تهران (ويب ڊيسڪ) ايران خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن اسرائيل ۽ آمريڪا رجيم چينج جي ڪوشش ڪئي ته اسرائيل جي جوهري مرڪز ديمونا کي سڌي ريت نشانو بڻايو ويندو.
پرڏيهي ميڊيا موجب هڪ اعليٰ ايراني فوجي عهديدار چيو آهي ته ايران ڪنهن به ٻاهرين مداخلت يا حڪومت ڪيرائڻ جي سازش جو ڀرپور ۽ فيصلائتو جواب ڏيندو.
ايراني عهديدار چيو ته اهڙي صورت ۾ ديمونا نيوڪليئر ري ايڪٽر ايران جي امڪاني هدفن ۾ اڳ ۾ هوندو.
هن دعويٰ ڪئي ته تهران وٽ اهڙن هدفن کي نشانو بڻائڻ جي مڪمل صلاحيت موجود آهي، ايران پنهنجي خود مختياري ۽ نظام جي تحفظ لاءِ ڪنهن به حد تائين وڃي سگهي ٿو.
You might also like