پاڪستان ۾ تيل ۽ گيس جو هڪ ٻيو وڏو ذخيرو دريافت

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ تيل ۽ گيس جو هڪ ٻيو وڏو ذخيرو دريافت ٿي ويو.
او جي ڊي سي ايل موجب خيبر پختونخواهه جي ضلعي ڪوهاٽ ۾ تيل ۽ گيس جي شعبي ۾ نئين سال جو سڀ کان وڏو ذخيرو دريافت ٿي ويو، ذخيرو آئل اينڊ گيس ڊيولپمينٽ ڪمپني ۽ پاڪستان پيٽروليم لميٽيڊ گڏجي دريافت ڪيو.
ترجمان چيو ته ناشپا بلاڪ ۾ بارگزئي ايڪس ون کوهه مان روز 3 هزار 765 بيرل تيل ۽ هڪ ڪروڙ 12 لک اسٽينڊرڊ ڪيوبڪ فوٽ گيس به حاصل ٿيندي، کوهه جي کوٽائي ڊسمبر 2024 ۾ شروع ڪئي وئي هئي.
بيان موجب کوهه ۾ او جي ڊي سي ايل 65 سيڪڙو، پي پي ايل 30 سيڪڙو ۽ پي ايڇ ايل 5 سيڪڙو حصيدار آهن، دريافت سان ملڪي انرجي سپلاءِ اينڊ ڊيمانڊ ۾ فرق گهٽجندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.