، انجنيئر آهن، سياستدان آهن، صحافي آهن، معاشيات جون ماهر آهن، فزڪس ، ڪيميسٽري بايولاجي ۾ ايڪسپرٽ آهن، سائنسدان آهن پر هن ملڪ ۾ جيڪڏهن ڪا عورت اڳتي وڌڻ جي ڪوشش ڪندي آهي ته ان کي هر طرح سان روڪيو ويندو آهي، مٿس پابنديون لڳايون وينديون آهن،
افسوس انهي ڳالهه جو آهي ته هن ملڪ جي ماڻهن ۾ عورت دشمن سوچ وڌي وئي آهي، ترقي يافته ملڪن ۾ عورتن جي هر ڪم ۾ حوصلا افزائي ڪئي ويندي آهي، عورتون جهاز هلائينديون آهن، انجنيئر آهن، سياستدان آهن، صحافي آهن، معاشيات جون ماهر آهن، فزڪس ، ڪيميسٽري بايولاجي ۾ ايڪسپرٽ آهن، سائنسدان آهن پر هن ملڪ ۾ جيڪڏهن ڪا عورت اڳتي وڌڻ جي ڪوشش ڪندي آهي ته ان کي هر طرح سان روڪيو ويندو آهي، مٿس پابنديون لڳايون وينديون آهن،