سنڌ ۾ ھن وقت عجيب سياسي ويڳاڻپ وارو ماحول آھي جو سنڌين جي مزاحمتي جدوجھد کي ڪابه سياسي پارٽي ليڊ نه پئي ڪري، بلڪه سنڌ جون وکريل ڌريون، سنڌ جا سڄاڻ نوجوان ، سنڌ جو بھادر نياڻيون ھن مزاحمتي جدوجھد جي سرواڻي ڪري رھيون آھن، اھو ڪو پھريون ڀيرو ڪونه پيو ٿئي ،ان ڪري مايوس ٿيڻ جي ضرورت ناھي. جڏھن ارشاد رانجھاڻي کي قتل ڪيو ويو تڏھن به اسان ڪراچي جي ڪجھ صحافي دوستن احتجاج ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ھئو ڪارساز وٽ ان احتجاج ۾ سڄي سنڌ اچي گڏ ٿي ھئي. ان کان پوءِ عمران خان جي حڪومت جڏھن سنڌ جو انتظامي ڪنٽرول وفاق حوالي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ھئو تڏھن به اسان جي ڪجهھ دوستن ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي اڳواڻي ۾ ھڪ ڪاميٽي جوڙي ڪراچي پريس ڪلب اڳيان احتجاج جو سڏ ڏنو ھئو ته ھزارين سنڌي گڏ ٿيا ھئا. ھنن ٻنھي احتجاجن ۾ جھنڊن، بينرن، ۽ سائونڊ سسٽم لاءِ اسان پنھنجي کيسن مان چندي جا پئسا ڏنا ھئا.
قومن تي ڪڏھن ڪڏھن اھڙا وقت ايندا آھن ته انھن جون سياسي قيادتون خود سياسي ويڳاڻپ جو شڪار ٿي وينديون آھن ۽ وقت تي فيصلو ڪري نه سگھنديون آھن ،وقت سندن ھٿن مان نڪري ويندو آھي ،عوام پاڻ ئي جدوجھد شروع ڪري ڏيندو آھي. ڊاڪٽر شاھنواز جي ايڪسٽرا جوڊيشل قتل کان وٺي اڄ تائين ساڳي صورتحال آھي جو سياسي قيادت سنڌ ۾ انتھا پسنديءِ خلاف شروع ٿيل ھن جدوجھد ۾ ماٺ آھي ۽ عوام مزاحمت ڪري پيو.
ڪراچي ۾ ايندڙ آچر يعني 13 ھين آڪٽوبر تي سول سوسائٽي جي دوستن احتجاج جو سڏ ڏنو آھي، ھن سڏ ڏيندڙ دوستن کي پنھنجو سڄو پروگرام ، شيڊيول ،وقت ، نعرا ۽ مقرر واضح ڪرڻ گھرجن، جيڪڏھن ٽي تلوار وٽ گڏ ٿيڻ جو پروگرام آھي ته ماڻھن کي ٽن تلوارن وٽ گڏ ٿيڻ جو سڏ ڏنو وڃي، ھن مارچ ۾ سنڌ جي سمورين سياسي پارٽين جي ڪارڪنن ۽ ڪراچي ۾ رھندڙ لکين سنڌين کي شريڪ ٿيڻ جي اپيل ڪرڻ گھرجي. ھن احتجاج جو اصل ھدف ڊاڪٽر شاھنواز جي قاتلن جي گرفتاري ھجڻ گھرجي. مظاھري جي آرگنائيزر دوستن کي اڳواٽ پنھنجو چارٽر آف ڊمانڊ لکت ۾ تيار ڪرڻ گھرجي. ھنن وٽ مقررن جي لسٽ ھجڻ گھرجي، گھڻين تقريرن کان پاسو ڪرڻ گھرجي، جذباتي ۽ نفرت انگيز تقريرن کان پاسو ڪرڻ گھرجي ، بينر ۽ نعرا واضح ھجڻ گھرجن، انگريزي، اردو، سنڌي ٽنھي ٻولين ۾ بينر ھجڻ گھرجن پر مکيه بينر انگريزي ۾ ھجڻ گھرجي. دوستن کي احتجاج واري ڏينھن کان ھڪ ڏينھن اڳ ڪراچي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ذريعي سڄي شيڊيول جو اعلان ڪرڻ گھرجي. اسان ڪراچيءِ جا سنڌ دوست صحافي ساڻن گڏ آھيون.
(سوشل ميڊيا جي پوسٽ)