اهو 1963ع جو زمانو هو، جڏهن پاڻ ڪشمور ۾ تعليم پرائڻ دوران پنهنجي استاد آذر ناياب بدايوني جي رهبريءَ ۾ لکڻ شروع ڪيائون. سنڌي ۽ اردو توڙي سرائڪي زبانن ۾ نه صرف لکڻ لڳو پر ڇپجڻ به لڳو. انهن ڏينهن ۾ ڪشمور جي علمي ۽ ادبي ماحول تي آذر صاحب جو اثر ڇانيل هو، وٽس شعبان بخت، فيض بخشاپوري، عبدالڪريم گدائي، رشيد احمد لاشاري توڙي ٻيا پڪا پختا شاعر اچي ڪٺا ٿيندا هئا ۽ علمي ادبي محفل ڪڏهن تنقيدي رخ اختيار ڪري ويندي هئي ته ڪڏهن بياض کلي ويندا هئا ۽ مشاعرو شروع ٿيندو هو. اهڙي ماحول ۾ رهندي سنڌ جي ويدانتي ڪوي سامي جو پاڙيسري ڀلا ڪٿي خاموش ٿي ويهي سگهيو سو پاڻ به شعر پڙهندو هو ۽ انهن ناليوارن ڪوين جا رايا دل سان تسليم ڪندو هو. تن ڏينهن جا شاعر به تنقيدي راءِ اهڙي پيش ڪندا هئا جو سکڻ وارو سکي وٺندو هو، ان جي برعڪس اڄ اهڙو به ڪٿي ڪٿي ماحول ڏسون ۽ ٻڌون پيا جو رهبري ڪرڻ وارو تنقيدي راءِ اهڙي ته پيش ٿو ڪري جيڪا تنقيد جي علم واري اصولن ۾ شامل ئي نٿي ٿئي. تڏهن ئي ته اڳي گهڻا ئي شاگرد ناليوارن استادن جي رهبري ۾ عالم، اديب، شاعر ۽ علم دوست بڻجي ادب جي دنيا ۾ اڀري آيا جن جا تذڪرا پاڻ ويٺا ڪريون ٿا.
اهي اُهي ڏينهن هئا جن ڏينهن ۾ سنڌي زبان جا مشهور ماهوار نئين زندگي ۽ مهراڻ جهڙا رسالا مطالعي هيٺ اچڻ کانپوءِ پڙهندڙن کان به اُجرا احساس قلمبند ڪرائيندا هئا. ساڳي روايت تي هلندي ”نقش“ ناياب منگي نه صرف مهراڻ ۽ نئين زندگي جو مطالعو ڪندو هو پر نئي دهلي مان بيسوين صدي به پابندي سان گهرائي پڙهندو هو، تنهن اردو رسالي ۾ ته سندس مواد پڻ وڏي عرصي تائين ڇپيو. انهن ڏينهن ۾ حق نواز اي مجيد جي نالي سان لکندو هو يا 1968ع ۾ روهڙي جا وڻ وسايائين ته مستانه شڪارپوري ٿيو، پوءِ جڏهن محسوس ڪيائين ته شاعري جي ڏات برسات جيان ٽمي منهنجي زندگي کي شعور آڇي رهي آهي تڏهن پنهنجي استاد آذر ناياب کي اهميت ڏيئي “نقش” تخلص سان ناياب ڳنڍي سنڌ ۽ هند جي مشهور ادبي رسالن ۾ پنهنجون ڪويتائون ۽ نثري رچنائون شايع ڪرائڻ لڳو.
تعليم حاصل ڪرڻ دوران پاڻ جيڪي سنڌي، انگريزي، اردو، فارسي، عربي، ديوناگري ۽ ٻين ٻولين ۾ ڪتاب، رسالا ۽ مئگزين گڏ ڪري رکيا هئا تن کي دوستن آڏو نروار ڪيائين. دوستن کي لکڻ لاءِ آماده ڪندو هو ۽ تحقيق جي شعبي ۾ پاڻ ڪيترائي شاگرد پيدا ڪري ويو. جن سندس چيچ پڪڙي صحيح طرح سان شڪارپور تي ۽ انهن سان وابسته اهڙن موضوعن تي ڪم ڪري ڏيکاريو جيڪو ڪم اڳ ماضي ۾ نه ٿيو هو. .ڪتابن سان گهڻو چاهه هئس، سنڌ جي علمي، ادبي، تاريخي ۽ سياسي موضوعن توڙي صحافت ۽ شخصيتن جي متعلق خاص طور تي شڪارپور جي حوالي سان اهڙو ته ناياب مواد گڏ ڪري ويا آهن جو اهڙو مواد گهڻي ڀاڱي ٻي هنڌ ملڻ مشڪل آهي.
”نقش“ ناياب منگي پنهنجي ذات ۾ اداري کان گهٽ نه هيو. هر روز شام جو هاٿيدر هجي يا لکيدر تي جيڪا ڪچهري قائم ڪندو هو ته نه صرف استاد وٽس اچي ڪري پرائي ويندا هئا، پر صحافي به ۽ وڏيون ڊگريون رکڻ وارن عالمن توڙي اديبن جا ته تحقيقي مقالا ڏينهن جا ڏينهن ۽ هفتن جا هفتا درست ڪرڻ ۾ محنت ڪندو هو. شڪارپور جي ادبي محفل ۾ شاعر طور به سُڃاتو ويندو هو. بشير مورياڻي جي غزلن کانپوءِ شڪارپور ۾ سندس ئي غزلن کي اوليت حاصل رهي آهي. اهو ته روز جو معمول هو ته وٽس سيکڙاٽ شاعر اچي علم عروض سکندا هئا. شاعرن کي بحر وزن ٻڌائي، پنن تي لکي سمجهائي، لکيل شعرن جي تقطيع ڪري مشڪلاتون دور ڪندو هو. مشق جا اهڙا ڪلاس ته اڄ ڪو ادارو به نه هلائي سگهندو. افسوس ان ڳالهه جو به آهي ته هيري جو قدر جوهري کانسواءِ ٻيو ڪري به ڪير ٿو سگهي؟ سو سالن جا سال ”نقش“ ناياب منگي سان گڏ گذارڻ وارا ڪجهه شخص پنهنجي ٻيائي، تعصب ۽ غرض جي ڪري سندس ڏات جي ڏهين حصي تي به پهچي نه سگهيا اُهي اڄ ساڙ منجهان اهو فيصلو ٿا ڪن ته ڪهڙي درجي جي شاعري کيس ايندي هئي ۽ ڪنهن ۾ مهارت نه رکندو هو. جنهن جو جهڙو وڙ هوندو سو اهڙو ئي ڪردار ادا ڪري ڏيکاريندو. ”نقش“ ناياب منگي پنهنجو ڪردار ادا ڪندي اسان آڏو عڪس پڌرا ڪري ويو آهي هاڻي اهو اسان تي ڇڏيل آهي ته پنهنجي حصي جو ڪم سچائي سان ادا ڪندي تاريخ ۽ تحقيق توڙي ٻولي ۽ ادب جي خدمت ڪندي ڪي نتيجا ڏيون ۽ پنهنجي بزرگن جي ڏسيل واٽ تي هلي پنهنجون راهون روشن ڪريون.