بٺا مالڪن جي هڪ هٽي کي ڪير ختم ڪندو

تحرير: اعجاز چانڊيو

سڄي سنڌ مان بٺا مالڪن جي هڪ هٽي بابت مسڪين ماڻهن جون دانهون اچڻ شروع ٿي ويون آهن، بٺا مالڪن ٽن هزار سرن جي ٽرالي تي هڪ دم ئي 10 هزار روپيا واڌ ڪري ڇڏي آهي، جنهن سان هڪ روپيو، هڪ روپيو گڏ ڪري پنهنجن ٻچڙن لاءِ گهر ٺاهڻ جي ڪوشش ڪندڙ مسڪين ماڻهو سخت پريشان ٿي ويا آهن، ڪير به بٺا مالڪن کان پڇڻ وارو ناهي، تنهنڪري هنن پنهنجو ئي هڪ قانون جوڙي ڇڏيو آهي، جنهن تحت هو پنهنجي مرضي جا فيصلا ڪن ٿا ته سرن جو اگهه ڇا هجڻ گهرجي ۽ هو مزدورن کي ڪيتري مزدوري ڏيندا ۽ هو مسڪين ماڻهن کي خريد ڪري بٺي تي جانورن جهڙو سلوڪ ڪري انهن کان جبري پورهيو ڪرائيند رهندا.

ميڊيا تي تيزي سان رپورٽ ٿي رهيو آهي ته حيدرآباد ۽ ان جي ڀرپاسي وارن ٽنڊوحيدر، ٽنڊوعالم مري، شيخ ڀرڪيو، ٽنڊوفضل، ٽنڊوڄام وارن علائقن ۾ بٺي جي مالڪن سرن جو اگهه وڌائي ڇڏيو آهي، بٺي مالڪن پنهنجي من ماني ڪندي 25 هزار کان 27 هزار ۾ ملندڙ 3 هزار سرن جو ٽرالو 35 هزار کان 37 هزار روپيا ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ڪري گهر تعمير ڪرائيندڙ مسڪين ماڻهن جا مٿي تي هٿي اچي ويا آهن، جيڪڏهن ائين ئي سرن جي قيمت وڌندي رهي ته هاڻي گهر ٺهرائڻ به غريب ماڻهن جي پهچ کان چڙهي ويا.

ڏينهون ڏينهن وڌندڙ مهانگائي اڳ ۾ ئي ماڻهن کي 2 ويلا کائڻ لاءِ سخت پريشان ڪري ڇڏيو آهي، ويتر هر پاسي کان وڌندڙ مهانگائي ماڻهن کان جيئڻ جو حق به کسي رهي آهي، هر مسڪين ماڻهو جو گهر ٺاهڻ هڪ خواب هوندو آهي، پر سرن، لوهه، سيمينٽ جي وڌندڙ قيمت سبب اهو خواب به هاڻي پورو ڪرڻ مشڪل بڻجي ويو آهي، لاڳاپيل اختيارين جي ڏنل ڇوٽ جو فائدو وٺندي بٺي مالڪن سرن جي پاڻمرادو قيمت وڌائي مسڪين ماڻهن کي ٻنهي هٿن سان لٽي رهيا آهن.

ٻئي طرف بٺي تي ڪم ڪندڙ مزدورن سان به بٺي مالڪن پاران ظالماڻو رويو اختيار ڪيو پيو وڃي، مزدورن کي بٺن ۾ ٺاهيل نجي جيلن ۾ بند ڪري کين عورتن ۽ ٻارڙن سميت لوڙايو وڃي ٿو ۽ بدلي ۾ ايتري به مزدوري جا پيسا نٿا ڏنا وڃن جو اهي سک جي زندگي گذاري سگهن، بک ۽ بدحالي بٺي مزدورن جو مقدر بڻيل آهي، جڏهن ته ان جي ڀيٽ ۾ بٺي مالڪ، بٺي مزدورن ۽ گهر ٺهرائيندڙ ماڻهن جو رت چوسي ڏسندي ئي ڏسندي ڪروڙ پتي بڻجي ويا آهن، منهنجي خيال ۾ ويجهڙ ۾ بٺي مالڪن تي نه ٽيڪس وڌي آهي، نه مزدوري وڌي، نه ڪاٺين جي قيمت وڌي ۽ نه ٻارڻ وڌيو پر بٺي مالڪن پنھنجي من ماني ڪري 3 ھزار سرن واري ٽرالي جيڪا 25 کان 27 ھزار ۾ ملندي ھئي، ان جو ريٽ ھڪدم وڌائي 35 ھزار کان 37 ھزار روپيا ڪري ڇڏيو آهي، پر بٺي مالڪن جي اھڙي من ماني جو نه ضلعي انتظاميا نوٽيس ورتو، نه ليبر کاتي ۽ نه پرائيس ڪنٽرول انتظاميا ڪا اک پٽي آهي، جنھن سبب بٺي مالڪن پنهنجي ٻچڙن لاءِ اجھو اڏائڻ لاءِ سرون خريد ڪندڙ ماڻهن کان ڦرلٽ مچائي ڇڏي آھي.

لاڳاپيل اختيارين کي اهڙي عمل جو فوري نوٽيس وٺي سرن جي بٺي مالڪن خلاف سخت ڪارروائي ڪري هڪدم وڌايل سرن جو اگهه واپس ڪرايو وڃي ته جيئن مسڪين ماڻهو گهر ٺاهڻ وقت سخت پريشاني ۽ مشڪلات کان بچي سگهن ۽ گڏوگڏ بٺن تي مزدوري ڪندڙ ماڻهن جي حال تي به نظر وڌي وڃي، بٺي تي مزدورن سان جانورن وارو ورتاءُ ڪيو وڃي ٿو، هڪ بٺي مالڪ ٻئي بٺي واري کي مزدور وڪرو ڪري ٿو ۽ مزدورن کي خريد ڪندڙ بٺي مالڪ پنهنجا پيسا پورا ڪرڻ لاءِ مزدورن کي عورتن ۽ ٻارڙن سميت بٺي تي سخت پورهيو ڪرائي ٿو، بٺي مزدورن جي معصوم ٻارڙن کي اسڪول ئي نٿو موڪليو وڃي، مزدورن کي مٽن مائٽن جي خوشي يا غمي ۾ به نٿو ڇڏيو وڃي، بٺي مالڪن جي ظلم جا داستان اهي به ٻڌڻ ۾ ايندا رهيا آهن ته بٺي تي موجود بيماري مزدورن جو به علاج ئي ناهي ڪرايو ويندو، بيماري جي صورتحال ۾ بٺي مزدور تڙپندا رهندا ۽ بٺي مالڪ رڳو پنهنجن پيسا ڪمائڻ جي ڪوشش پيا ڪندا آهن، لاڳاپيل ادارن کي بٺا صنعت تي نظر وجهي سرن جو اگهه سرڪاري طور مقرر ڪرائي مزدورن کي سندن پورهئي جي حساب سان مزدور ڏئي کين بنيادي سهولتون ڏنيون وڃن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.