سرمائيداري نظام ۽ جديد دؤر جون گهرجون

تحرير: زيب علي سنڌي

ھر عروج کي زوال اچڻو آھي اھا ھڪ تاريخي حقيقت آھي. ڪنھن قوم لاءِ غوربِ آفتاب جو وقت تڏھن ايندو آھي جڏھن ھو خود غرض بڻجي پوي ۽ ھر نا جائز عمل کي جائز سمجهڻ لڳي. محبت ۽ جنگ ۾ ھر شيءَ جائز ھجڻ مان مراد انساني معاشري ۾ فساد برپا ڪري ٻين جي حقن تي ڌاڙو ھڻڻ آھي. اھي قومون جن ماضيءَ ۾ ظلم جو نظام قائم ڪيو ھو، اڄ انھن جو وجود باقي ناھي رھيو. تنھنڪري اڄ جي ظالم قوتن لاءِ اھو تاريخ جو سبق ياد رکڻ گهرجي. انهن قومن کي سمجهڻ گهرجي ته جيڪڏھن اڄ به ساڳئي طرزِ عمل تي نعرا ھڻنديون رھنديون ته عنقريب زوال انھن جو مقدر بڻجندو.

اھا دنيا جي خوبصورتي آھي ته ان ۾ وقت سان گڏ تبديلي ايندي رھي ٿي ۽ ھر بدلجندڙ دور پاڻ سان نئون پيغام کڻي اچي ٿو. اسان کي سمجهڻ کپي ته جيڪا قوم پنھنجي تاريخ کان ناواقف رھندي آھي ان جو مستقبل تاريڪ ھوندو آھي. ڇاڪاڻ ته ماضي ۽ حال جو صحيح مطالعو ئي انسان جي اندر دور انديشي پيدا ڪندو آھي. ڊگهي نظر ئي قوم کي صدين تائين جيئاريندي آھي. جيڪا قوم پنھنجي آئيندي کان غافل رھندي آھي سا دنيا ۾ حق جو نظام قائم ناھي ڪري سگهندي. نئين دور جي نئين پيغام کي سمجهڻ لاءِ دور انديشي ھجڻ شرط آھي. ٻي صورت ۾ اھا قوم سياسي ۽ فڪري باريڪ بينيون ناھي سمجهي سگهندي ۽ پاڻ کي هيمشه لاءِ دفن ڪري ڇڏيندي آھي.

ڪو سماج تيستائين ترقي ناھي ڪندو جيستائين ان قوم جا اخلاقيات بلند ناھن ھوندا. طاقتور قوم  ھجڻ جو مقصد اهو ھرگز ناھي ته ڪمزورن تي ڏاڍ ۽ جبر ڪري انھن مٿان استحصالي نظام قائم ڪيو وڃي،  بلڪه ھجڻ ته ايئن گهرجي ته ھُو ھيڻن کي ھٿ ڏيئي ذلت جي زندگي مان ٻاھر ڪڍي. جيڪڏھن ھُن ۾ اھا احساسِ ذميداري پيدا نه ٿي ٿئي ته اها دھشتگرد جي علامت بڻجي ويندي آھي. ياد رھي ته زوال جا ڪڪر ان قوم جي مٿان ڦيرو ڏيندا آھن جيڪا پنھنجي سفاڪي ڪنھن مظلوم قوم تي ظاھر ڪندي آھي.

سامراجي قوتن لاءِ سڀ کان وڌيڪ خوف ڏياريندڙ عمل ”عدم تشدد“ آھي. ڇو ته عدم تشدد اھڙو ھٿيار آھي جيڪو ھر مظلوم جي ھر وقت حفاظت ڪندو آھي. عدم تشدد جو اثر هوميوپيٿڪ وانگر آھستي آھستي ته ضرور ٿيندو آھي پر بيماري جو مڪمل خاتمو ڪندو آھي. استعماري قوتون ان لاءِ به عدم تشدد کان هراسان ٿينديون آھن ڇو جو انھن کي پنھنجي مٿان ايندڙ آفتن جي ڪائي خبر ناھي پوندي. اھي سوچڻ ۾ پوريون ھونديون آھن ته وٽس مٿان ڪھڙو عذاب نازل ٿيندو ۽ نتيجي ۾ مظلوم قوم پنھنجي حڪمت سان کيس شڪست ڏيندي آھي.

جيڪڏھن اڄ سامراج پاڻ موقعو ڏيئي رھيو آھي ته ان جو فائدو وٺجي، نه ڪِي ان سان گڏ صِف آرا ٿي ڪري شور مچائجي. بلڪه ھُن جي مڪارين کان واقف ٿجي ڇو ته صرف ھڪ منظم جماعت ئي نظامِ حق جا بنياد وجهي سگهي ٿي. وقت تبديل ٿي چڪو آھي، جيڪڏھن اڄ ڪائي مظلوم جماعت تشدد جو پاسو وٺي ٿي ته اھا ظالم سڏرائبي. تنھنڪري جيئن حضرت موسيٰ   پنھنجي قوم کي عدم تشدد جي حڪمت سان فرعون کان آزادي ڏياري ۽ وڃي فلسطين پھچايو تيئن ئي اڄ سڀ کان پھريان قومي بنيادن تي نظام قائم ڪرڻ جي ضرورت آھي. جيڪڏھن قومي نظام عالمي سامراج جي ماتحت ھوندو آھي ته ان جا نتيجا به انھن قوتن جي حق ۾ ئي نڪرندا آھن. تنھنڪري سمجهڻ کپي ته جيستائين ڪا قوم خودمختيار نظام ناھي جوڙيندي تيستائين بين الاقوامي بنيادن تي ان قوم جي راءِ جي ڪائي حيثيت ناھي ھوندي.

سامراجي قوتن لاءِ سڀ کان وڌيڪ خوف ڏياريندڙ عمل ”عدم تشدد“ آھي. ڇو ته عدم تشدد اھڙو ھٿيار آھي جيڪو ھر مظلوم جي ھر وقت حفاظت ڪندو آھي. عدم تشدد جو اثر هوميوپيٿڪ وانگر آھستي آھستي ته ضرور ٿيندو آھي پر بيماري جو مڪمل خاتمو ڪندو آھي. قابض  قوتون ان لاءِ به عدم تشدد کان هراسان ٿينديون آھن ڇو جو انھن کي پنھنجي مٿان ايندڙ آفتن جي ڪائي خبر ناھي پوندي. اھي سوچڻ ۾ پوريون ھونديون آھن ته وٽس مٿان ڪھڙو عذاب نازل ٿيندو ۽ نتيجي ۾ مظلوم قوم پنھنجي حڪمت سان کيس شڪست ڏيندي آھي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.