ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سوئي سدرن ايل اين جي درآمد بند ٿيڻ سبب رمضان ۾ گيس شيڊيول ۾ تبديلي جو فيصلو ڪري ورتو.
ذريعن موجب سوئي سدرن طرفان گذريل سال جو گيس شيڊيول بحال ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته گذريل سال جيان افطاري لاءِ گيس منجهند 3 وڳي کان رات ساڍي 9 وڳي تائين کليل رهندي، جڏهن ته سحري لاءِ گيس صبح 3 وڳي کان 9 وڳي تائين کليل رهندي.
ذريعن موجب نئين گيس شيديول جو باقاعدي اعلان جلد ڪيو ويندو.
You might also like