آمريڪا جو هڪ مشهور باسڪيٽ بال رانديگر ڪيوِن لَو سال 2017 ۾ نيشنل باسڪٽ ايسوسيئيشن جي اھم مئچ دوران پينڪ اٽيڪ ڪارڻ راند جاري نه رکي سگھيو. کيس دل جي ڌڙڪو وڌي وڃڻ، ساھ کڻڻ ۾ تڪليف ۽ انتهائي خوف محسوس ٿيڻ ڪري ميدان ڇڏڻو پيو. سندس ساٿي رانديگرن، ڪوچ ۽ مداحن اهو سمجهيو ته شايد ڪيوِن لَو ڪنهن جسماني ڌڪ لڳڻ، زخمي ٿيڻ يا اھڙي ٻئي مسئلي سبب ميدان ڇڏي رهيو آهي پر ڪجهه ڏينهن کانپوءِ هن ذهني صحت جي اهميت تي روشني وجھنديَ پنهنجي ڪيفيت ۽ تجربيَ کي تفصيل سان بيان ڪيو. هن اهو تسليم ڪيو ته پينڪ اٽيڪ جي شروعات هڪ ذهني دٻاءَ سبب ٿي هئي جنهن کي هو ڪافي عرصي کان نظرانداز ڪري رهيو هو. ڪيوِن لَو پنهنجي مضمون ذريعي اهو پيغام ڏنو ته ذهني صحت جو مسئلو ڪو عيب نه آهي ۽ ان کي جسماني صحت وانگر سنجيدگيءَ سان وٺڻ گهرجي.
هن واقعي کان پوءِ ڪيوِن لوَ ذهني صحت بابت جاڳرتا مهم جو حصو بڻيو. هن اهو واضع ڪيو ته رانديگر، فنڪار پڻ ڪنھن عام انسان جيئان ذهني دٻاءَ جو شڪار ٿي سگهن ٿا. جنھن جو اظھار ڪرڻ ۾شرمندگي محسوس ڪرڻ بدران طبي مدد وٺڻ ضروري آهي. ان واقعي ڪيترن ئي مداحن، رانديگرن ۽ عام ماڻهن کي ذهني صحت بابت پنهنجو رويو تبديل ڪرڻ تي مجبور ڪيو. پر ترسو ! اھو قصو ھو آمريڪا جي رانديگر بابت … پر پاڻ ڪٿي بيٺا آھيون؟ ھڪ نگاھ ان پاسي به ڌَرجي. اسان وٽ اڄ به ذهني صحت جي مريضن سان، خاص طور تي پٺتي پيل علائقن ۾ منفي رويو، جڙتو ڳالھيون ۽ مدي خارج شيون ڳنڍيون وڃن ٿيون. ذهني بيمارين جي مريضن کي اڪثر ڪري جنات، جادو ٽوڻي، بدبختي يا وري الله جو عذاب سڏيو وڃي ٿو. جنهن سبب مريضن کي علاج ڪرائڻ بدران عاملن، جادوگرن يا رواجي طريقن سان علاج ڪرائڻ ڏانهن موڪليو ويندو آهي.
سماج ۾ ذهني بيمارين بابت شعور جي کوٽ ۽ رواجي عقيدن جي ڪري، مريضن کي جسماني ۽ ذهني طور تي وڌيڪ دٻاءَ کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. اھڙن مريضن کي سماجي تقريبن کان پري رکڻ، گھر جي ڪنھن ڪُنڊ يا کَٽَ سان ٻڌي ڇڏڻ يا وري مورڳو کيس ڪنھن درگاھ يا تربت ڀرسان درويش ڪري ويھارڻ يا پنائڻ جھڙا رويا موجود آھن. انهن کي ديوانو، مست، چريو، اڌ مغزي يا وري جِنَ جي اثر ھيٺ آيل سڏيو ويندو آهي. ڪيترن ئي خاندانن کي خوف هوندو آهي ته جيڪڏهن انهن جي مريض جي بيماريءَ بابت ماڻهن کي خبر پئجي وئي، ته سماجي بدناميءَ جو شڪار ٿيندا. حيدرآباد ۾ سَر ڪاواسجي جي نالي سان قائم ذھني صحت جو ادارو المعروف گدو اسپتال، ذھني صحت جي مريضن لاءِ ملڪ جو ھڪ اھم ترين ادارو آھي. پر اتي به وسيلن جي کوٽ آهي ۽ مريضن جي وڏي انگ کي منھن ڏيڻ لاءِ ناڪافي آھي. عام ماڻهن کي ذهني بيمارين بابت ڄاڻ جي کوٽ ۽ ذهني صحت جي مرڪزن تائين محدود رسائي هجڻ سبب، ڪافي مريض علاج حاصل ڪرڻ کان محروم رهن ٿا. عورتن ۽ نياڻين سان ذهني صحت جي مسئلن بابت رويو ويتر ڏکوئيندڙ آهي. ڇو جو عورتن ۽ نياڻين جي ذهني صحت جا مسئلا وڌيڪ ڳڻتي جوڳا ، حساس ۽ پيچيدہ نوعيت جا ھوندا آهن. پاڪستان ۾ نياڻيون گهريلو تشدد، جنسي طور هراسان ڪرڻ، اڻ
برابري ۽ ٻيا ڪيترائي سماجي مسئلا منهن ڏين ٿيون. جيڪي انهن جي ذهني صحت کي متاثر ڪن ٿا. ڪيتريون ئي نياڻيون ۽ عورتون ڊپريشن، پريشاني ۽ نفسياتي دٻاءَ جو شڪار ٿين ٿيون پر اهي مسئلا اڪثر ڪري گهر ۾ يا سماجي دٻاءَ سبب لڪايا وڃن ٿا. عورتن لاءِ ذهني صحت جا مرڪز ۽ ماهر ڊاڪٽر به گهٽ آهن. خاص ڪري سنڌ ۽ بلوچستان جي پٺتي پيل علائقن ۾ ته اهڙيون سهولتون بلڪل اڻلڀ آهن. نياڻيون گهريلو دٻاءَ، ننڍي عمر جي شادين، سماجي پابندين ۽ نفسياتي مسئلن کي منهن ڏين ٿيون. پر انهن کي اڪثر خاموش رهڻ لاءِ مجبور ڪيو ويندو آهي. گهڻي ڀاڱي عورتن کي ذهني بيمارين بابت شڪايت ڪرڻ جي اجازت ئي ناھي. کين خبر آھي ته سندن دوا درمل بدران پاڳل سڏيو ويندو ۽ نظرانداز ڪيو ويندو.
پاڪستان جهڙي ترقي پذير ملڪ ۾، جتي بنيادي صحت جي حالت خراب آهي، اتي ذهني صحت جهڙن پيچيده مسئلن تي ڪم ڪرڻ وڌيڪ مشڪل بڻجي وڃي ٿو. پاڪستان ۾ ذهني صحت جي بيمارين بابت بخبري ۽ لاپرواھي ڏٺي وڃي ٿي. ۽ ان مسئلي کي اڪثر ڪري يا ته نظرانداز ڪيو وڃي ٿو يا وري ان کي شرمندگيءَ جي نظر سان ڏٺو وڃي ٿو. گذريل ڪجهه سالن کان، سنڌ جي وڏن شهرن جهڙوڪ ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ذهني صحت بابت آگاهي مهم ھلندڙ آھي. جن جو مقصد ماڻهن کي ذهني صحت بابت صحيح ڄاڻ فراهم ڪرڻ آهي. ڪيتريون ئي تنظيمون ۽ نفسياتي ماهر هاڻي سماج ۾ ذهني بيمارين بابت شعور بيدار ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن ته جيئن مريضن کي وقتَ سِر صحيح علاج ملي سگهي پر سرڪاري ادارن ۽ صحت جي شعبي ۾ ذهني صحت کي ترجيح نه ٿي ڏني وڃي. ذهني صحت جي مسئلن ۾ ڊپريشن، پريشاني، خودڪشيءَ جو رجحان ۽ نفسياتي دٻاءُ شامل آهن. ملڪ ۾ ذهني صحت جا مرڪز گهٽ آهن ۽ ڪيتريون ئي اسپتالون جتي ذهني بيمارين جو علاج ٿيندو آهي، اتي وسيلا اڻ پورا آهن.
نوجوان نسل پڻ ھڪ وڏي انگ ۾ ذهني صحت جي مسئلن جو شڪار آهي. تعليمي ۽ سماجي مسئلا، بيروزگاري، سماجي عدم استحڪام، ۽ گهٽ وسيلن جو هجڻ نوجوانن جي ذهني صحت تي انتهائي خراب اثر وجهي رهيو آهي. تعليمي ادارن مان خودڪشيءَ جا واقعا تواتر سان ٿيڻ جو اھم سبب اھو به آھي ته ادارن ۾ سوال اٿارڻ ۽ اظھارڻ تي اڻ اعلانيل پابندي مڙھيل آھي. جنسي طور هراسان ڪرڻ جون خبرون روز اخبارن جي زينت بڻجن پيون. بيروزگاري ۽ غربت پڻ نوجوانن ۾ مايوسيءَ جو سبب بڻجي رهي آهي، ۽ ڪيترائي نوجوان پنهنجو مستقبل اونداهو ڏسي رهيا آهن. ان جي نتيجي ۾، ڊپريشن ۽ پريشاني وڌي رهي آهي.نوجوانن جي ذهني صحت جي مسئلن جون ذميدار ڪيتريون ئي ڌريون آهن. پهرين ذميواري ته والدين تي اچي ٿي جيڪي پنهنجي ٻارن کي سماجي ۽ نفسياتي سهارو ڏيڻ ۾ ناڪام ٿين ٿا. ان کان پوءِ تعليمي ادارن، حڪومت، ۽ صحت جي شعبي ۾ ڪم ڪندڙ ادارن جي ذميواري آهي ته اهي نوجوانن جي ذهني صحت تي توجهه ڏين. حڪومت کي ذهني صحت لاءِ خاص فنڊ ۽ پاليسيون جوڙڻ گهرجن، ۽ تعليمي ادارن ۾ ذهني صحت جي آگاهيءَ لاءِ پروگرام شروع ڪرڻ گهرجن.
سرڪاري سطح تي ذهني صحت ڪافي حد تائين نظرانداز آهي ۽ ڪابه جامع پاليسي يا حڪمت عملي موجود ناهي جيڪا ذهني بيمارين جي روڪٿام يا علاج لاءِ مخصوص هجي. ذهني صحت آرڊيننس 2001 ۾ جيڪو لاڳو ڪيو ويو هو، ان ۾ ڪافي مسئلا آهن، ۽ عملي طور تي ان تي ڪو خاطرخواه عمل نظر نٿو اچي. تعليمي ادارن ۾ ذهني صحت تي ڪو خاص ڌيان نٿو ڏنو وڃي. ۽ نوجوانن ۾ ذهني صحت بابت شعور بيدار ڪرڻ لاءِ ڪا منظم ڪوشش ناهي. اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ ڪائونسلنگ جون سھولتون نالي ماتر آھن. جنهن سبب نوجوان نفسياتي مسئلن جي حل لاءِ سھڪار کان محروم رهن ٿا. ملڪ جي اسپتالن ۾ ذهني صحت جا مرڪز وڌائڻ، ماهر نفسيات جي موجودگي کي يقيني بنائڻ ۽ انھن جي انگ ۾ اضافو ڪرڻ جي فوري گھرج کي پورو ڪرڻ کپي. ذهني صحت بابت عوامي آگاهي وڌائڻ لاءِ ميڊيا، تعليمي ادارن ۽ سماجي تنظيمن کي گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي. تعليمي ادارن ۾ ڪائونسلنگ سينٽرن کي قائم ۽ نالي ماتر سينٽرن کي فوري فعال ڪرڻ بيحد ضروي آھي.