واٽس ايپ طرفان تمام جلد آپشنل سبسڪرپشن پلان متعارف ڪرائڻ جو امڪان آهي.
ويب بيٽا جي انفو جي رپورٽ موجب، سبسڪرپشن پلان کي واٽس ايپ پلس جو نالو ڏنو ويندو.
واٽس ايپ پلس پلان ۾ واهپيدارن کي واڌو فيچرز مهيا ڪيا ويندا، جڏهن ته مفت صارفين کي فيچرز تائين پهچ حاصل نه هوندي.
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته واڌو فيچرز جهڙوڪ ڪيئي چيٽ مئنيجمينٽ ٽولز ۽ ايپ ڪسٽمائيزيشن وغيرا تي اينڊرائيڊ ۽ آءِ او ايس ورزن ۾ ڪم جاري آهي ۽ اِهي اڃا تائين جاري ناهن ڪيا ويا.
رپورٽ موجب، فيچرز مان اُهي واهپيدار لاڀ حاصل ڪري سگهندا جيڪي ماهوار فيس ادا ڪندا.
ها پر واٽس ايپ جا بنيادي فيچرز، جن ۾ ميسيجنگ، وائس ۽ وڊيو ڪالز، ميڊيا شيئرنگ ۽ پرائيويسي فيچرز شامل آهن، اڳ جيان مفت دستياب هوندا.
واٽس ايپ طرفان اڃا تائين واٽس ايپ پلس جي فيس يا ان کي متعارف ڪرائڻ جي تاريخ جو اعلان ناهي ڪيو ويو.
رپورٽ موجب، واٽس ايپ پلس سبسڪرپشن ۾ بنيادي طور پرسنلائيزيشن ۽ واڌو فيچرز تي ڌيان ڏنو ويندو، جڏهن ته بنيادي فيچرز ان کان ڌار رکيا ويندا.
واڌو فيچرز ۾ هڪ چيٽ پننگ وارو فيچر به هوندو، هن وقت واٽس ايپ ۾ واهپيدار رڳو 3 چيٽس پن ڪري سگهن ٿا، جڏهن ته پر واٽس ايپ پلس واهپيدار 20 چيٽس پن ڪري سگهندا.
ان کانسواءِ جڏهن ته 14 مختلف ايپ آئڪن، 19 رنگن وارا آپشن ۽ ٻيا ڪيئي فيچرز پڻ دستياب هوندا.
رپورٽ ۾ اهو به چيو ويو آهي ته واٽس ايپ طرفان وقت سان گڏوگڏ واڌو فيچرز انگ وڌايو ويندو.
You might also like